سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ آن لائين جوا گيمن جو وڌندڙ لاڙو هڪ سماجي، معاشي ۽ اخلاقي بحران بڻجي ويو عام ماڻهون سخت پريشان ٿي ويا پاڪستان جا ٽڪ ٽاڪر به اهڙي جوا کي سرعام هٿي ڏيڻ لڳا حڪومت خاموش تماشائي بڻيل ماڻهن جا گهر تباھ ٿي ويا آهن پر حڪومت جي خاموشي ۽ ان وڌندڙ لاڙي تي عام ماڻهو ۽ ساڃاھ وندن شهرين ۾ سخت مايوسي هن جي روڪٿام لاءِ نوٽيس وٺي هٿي ڏيندڙن خلاف ڪاروائي جو مطالبو ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سکر سميت سموري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آن لائين موبائيل جوا گيمن جو تيزي سان وڌندڙ لاڙو هڪ سنگين مسئلو بڻجي چڪو آهي جيڪو نه صرف فردن پر پوري خاندانن کي معاشي تباهي ۽ ذهني دٻاءَ ڏانهن ڌڪي رهيو آهي جنهن ڪري هينئر تائين ڪيترائي گهر تباهه ٿي چڪا آهن
هن دور ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان هلندڙ اهي گيمون هاڻي هر عام ماڻهو جي هٿ ۾ موجود اسمارٽ فون ذريعي آساني سان دستياب آهن، جنهن سبب انهن جو اثر سماج جي هيٺئين ۽ وچولي طبقي تي وڌيڪ خطرناڪ نموني سان پئجي رهيو آهي ۽ ڪيترائي ماڻهون ان سبب قرضي ٿي ويا آهن ۽ پنهنجا گهر ٻار تباھ ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته گيمن جا ايڊمن ان ڪم مان ڪروڙين رپين منافعو ڪمائي عام ماڻهن جون زندگيون خراب ڪري رهيا آهن پر پوءِ به حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن،اهي آن لائين گيمن جا هينئر تائين هزارين قسم اچي ويا آهن اصل ۾ هي هڪ منظم ڊجيٽل جوا نظام جو حصو آهن۔ صارف کان پهرين نمبر ۽ شناختي ڪارڊ جو نمبر لڳرايو وڃي ٿو ۽ پوءِ ان جي جيزڪش، ايزي پئسا ذريعي رقم جمع ڪرائي وڃي ٿي ۽ پوءِ کيس مختلف گيمن يا بيٽنگ آپشنز ذريعي کٽڻ جي لالچ ڏني وڃي ٿي۔ شروعات ۾ ڪجهه کٽڻ جا موقعا ڏئي صارف جو اعتماد وڌايو وڃي ٿو، پر وقت سان گڏ سسٽم اهڙي نموني ترتيب ڏنل هوندو آهي جو صارف وڌيڪ رقم وڃائي ويهي ٿو هنن ايپليڪيشنن جي ايڊمن وٽ مڪمل ڪنٽرول هوندو آهي. هو جڏهن چاهي نتيجا تبديل ڪري سگهي ٿو، کٽيل رقم جاري ڪرڻ يا روڪڻ جو اختيار پڻ وٽس هوندو آهي۔
اهڙي صورتحال ۾ صارف مڪمل طور تي غير محفوظ ۽ استحصال جو شڪار بڻجي وڃي ٿو ۽ انهن جا ايڊمن وڏا امير ٿي وڃن ٿا ۽ عام ماڻهون پئسن کٽڻ جي لالچ ۾ وڏي وڏي رقمون وڃائي ويهن ٿا آن لائين جوا گيم سوشل ميڊيا پليٽفارمز تي ڪم ڪندڙ وڏا وڏا ٽڪ ٽاڪر ۽ فيس بڪ تي ڪم ڪندڙ انهن جوا گيمن جي پروموشن (هٿي وٺرائڻ) ۾ سرگرم آهن۔ اهي ماڻهو ٿوري مالي مفاد جي عيوض ماڻهن کي جلدي امير ٿيڻ جا خواب ڏيکاري انهن ايپس ڏانهن راغب ڪن ٿا انهن پروموشنز ۾ عام طور تي جعلي ڪاميابين جا اسڪرين شاٽ، وڊيو شاهديون ۽ ڪوڙيون دعوائون شامل هونديون آهن، جيڪي ماڻهن کي آساني سان متاثر ڪن ٿيون۔ نتيجي طور ڪيترائي ماڻهو پنهنجي بچت، قرض يا روزگار جا وسيلا به انهن گيمن ۾ وڃائي ويهن ٿا پر افسوس جو حڪومت اهڙي انفلانسر ٽڪ ٽاڪرن، فيس بڪ يوزرن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿي ڪري ۽ اهڙا ماڻهون عام ماڻهن کي بيوقوف بڻائي رهيا آهنجوا گيمن جا اثر صرف مالي نقصان تائين محدود ناهن، پر اهي گهڻ پاسا ۽ گهرا آهن ۽ ڪيترن ئي گهرن ۾ قرض، جهڳڙا ۽ ٻيا مسئلا مسائل وڌي ويا آهن ۽ اهڙن صارفين ۾ مايوسي، پريشاني ۽ ڊپريشن عام ٿي رهيا آهن ۽ اهڙا يوزر پنهنجا مالي نقصان پورو ڪرڻ لاءِ غيرقانوني سرگرمين ڏانهن مائل ٿي رهيا آهن
جيڪڏهن وقت سر ان خلاف سخت ۽ جامع قدم نه کنيا ويا ته ان جا اثر ايندڙ نسلن تائين محسوس ڪيا ويندا۔ حڪومت، ادارن، سوشل ميڊيا پليٽفارمن ۽ سماج جي هر شعبي کي گڏجي هن مسئلي کي سنجيدگي سان حل ڪرڻو پوندو، جيئن عام ماڻهن کي هن ڌٻڻ کان بچائي سگهجي هن وڌندڙ بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪجهھ اهم قدم ضروري آهن جن ۾ آن لائين جوا ايپس ۽ انهن جي هلائيندڙن خلاف فوري آپريشن ڪيو وڃي ۽ اهڙين گيمن جي پروموشن ڪندڙ اڪائونٽس خلاف ڪارروائي ڪري اهڙي قسمن جي مشڪوڪ ٽرانزيڪشنز کي ٽريڪ ڪري ڪيو وڃي ۽ نوجوان نسل کي ان دلدل کان ڪڌي بچايو وڃي، حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته اهڙين سرگرمين جي کليل نموني هلڻ باوجود لاڳاپيل ادارن طرفان ڪو اثرائتو قدم نظر نٿو اچي۔
قانوني طور جوا پاڪستان ۾ غيرقانوني آهي، پر ڊجيٽل پليٽفارمز تي هلندڙ هن نئين شڪل کي روڪڻ لاءِ واضح ۽ جديد قانونسازي ۽ ان تي عملدرآمد جي کوٽ آهي سول سوسائٽي ،سياسي سماجي اڳواڻن هن مسئلي تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي حڪومت پاڪستان ،قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهرجي ته اهڙي قسمن جي جوا کي پروموٽ ڪري هٿي وٺرائيندڙ سوشل ميڊيا انفلونسرز خلاف تڪڙي ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سندن اڪائونٽ مڪمل ختم ڪيا وڃن ۽ اهڙي آن لائين جوا ايپس تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري عوام ۾ آگاهي مهم هلائي انهن ماڻهن خلاف سائبر ڪرائم ادارن کي فعال بڻايو وڃي ۽ ماڻهن کي ان ڌٻڻ کان بچايو وڃي،