بنگلاديش خلاف تڪراري رن آئوٽ، آءِ سي سي جي سلمان علي آغا خلاف ڪارروائي

لاهور (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) بنگلاديش خلاف ٻي ون ڊي ميچ ۾ تڪراري رن آئوٽ تي ردعمل ظاهر ڪرڻ کانپوءِ پاڪستاني بيٽر سلمان علي آغا خلاف ڪارروائي ڪندي کيس هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ ڏئي ڇڏي آهي.
ان کانسواءِ آءِ سي سي پاڪستاني بيٽر سلمان علي آغا کي تنبيهه پڻ جاري ڪئي.
آءِ سي سي موجب، سلمان علي آغا کي آءِ سي سي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ليول ون جي ڀڃڪڙي ۾ ملوث قرار ڏنو ويو آهي.
آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته سلمان علي آغا بنگلاديش خلاف ٻي ون ڊي ميچ دوران آرٽيڪل 2.2 جي ڀڃڪڙي ڪئي.
آرٽيڪل 2.2 انٽرنيشنل ميچ دوران ڪرڪيٽ جو سامان، ڪپڙا يا گرائونڊ جي اوزارن سان اڻوڻندڙ ورتاءُ ڪرڻ بابت آهي.
آءِ سي سي سلمان علي آغا جي رڪارڊ ۾ هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ به شامل ڪري ڇڏي آهي.
آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته سلمان علي آغا پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪري ورتو آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڍاڪا جي شيرِ بنگلا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ دوران بنگلاديشي ڪپتان مهدي حسن ميراز آغا سلمان کي نان اسٽرائيڪر اينڊ تي تڪراري رن آئوٽ ڪيو ، جنهن تي پاڪستاني بيٽر ميدان کان ٻاهر ويندي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو.
اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽرز رميز راجا ۽ محمد حفيظ به بنگلاديشي ڪپتان جي ان عمل کي اسپورٽس مين اسپرٽ جي خلاف قرار ڏنو هو ۽ ان عمل تي مهدي حسن کي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.