ٻوڏن کان بچڻ لاءِ ڊيم مسئلي جو حل ناهن: نصير ميمڻ

اسلام آباد (م ڊ) آبي وسيلن جي ماهر نصير ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان ۾ ايندڙ ٻوڏون قدرتي آفتون نه پر انساني عملن جو نتيجو آهن، جيڪي تباهيءَ ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته راوي، ستلج ۽ چناب ۾ هينئر وهندڙ ٻوڏن جي پويان ڊيم سائيٽون موجود ئي نه آهن، تنهنڪري اهو گليشيئل ٻوڏ ناهي، پر انتظامي ناڪامي آهي. نصير ميمڻ  خبردار ڪيو ته ڊيم جي ريگيوليشن انتهائي حساس هوندي آهي، جيئن تربيلا کي ڏينهن ۾ هڪ فوٽ کان وڌيڪ ڀرڻ خطري جو سبب بڻجي سگهي ٿو. جيڪڏهن چنيوٽ ۽ شاهه جيوڻا ڊيم هجن ها ته هڪ بلين ايڪڙ فٽ جي گنجائش سان ملين ڪيوسڪ وهڪرو وڏي تباهي آڻي سگهي ها. هن ٻڌايو ته قادرآباد بئراج کي بچائڻ لاءِ بند ٽوڙڻو پيو، جڏهن ته ماڻهو ڊيم کي هر مسئلي جو حل سمجهن ٿا، جيڪو حقيقت ۾ ممڪن ناهي. ڀاشا ڊيم 25 سالن کان اڃا تائين تعمير ناهن ٿيو، تنهنڪري ڊيم جي گنجائش ۽ ماحولياتي سان گڏ سياسي عنصر به ڏسڻا پوندا آهن. نصير ميمڻ چيو ته اصل مسئلو پاڻي جا قدرتي رستا بند ڪرڻ، نالن ۽ درياهن ۾ انساني مداخلت، غلط جڳهن تي گهر ۽ فصل پوکڻ آهي. چئني صوبن ۾ درياهن ۾ انڪروچمينٽ بابت قانون آهن، قانون جي کوٽ ناهي پر انهن تي عمل نٿو ٿئي. هن چيو ته چناب مرالا وٽ 11 لک ڪيوسڪ وهڪرو مئنيج ڪري سگهي ٿو، پوءِ به ماڻهو ڇو بي گهر ٿي رهيا آهن ۽ مال ۽ فصل ڇو ٻڏي رهيا آهن؟ اهو سڀ پلاننگ ۽ ريگيوليشن جي کوٽ سبب آهي. هن زور ڏنو ته رڳو ٻه مهينا ٻوڏ دوران ڊزاسٽر مئنيجمينٽ ڪم ڪرڻ بجاءِ سڄو سال ان تي ڪم ڪرڻو پوندو. هن نشاندهي ڪئي ته درياهن ۾ پليون، رستا ۽ ٻيون اڏاوتون پاڻي جي وهڪري کي روڪين ٿيون، جڏهن ته ٻيلا ڪاٽڻ سان به وڏا نقصان ٿيا آهن. نصير ميمڻ زور ڏنو ته قدرتي ٻيلن کي بحال ڪرڻو پوندو ۽ گهٽ ۾ گهٽ هاڻي ٻيلا وڍڻ فوري طور روڪڻا پوندا. گلگت ۽ ٻين هنڌن تي قدرتي ندين ۽ نالن تي آباديون به وڏي خطري جو سبب آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.