منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال تازو اهو چيو آهي ته پاڪستان کي پاڻي جي سلامتي بابت هڪ قومي ٻڌي واري راءِ ۽ گڏيل حڪمتِ عملي جي ضرورت آهي۔ بظاهر اها ڳالهه صحيح ۽ سمجهه ڀري لڳي ٿي؛ پر هڪ اهم سوال پنهنجي جاءِ تي موجود آهي: ڇا اهڙي هر نئين حڪمتِ عملي جي پٺيان ڪنهن نه ڪنهن مخصوص وڏي ڊيم جي تعمير جي لڪيل خواهش يا ايجنڊا ته شامل ناهي؟ پاڪستان جي پاليسي بحث ۾ اهو لاڙو ڪو نئون ناهي، جتي پاڻي جي سلامتيءَ جو ذڪر ٿيندي ئي بحث آهستي آهستي هڪ خاص ڊيم جي تعمير ڏانهن موڙيو وڃي ٿو.
ڪجهه حلقا اڪثر اهو دليل ڏين ٿا ته ”اسان تربيلا ڊيم کان پوءِ ڪو وڏو ڊيم تعمير ناهي ڪيو“، پر حقيقت ان کان مختلف آهي. منگلا ڊيم جي اوچائي ۾ لڳ ڀڳ 40 فوٽ اضافو عملي طور هڪ نئين ذخيري جي برابر هو۔ يعني هڪ نئين ڊيم جيان ئي ان کي ڳڻڻ گھرجي. ان سان گڏ، داسو ۽ ديامير ڀاشا ڊيم جهڙا وڏا منصوبا سالن کان تعمير ڪيا پيا وڃن. تنهن ڪري اهو چوڻ ته پاڪستان مڪمل طور تي ڊيم نه ٺاهيا آهن، نه رڳو حقيقتن جي ابتڙ آهي، پر پاليسي بحث کي هڪ غلط رخ ڏانھن لاڙي ڇڏي ٿو. اصل سوال اهو هجڻ گهرجي ته ڇا انهن وڏن منصوبن سان پاڻي جي بنيادي مسئلن ۾ ڪا بنيادي بهتري آئي آهي يا نه؟
پاڻي بابت وڌندڙ ڳڻتي، سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان ھندستان جي هڪطرفي ۽ غير قانوني قدمن سان گڏ، هن مسئلي کي وڌيڪ حساس ۽ جيوپوليٽيڪل بڻائي ڇڏيو آهي. ان پس منظر ۾، پاڻي هاڻي رڳو هڪ شعبي وارو مسئلو ناهي رهيو، پر اهو قومي سلامتي، معاشي استحڪام ۽ سماجي هم آهنگيءَ جو مرڪزي عنصر بڻجي چڪو آهي. قومي سلامتي جو بنياد ئي صوبن جي لاءِ پاڻي واري سلامتي آھي۔
سمجهڻ گھرجي ته رڳو تڪڙي ضرورت جو احساس ڪافي ناهي؛ اصل اهميت ان ڳالهه جي آهي ته مسئلي جي صحيح ۽ گهري سمجهه پيدا ڪئي وڃي. خطرو اهو آهي ته پاليسي سازيءَ جو هي اهم موقعو وري به پراڻن ۽ روايتي نبيرن جي ور چڙهي نه وڃي؛ خاص طور تي وڏن ڊيمن جي تعمير تي وڌ کان وڌ زور ڏيڻ! ان ڳالهھ کي وزنائتو رکڻ لاءِ ادارتي ۽ طرزِ حڪمراني (Governance) جون اُھي اصلاحون نظرانداز ڪيون ٿيون وڃن، جيڪي عالمي سطح تي وڌيڪ اثرائتيون ثابت ٿي چڪيون آهن. پاڻيءَ جي سلامتيءَ جو مفهوم رڳو ذخيرن وڌائڻ تائين محدود ناهي؛ ان جو اصل مطلب اهو آهي ته سماج پنهنجي ماڻهن جي ڀلائي، روزگار، خوراڪ جي پيداوار ۽ معاشي واڌ لاءِ مناسب مقدار ۽ معياري پاڻيءَ تائين پائيدار، منصفاڻي ۽ ڀروسي جوڳي رسائي يقيني بڻائي؛ ۽ ساڳئي وقت ٻوڏ، ڏڪار، گدلاڻ ۽ ادارتي ناڪامين جهڙن خطرن کي به منهن ڏئي سگهي.
