ڪي اين شاهه، ميهڙ، وارهه، نصيرآباد، جوهي، ڀان سيد آباد، جھڏو سميت سنڌ جي اڪثر ننڍن وڏن شهرن جن کي حڪمرانن جي نااهليءَ 2010ع ۽ 2022ع ۾ ٻوڙيو، تن شهرن ۽ ڳوٺن جي رهواسين ۾ ھن وقت خوف جي فضا ڇانيل آهي، ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي صحيح ڄاڻ نٿي ملي، اليڪٽرانڪ ميڊيا خصوصن اردو ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جا ڪجهه پيج ۽ ماڻهن جا اڪائونٽ پنهنجا ويوز وڌائڻ جي چڪر ۾ خوف ۽ حراس ڦهلائڻ ۾ مصروف آهن.
هڪ رپورٽ مطابق ٻوڏ سبب کاڌ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿيندي ۽ 2022ع وانگر مهانگائي ۾ بي تحاشا اضافو ايندو. هڪ سينئر وزير مطابق 16 لک 50 هزار ماڻهو، 1657 ڳوٺ،167يوسيز 2 لک 73 هزار خاندان ٻوڏ ۾ متاثر ٿي سگهن ٿا. انهن ۾ دادو ضلعو به شامل آهي، هُن واضع طور هڪ هڪ شهر لاءِ الڳ ايڊوائيزري جاري نه ڪئي نه ئي وري مقامي شهرن جي انتظاميا ڪي قدم کنيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو ماڻهو خوف وچان پڪي مان به لڏپلاڻ ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي. پاڻيءَ جي انگ اکرن ۽ موسمياتي حوالي سان جاچ وٺون ته ڪهڙي صورتحال آهي، موسميات کاتي طرفان گرمي پد ۾ اضافي کي ڏسندي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته بي آف بنگال ۽ عربي سمنڊ مان نڪتل برساتن جا ڌار ڌار اسپيل ملڪ جي مٿانهن ۽ وچ وارن علائقن ۾ گڏجندا ۽ شديد برسات ٿيندي. يعني اسلام آباد، راولپنڊي، ڪشمير، ڪي پي ڪي جا پشاور ۽ آس پاس جا علائقا، بلوچستان، سرائيڪي وسيب، سنڌ جي سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ شديد برساتون ٿينديون، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ ته گليشيئر ليڪ آئوٽ برسٽ فلڊ GLOFs جا خطرا به ظاهر ڪيا ويا آهن.
يقينن اهو سمورو پاڻي سنڌ ڏانهن ئي اچڻو آهي. ان کان علاوه اين ڊي ايم اي طرفان اڱاري ۽ اربع جي وچ ۾ گڊو بئراج تي 9 کان 11 لک ڪيوسڪ پاڻي پهچڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته سنڌ حڪومت مطابق 7 کان 9 لک ڪيوسڪ پاڻي هوندو، اين ڊي ايم اي ۽ سنڌ سرڪار مان ڪير سچو ڪير ڪوڙو سا ته خبر ناهي، ان کان علاوه پهرين سيپٽمبر 2025ع جي فيڊرل فلڊ ڪميشن جي رپورٽ مطابق تربيلا ڊيم 27 آگسٽ کان وٺي ڀريل آهي، تربيلا ۽ منگلا جي گڏيل طور 29. 94 سيڪڙو اسٽوريج فل آهي، جهلم نديءَ ۾ ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ جھجھو پاڻي ايندو، جنهن سان منگلا ڊيم تي به دٻاءُ وڌندو، جڏهن ته بلوچستان واري پاسي کان به برساتون ٿينديون جيڪي ايندڙ سومر تائين جاري رهنديون، جڏهن ته انڊيا جي هريانا واري علائقي ۾ چؤماسي جا وسڪارا جاري آهن جيڪڏهن انڊيا پنهنجي (ريزرورس) ڊيمن مان پاڻي ڇوڙ ڪيو ته راوي، ستلج، ۽ چناب ۾ وڏي ٻوڏ هوندي ۽ 2 کان 4 سيپٽمبر تائين راوي ۽ چناب ۾ شامل ٿيندڙ نئيون به وهي اينديون، ان کان علاوه ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ راولپنڊي، گجرانوالا ۽ لاهور ڊويزن ۾ شهري ٻوڏ جو پڻ خدشو آهي.
