ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ پاڪستان ٽيم ڍاڪا پهچي وئي.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڍاڪا ايئرپورٽ پهچڻ تي شاندار آجيان ڪئي وئي، بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي اختيارين رانديگرن کي گلدستا پيش ڪيا.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي سخت حفاظتي انتظامن ۾ مقامي هوٽل پهچايو ويو.
پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 8 مئي کان ميرپور ۽ ٻي ميچ 16 مئي کان سلهٽ ۾ کيڏي ويندي، ٻئي ميچون آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو حصو آهن.
واضح رهي ته بنگلاديش خلاف پاڪستان جي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شان مسعود (ڪپتان)، امام الحق، بابر اعظم، سعود شڪيل، محمد رضوان، محمد عباس، حسن علي، خرم شهزاد، ساجد خان، نعمان علي، غازي غوري، اذان اويس، سلمان آغا، شاهين آفريدي، عبدالله فضل ۽ عماد بٽ شامل آهن.
Next Post
You might also like