پاڪستان جو سنڌو آبپاشي نظام بظاهر انجنيئرنگ جو هڪ شاهڪار ليکيو وڃي ٿو؛ ۽ دنيا جو سڀ کان وڏو ڳنڍيل آبپاشي نيٽ ورڪ آھي جيڪو لڳ ڀڳ 60 هزار ڪلوميٽرن تي پکڙيل واهن ۽ شاخن وسيلي 22 ملين هيڪٽرن کان وڌيڪ زمين کي سيراب ڪري ٿو. پر ان جي باوجود، هن نظام جا نتيجا انتهائي غير منصفاڻا ۽ ڪارڪردگيءَ جي لحاظ کان ڪمزور آهن. واهن مان ڇڏيل پاڻيءَ جو اڌ کان وڌيڪ حصو فصلن جي پاڙ تائين پهچڻ کان اڳ ئي ضايع ٿي وڃي ٿو. پاڪستان ۾ هڪ ڪلو ڪڻڪ پيدا ڪرڻ لاءِ لڳ ڀڳ 1200 ليٽر پاڻي استعمال ٿئي ٿو، جڏهن ته ٻين ڪيترن ملڪن ۾ اها ئي پيداوار 800 ليٽرن کان به گهٽ پاڻيءَ سان حاصل ڪئي وڃي ٿي. اهي انگ اکر چٽو ڪن ٿا ته مسئلو رڳو پاڻي جي کوٽ جو ناهي، پر پاڻي جي استعمال جي ڪارڪردگي ۽ طرزِ حڪمراني جو آهي.
انهيءَ ڪري وفاقي حڪومت لاءِ لازمي آهي ته اها وڏن ڊيمن کي هر مسئلي جو واحد حل سمجهڻ واري اداراتي لالچ کان پاسو ڪري. وڏا منصوبا سياسي طور پرڪشش ضرور هوندا آهن، پر حقيقت ۾ اهي مهانگا، ماحولياتي طور حساس ۽ سماجي طور منجھيل هوندا آهن. وڌيڪ وزنائتي ڳالهه اها آهي ته اهي بنيادي مسئلن؛ جهڙوڪ پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ، زميني پاڻي/ جر جي بي حساب استعمال، يا سم ۽ ڪلر جھڙن موضي مرضن جو علاج پيش نٿا ڪن. اهي سڀ مرض طرزِ حڪمراني سان لاڳاپيل آهن، ۽ انهن لاءِ دوا به ان حساب سان گھرجي۔
پاڻيءَ جي پيداواري صلاحيت وڌائڻ لاءِ پاڪستان وٽ ڪيترائي اهڙا رستا موجود آهن، جيڪي گهٽ خرچ وارا ۽ تڪڙو اثر ڏيکاريندڙ آهن. تحقيق ڏيکاري ٿي ته زمين ۽ پاڻيءَ جي انتظام ۾ معمولي بهتري سان زرعي پيداوار ۾ 10 کان 30 سيڪڙو تائين واڌ آڻي سگهجي ٿي. ليزر لينڊ ليولنگ/ ٻنيءَ جي سونت سان نه رڳو پاڻيءَ جو استعمال 20 کان 30 سيڪڙو گهٽجي ٿو، پر پيداوار به بهتر ٿئي ٿي. ساڳئي طرح، ”ڪراپ زوننگ“ يعني زمين جي خاصيتن ۽ پاڻيءَ جي دستيابيءَ مطابق فصلن جي چونڊ، سڄي درياھي ۽ آبپاشي نظام تي دٻاءُ گهٽائي سگهي ٿي. افسوس جو پاڪستان اڃا تائين اهڙن علائقن ۾ وڌيڪ پاڻي استعمال ڪندڙ فصل پوکي رهيو آهي جتي نه ڪافي برسات ٿئي ٿي ۽ نه ئي جر پائيدار آهي. روايتي فلڊ ايريگيشن جي جاءِ تي کيڙين تي ٻني ۾ ويهھ سيڪڙو بچت؛ ۽ ڊرپ يا اسپرنڪلر نظام اختيار ڪرڻ سان پاڻيءَ جي استعمال ۾ 30 کان 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي ممڪن آهي.
