آمريڪا جو ايران ۾ اسڪول تي حملو جنگي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي: هيومن رائٽس واچ ڊائريڪٽر

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) هيومن رائٽس واچ واشنگٽن جي ڊائريڪٽر سارا ياگر چيو آهي ته آمريڪا طرفان ايران ۾ اسڪول تي حملي سان جنگي قانونن جي ڀڃڪڙي ٿي.
سارا ياگر چيو ته آمريڪي فوج طرفان ايران جي اسڪول تي حملي جي جاچ جا نتيجا ظاهر ڪن ٿا ته جنگي قانونن جي ڀڃڪڙي ٿي آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن حملو ڪندڙن ڄاڻي واڻي ٻارن جي اسڪول کي نشانو نه به بڻايو هجي ته به ان کي غلطي قرار ڏئي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.
سندس موجب آمريڪي فوج تي اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اها شهرين کي نقصان کان بچائڻ لاءِ سمورا امڪاني احتياطي قدم کڻي ها، جيڪي نه کنيا ويا.
هن چيو ته شروعاتي جاچ موجب ايران جي شهر مناب ۾ ڇوڪرين جي اسڪول تي ميزائل حملو امڪاني طور آمريڪي فوج طرفان ٿيو، تڪرارن دوران شهرين کي نقصان کان بچائڻ لاءِ آمريڪي فوج ۾ سڌارن ۽ پڇاڻي جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.