مُزارباني کانپوءِ هڪ ٻيو پرڏيهي ڪرڪيٽر آءِ پي ايل جي ڪري پي ايس ايل تان هٿ کڻي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز جي گودا ڪيش موتي ۽ زمبابوي جي بليسنگ مُزارباني پاڪستان سپر ليگ سيزن 11 تان هٿ کڻي ورتو.
لاهور قلندرز جي اسڪواڊ ۾ شامل ويسٽ انڊين گودا ڪيش موتي پي ايس ايل تان هٿ کڻي ورتو آهي، گودا ڪيش موتي پنهنجي فيصلي کان لاهور قلندرز کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب، گودا ڪيش موتي سفري ڏکيائين سبب پي ايس ايل نه کيڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
گودا ڪيش موتي ورلڊ ڪپ دوران ڀارت ۾ ڦاٿل ويسٽ انڊيز جي اسڪواڊ ۾ شامل هو.
لاهور قلندرز موجب، گودا ڪيش موتي جي جاءِ تي سريلنڪا جي دنيٿ ويلالاگي کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويندو.
ٻئي پاسي ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب، اسلام آباد يونائيٽيڊ جي فاسٽ بالر بليسنگ مُزارباني به پي ايس ايل تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب، اسلام آباد يونائيٽيڊ ۾ شامل بليسنگ مُزارباني پنهنجي فيصلي کان اسلام آباد يونائيٽيڊ کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
بليسنگ مُزارباني آءِ پي ايل ۾ ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز سان معاهدو ڪيو آهي، ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز بليسنگ مُزارباني کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جو باظابطا اعلان به ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.