زراعت ۾ تحقيق ۽ توسيع (Extension) جي شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ جي کوٽ هن مسئلي کي وڌيڪ ڏکيرو بڻائي ٿي. جيتوڻيڪ زراعت ملڪ جي مٺي پاڻيءَ جو لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو استعمال ڪري ٿي، تڏهن به پاڪستان هن شعبي ۾ تحقيق تي انتهائي گهٽ خرچ ڪري ٿو. زرعي پيداواري صلاحيت ۾ سيڙپڪاري نه ڪرڻ صرف زرعي پاليسيءَ جي ناڪامي ناهي، پر اها پاڻيءَ جي سلامتيءَ جي به ناڪامي آهي. احسن اقبال پاران بهتر ٻجن، ڪراپ زوننگ ۽ پاڻيءَ جي قيمت مقرر ڪرڻ تي زور ڏيڻ ھاڪاري قدم آهي، پر اصل امتحان اهو آهي ته اهي خيال عملي بجيٽ، ادارتي هم آهنگي ۽ عملي قدمن ۾ ڪيئن تبديل ٿيندا .
جر يا زميني پاڻيءَ جي طرزِ حڪمراني به هڪ انتهائي اهم ۽ مڪمل طور نظرانداز ٿيل پاسو آهي. پاڪستان ۾ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آبپاشي ۽ شهرن ۾ پيئڻ جو وڏو حصو جر جي پاڻيءَ مان حاصل ڪيو وڃي ٿو، پر ان جي استعمال تي عملي طور ڪا پابندي يا لائسنسنگ نظام موجود ناهي. سنڌ جا شھر گھڻي ڀاڱي سنڌو جي پاڻي تي زندھ آھن جو سنڌ جو اسي سيڪڙو جر کارو آھي۔ پنجاب ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ جر جي سطح خطرناڪ رفتار ھيٺ وڃي رھيو آھي؛ يعني ڪڍڻ جي رفتار، ٻيهر ڀرڻ جي رفتار کان گهڻي وڌيڪ آهي. ٻين لفظن ۾، اسين هزارين سالن ۾ جمع ٿيل پاڻيءَ جا ذخيرا تيزيءَ سان ختم ڪري رهيا آهيون.
انهن سڀني ناڪامين جو سڀ کان وڏو بار سنڌ تي پوي ٿو، جيڪو سنڌو نظام جو آخري حصو آهي. دنيا جي وڏي آبپاشي نظام تائين رسائي هوندي به، سنڌ پاڻيءَ جي غير يقيني فراهمي ۽ صاف پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي. صوبي جي لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو زرعي زمين ڪلراٺي ۽ سم ورتل آهي؛ جيڪو ڏهاڪن تائين صرف آبپاشيءَ تي زور ڏيڻ ۽ ڊرينيج (نڪاسي) کي نظرانداز ڪرڻ جو نتيجو آهي. اهو پاڻيءَ جي کوٽ جو بحران ناهي، پر پاڻيءَ جي ناقص انتظام ۽ ادارتي ناڪاميءَ جو نتيجو آهي. وارابندي جو نوآبادياتي نظام اڄ به مٿين حصن کي فائدو ڏئي ٿو، جڏهن ته پڇڙي وارا آبادگار پاڻيءَ لاءِ سڪندا ۽ سُڪندا رهن ٿا. هن نظام ۾ سڌارا آڻڻ انجنيئرنگ نه، پر طرزِ حڪمراني جو چيلنج آهي.