جڏهن ته فيڊرل فلڊ ڪميشن جي پنهنجي رپورٽ ۾ گڊو وٽ اڱاري ۽ اربع وچ واري رات ۾ ايندڙ وهڪرن متعلق ڪجهه به ناهي چيو ويو جنهن سان اهو محسوس ٿئي ٿو ته هي خطرو ٽري ويو ۽ پاڻي خيرن سان سمنڊ ڀيڙو ٿيندو پر مٿين انگن اکرن جي بنياد تي چيو ويو آهي ته 6 کان 7 سيپٽمبر تي گڊو بئراج وٽ وڏي ٻوڏ جو خدشو آهي. 6 کان 7 سيپٽمبر تائين ڏسڻو اھو آھي ته ھاڻ اھو پاڻي گذري وڃي ٿو يا 2010 جي ٻوڏ جيان وري پيپلز پارٽي جي نااھل سرڪار ھٿ وٺي سنڌ کي ٻوڙائيندي، ڇاڪاڻ ته بندن جي مرمت ۽ واهن ۽ شاخن جي کاٽين جا پئسا آبپاشي کاتي ڪرپشن ڪري کائي کپائي ڇڏيا آهن، بند ڪمزور آهن، ڪجهه علائقن ۾ ته 2010ع ۽ 2022ع جا کنڊ به ناهن ڀريا ويا، ان کان علاوه گڊو بئراج جا ٻه دروازا گيٽ نمبر 64 ۽ 65 نٿا کلن، ريڻي ڪئنال جي به صفائي جي بجيٽ ڪرپشن جي ور چڙهي وئي نتيجي ۾ ان فلڊ ڪئنال ۾ به پاڻي ڇوڙ نه ٿي سگهندو، ان کان علاوه سنڌ توڙي وفاقي سرڪار جي اوليت هوندي ته ڪهڙي به صورت ۾ ڊيمن ۽ بئراجن جي اسٽرڪچر کي نقصان نه پهچائي، ماڻهو مرن ته ڀلي مرن پر اسٽرڪچر بچيل رهي.
هاڻي سنڌ جي ماڻهن کي بهتر جي اميد ۽ بدتر لاءِ تيار واري اصول کي اپنائيندي چوڪس رهڻ گهرجي، پريشان ٿيڻ بدران احتجاج ڪري انهن ڪرپٽ حڪمرانن کي پريشان ڪجي جن سنڌ کي هن موڙ تي آڻي بيهاريو آهي، ان کانسواءِ هي ٻوڏ جيڪڏهن ٽري به وڃي، اميد آهي ته خيرن سان پاڻي نڪري ويندو فقط ڪچي کي متاثر ڪندو پوءِ به روز جي بنياد تي بندن جي مضبوطي، واهن، ڪئنالن ۽ شاخن جي کاٽي ڪرڻ لاءِ ۽ سنڌو تي اڏجندڙ ڊيمن ۽ ڪئنالن ۽ پاڻي جي قدرتي وهڪرن تي قبضن خلاف جدوجهد ڪجي، حڪومت کي مجبور ڪجي ته حڪومت اشرافيا جو اسٽرڪچر بچائڻ لاءِ پاڻيءَ کي ريگستان ۾ موڪلڻ بدران شهرن ڏانهن نه موڪلي ڇاڪاڻ ته نار جي ريگستان بدران هميشه ساڄي ڪپ ڏانهن آباديءَ طرف ڪٽ هنيو ويندو آهي. مٿي ڄاڻايل شهر جي ماڻهن کي وري به اهي انتظام ضرور ڪرڻ گهرجن جنهن ۾ خرچ ڪري پئسا ضايع نه ڪجن پر پنهنجو ذهن سيٽ ڪري هر ڏکي صورت کي منهن ڏجي.