لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ 11 جي فائنل کان اڳ قذافي اسٽيڊيم ۾ پڄاڻي واري رنگ برنگي تقريب ٿي.
پڄاڻي جي تقريب ۾ عارف لوهار، علي عظمت ۽ آئمه بيگ فن جو مظاهرو ڪيو، جڏهن ته تقريب جي ميزباني وسيم اڪرم ڪئي.
پي ايس ايل سي اي او سلمان نصير ۽ اڳوڻي ڪرڪيٽر ظهير عباس ٽرافي اسٽيج تي کڻي آيا، تقريب جي آخر ۾ شاندار آتشبازي جو مظاهرو به ڪيو ويو.
واضح رهي ته پي ايس ايل 11 جو فائنل پشاور زلمي ۽ حيدرآباد ڪنگزمين وچ ۾ کيڏيو پيو وڃي.
You might also like