ارم اختر جو درفشان سليم تي سنگين الزام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪارا ارم اختر اداڪارا درفشان سليم تي غير پيشيوراڻي رويي جو الزام هڻي ڇڏيو.
ارم اختر چيو آهي ته ڊرامي جي شوٽنگ جيڪا شروعاتي طور 5 مهينن ۾ مڪمل ٿيڻي هئي هڪ سال تائين ڊگهي ٿي وئي، منهنجي رڳو 40 ڏينهن جي ڪم کي به هڪ سال تائين ڊيگهه ڏني وئي، جنهن سبب مان سخت ڏکيائين کي منهن ڏنو.
هن دعويٰ ڪئي ته ان دير جو وڏو سبب درفشان جو غير پيشيوراڻو رويو هو، هوءَ اڪثر شوٽنگ رد ڪري ڇڏيندي هئي، ڪڏهن ڪنهن مسئلي سبب ته ڪڏهن عمري تي وڃڻ جي ڪري، جنهن سبب نه رڳو پراجيڪٽ متاثر ٿيو پر مون کي ٻيا سٺا موقعا به وڃائڻا پيا.
هوڏانهن ڊرامي جي پروڊڪشن هائوس ۽ ڊائريڪٽر دانش نواز درفشان جو دفاع ڪندي بيان جاري ڪيو آهي ته هوءَ انتهائي پيشيور اداڪارا آهي ۽ ساڻس ڪم ڪرڻ جو تجربو خوشگوار رهيو.
ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي ان معاملي تي بحث شروع ٿي ويو آهي، ڪجهه واهپيدارن ارم اختر جي حمايت ڪندي چيو ته هوءَ ڪنهن تي هروڀرو تنقيد ناهي ڪندي، سندس ڳالهه کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي، جڏهن ته ڪجهه دعويٰ ڪئي ته درفشان اڳ ئي پنهنجي مصروفيتن سبب پروڊڪشن کي آگاهه ڪري چڪي هئي ۽ کيس وقفو ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو ويو هو.
واضح رهي ته ارم اختر ”سانول يار پيا“ ڊرامي ۾ درفشان سليم جي ويڳي ماءُ جو ڪردار نڀايو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.