چين جي شهر تيانجن ۾ شنگھائي تعاون تنظيم (SCO) جو شروع ٿيندڙ اجلاس ۾ جتي روس، پاڪستان، ڀارت، ترڪي ۽ ٻه درجن کن ملڪن جا سربراهه شريڪ آهن۔ ڀارت جو وزيراعظم نريندر مودي پهريون ڀيرو هن تنظيم جي سربراهه اجلاس ۾ سڌو سنئون شامل ٿيو آهي، ان کان اڳ هو هميشه ڪنهن وزير کي ڀارت جي نمائندگي لاءِ موڪليندو رهيو آهي. مودي جي شموليت کي ڪيترن حوالن سان اهميت ڏني پئي وڃي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ڀارتي شين تي 50 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ ۽ مودي سان ٿڌي رويي سبب ڀارت کي مجبور ٿي چين ڏانهن رخ ڪرڻو پيو آهي. ان کان اڳ ڀارت پاڻ کي آمريڪا ۽ ان جي ساٿين جي صف ۾ چين جي مقابلي واري قوت طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي ۽ اڃا به ڀارت اهڙن اتحادن جو حصو آهي جن جو مقصد ڏکڻ چين سمنڊ ۾ چين جي فوجي طاقت کي للڪارڻ آهي. آمريڪا ۽ يورپي ملڪ به ڀارت کي تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ معيشت سبب چين جي مقابلي ۾ هڪ متبادل طور آڻڻ چاهيندا رهيا آهن.پر ٽرمپ جي صدارت کانپوءِ صورتحال تبديل ٿي. نريندر مودي واشنگٽن جو دورو ڪري ٽرمپ سان ملاقات به ڪئي، پر ٽرمپ جي ٽيرف پاليسي سبب يورپين يونين سميت سڀ کان ويجها اتحادي ملڪ به متاثر ٿيا. يورپ کي آمريڪي شرطن تي نوان واپاري معاهدا ڪرڻا پيا، نتيجي ۾ آمريڪا يورپي شين تي 15 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو پر يورپ ۾ آمريڪي شين کي رعايت ڏني وئي. اهڙا ئي معاهدا آسٽريليا، جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا سان به ٿيا، پر ڀارت کي اها رعايت نه ملي سگهي. ڀارت لاءِ ٽرمپ 25 سيڪڙو ٽيرف کان اڳتي وڌي روسي تيل خريد ڪرڻ جي بدلي ۾ ڀارتي شين تي 50 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو.
اهڙي دٻاءُ سبب مودي لاءِ چين ۽ شنگھائي تعاون تنظيم ڏانهن رجوع ڪرڻ بنا چوڻ جي رهجي ويو. ماهرن جو خيال آهي ته هن اجلاس ۾ مودي جي شرڪت چين ڀارت لاڳاپن لاءِ نئين دور جي شروعات ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي ملڪن تي آمريڪي ٽيرف پاليسي جو وڏو اثر آهي. آمريڪا تي چين جو 57.6 سيڪڙو ٽيرف لاڳو آهي، جڏهن ته چين آمريڪي شين تي 32.6 سيڪڙو ٽيرف لڳائي چڪو آهي. 2024 ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جو حجم 582 ارب ڊالر رهيو، جنهن مان چين آمريڪا کي لڳ ڀڳ 439 ارب ڊالر جون شيون برآمد ڪيون. ڀارت هاڻي آمريڪي منڊي وڃائڻ کانپوءِ چين ڏانهن پنهنجون شيون وڌ ۾ وڌ برآمد ڪرڻ چاهي ٿو. چين ۽ ڀارت جي معاشي صلاحيتن ۽ حڪمت عملين ۾ وڏو فرق آهي. چين اڳ ئي آمريڪا کان سواءِ متبادل منڊيون ٺاهڻ شروع ڪري چڪو آهي ۽ ان مقصد ۾ ڪامياب به ٿيو آهي. چين پنهنجي گهريلو مارڪيٽ کي به مضبوط ڪيو آهي. ڀارت جي ابتڙ، جيڪو تازو آمريڪي پاليسين کان مايوس ٿيو آهي.
