لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) معاهدي جي ڀڃڪڙي تي زمبابوي جي ڪرڪيٽر بليسنگ مُزارباني خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي.
پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي فاسٽ بالر بليسنگ موزارباني آءِ پي ايل سان معاهدو ڪري پي ايس ايل 11 تان هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪيو هو.
زمبابوي جي ڪرڪيٽر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان ٿيل معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي، هن پي ايس ايل سان معاهدي دوران آءِ پي ايل فرنچائز سان معاهدو ڪيو.
معاهدي جي ڀڃڪڙي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بليسنگ مُزارباني خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ياد رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ گذريل سال ڏکڻ آفريڪي آل رائونڊر ڪوربن بوش خلاف به قانوني ڪارروائي ڪندي مٿس هڪ سال لاءِ پي ايس ايل ۾ شموليت تي پابندي مڙهي هئي.
You might also like