پاڪستان جي پاڻيءَ واري ترجيحي پاليسيءَ جو سڀ کان وڏي ڀوڳنا سنڌو ڊيلٽا سَٺي آهي. ايشيا جو اھو هڪ شاندار ماحولياتي نظام، اڄ لوڻياٺو بربٽ آھي، ڇاڪاڻ ته مٿي پاڻيءَ ورائڻ سبب ڊيلٽا تائين وهڪرو تاريخي سطح کان تمام گھڻو گهٽجي ويو آهي، جنهن ڪري ماحولياتي توازن، مٽيءَ جي زرخيزي ۽ سمنڊ جي چاڙهه کي روڪڻ جي قدرتي صلاحيت ختم ٿي رهي آهي. نتيجي طور، لکين هيڪٽرن تي پکڙيل تمر جا ٻيلا تباهه ٿي رهيا آهن، مڇيءَ جي صنعت زوال جو شڪار آهي، ۽ ٺٽي ۽ سجاول جا لکين ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن. ڪنهن به قومي پاڻي جي فريم ورڪ لاءِ لازمي آهي ته سنڌو ڊيلٽا لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ماحولياتي وهڪري کي آئيني ۽ پاليسي سطح تي يقيني بڻايو وڃي.
2022ع جي تباهه ڪن ٻوڏن واضح ڪري ڇڏيو ته رڳو اسٽوريج/ ذخيرن تي ٻڌل سوچ ڪافي ناهي؛ بلڪل اصل حقيقتن کان منھن موڙڻ برابر آھي. موسمياتي تبديليءَ جي دور ۾ ڪڏهن رڪارڊ ٽوڙ مينهن ۽ ٻوڏ ايندي آهي ته ڪڏهن سخت ڏڪار. اهڙي غير يقيني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ لچڪدار (Resilient) ۽ فطرت تي ٻڌل حل ضروري آهن؛ جهڙوڪ ڍنڍن، ڍورن ۽ قدرتي نيڪال واري نظام جي بحالي، جيڪي اضافي پاڻي جذب ڪري سگهن ۽ جر کي ٻيهر ڀري سگهن. قومي فريم ورڪ ۾ ادارتي هم آهنگي، ڊيٽا سسٽم ۽ شفافيت تي زور ڏيڻ ھاڪاري قدم آهن، پر انهن قدمن جي ڪاميابي ان وقت ممڪن ٿيندي جڏهن سياسي سطح تي انهن بااثر طبقن خلاف به فيصلا ڪيا ويندا، جيڪي موجوده غير منصفاڻي نظام مان فائدو وٺي رهيا آهن.
پاڪستان جي پاڻيءَ جي مستقبل جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته اسين پيداواري صلاحيت کي ڪيتري ترجيح ڏيون ٿا، سم ۽ ڪلر جي خاتمي لاءِ ڪيترا سنجيده آهيون، ۽ ڇا اسين سنڌو ڊيلٽا کي هڪ قومي اثاثي طور تسليم ڪري ان جي حفاظت لاءِ عملي قدم کڻون ٿا يا نه. مرڪزي حڪومت جي ساک جو اندازو ان جي اعلان ڪيل ڊيمن مان نه، پر ان جي ڪيل حقيقي طرزِ حڪمراني جي اصلاحن مان لڳايو ويندو۔ صوبائي حڪومت تي ڊيلٽا ۽ سنڌ جي پاڻي کان خالي پڇڙين جو بار آھي، جنھن جو حل سندس اولين ترجيح ۾ ھجڻ گھرجي۔