ڀارت کي هاڻي ڊگهي مدي واري حڪمت عمليءَ جي ضرورت آهي. سوال اهو آهي ته ٽرمپ کان پوءِ جي آمريڪي حڪومت ٻيهر ڀارت کي اڳ وانگر ساٿي بڻائڻ چاهي ته ڇا ڀارت چين سان ڪيل اڳڀرائي وساري ٻيهر آمريڪي ڇانوَ ۾ وڃڻ لاءِ تيار ٿيندو؟ اها ڳالهه چين جي قيادت به سمجهي ٿي، تنهن ڪري رڳو هڪ اجلاس ۽ دوستيءَ جا اعلان ڀارت چين لاڳاپن کي اوچتو نئون رنگ نٿا ڏئي سگهن. مودي کي ڪيترن ئي محاذن تي رعايتون ڏيڻيون پونديون، جيڪي سرحدي تڪرارن، پاڻيءَ جي ورڇ، دلائي لاما جي حمايت کان وٺي علائقائي ۽ عالمي حڪمت عمليءَ تائين پکڙيل آهن.
ڀارت جي چين ڏانهن ويجهڙائپ سبب ڪجهه خيال اهو به ظاهر ڪيا پيا وڃن ته شايد چين پاڪستان لاڳاپا متاثر ٿين، پر ايئن ٿيڻ جو امڪان گهٽ آهي۔ چين ۽ پاڪستان جا معاشي، سياسي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا گهرا ۽ ڊگهي مدي وارا آهن. سي پيڪ ذريعي پاڪستان چين جي بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي جو اهم حصو آهي۔ چين ڀارت سان لاڳاپا بهتر ضرور ڪرڻ چاهيندو پر ان جو مرڪزي فوڪس ڀارت کي آمريڪي اثر کان پري ڪرڻ رهندو.
شي جن پنگ مودي سان ملاقات ۾ چيو: "عالمي منظرنامو بدلجي رهيو آهي، چين ۽ ڀارت نه رڳو قديم تهذيبون آهن پر دنيا جا سڀ کان وڏا ٻه ملڪ به آهن، ٻنهي لاءِ ضروري آهي ته دوست ٿي رهن، هڪ ٻئي جي ڪاميابيءَ جو سبب بڻجن.” مودي به چيو ته ڀارت چين سان لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، پر حقيقت ۾ ان عزم کي عملي جامو پارائڻ لاءِ ڀارت کي وڏيون رڪاوٽون پار ڪرڻيون پونديون، جن ۾ سڀ کان اهم رڪاوٽ پاڪستان سان لاڳاپن جي نوعيت آهي. چين پرامن حڪمت عمليءَ جو حامي آهي، جڏهن ته ڀارت پاڪستان سان لڳاتار جهيڙن ۾ الجهيل آهي. مئي جي جهيڙن کانپوءِ ڀارت پنهنجو "آپريشن سندور” بند ڪرڻ جو اعلان به ناهي ڪيو، پر اشارا ڏئي ٿو ته ٻيهر ڪارروائي ڪري سگهي ٿو۔ اهڙي جنگي پاليسي ڀارت چين لاڳاپن ۾ وڏي رڪاوٽ رهندي.
شي جن پنگ شنگھائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي چيو: "هي اجلاس گڏيل تعاون کي وڌائڻ ۽ اتفاق پيدا ڪرڻ جي ذميواري کڻي ٿو ۽ اها تنظيم عالمي لاڳاپن ۾ هڪ نئين قوت طور اڀري رهي آهي.” پر ڀارت جي پاليسي اڃا تائين انهن اصولن سان ٽڪراءَ ۾ آهي. مودي کي گهرجي ها ته چين جي دوري کي فيصلائتو بڻائڻ لاءِ پاڪستان سان ملاقات جو شيڊول به طئي ڪري ها، پر شايد ايئن ڪرڻ جو حوصلو کيس نه ٿيو. جنگ کانپوءِ مودي جي گرفت ڪمزور ٿي آهي، دنيا ۾ به ان جنگ تي ڀارت جي بياني کي شڪ جي نظر سان ڏٺو ويو آهي ۽ اندروني طور ڀارت ۾ مودي جي حڪمت عمليءَ کي چيلنج ڪيو پيو وڃي. اهڙين حالتن ۾ جيستائين مودي وزيراعظم آهن، ڀارت چين لاڳاپن يا ڀارت جي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ ڪا وڏي تبديلي ممڪن نه آهي. تنهن ڪري هن اجلاس ۾ مودي جي شموليت کي به خاص اهميت ڏيڻ ڏکيو آهي.