اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) وزيراعظم ڊيم ٺاهڻ جي حڪمت عملي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن لاءِ جلد اهم اجلاس سڏايو ويندو، وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف جي حڪم تي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ مؤثر پاليسي ٺاهڻ تي ڪم جاري آهي، پاليسي جو ورڪنگ پيپر سڀني صوبائي حڪومتن سان شيئر ڪيو ويندو، پڌرائي مطابق وزيراعظم هنگامي صورتحال ختم ٿيڻ شرط اعليٰ سطحي اجلاس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ چئني صوبن جا وزيراعليٰ ۽ لاڳاپيل ادارن جا سربراهه شرڪت ڪندا، جڏهن ته وزيراعظم آزاد ڪشمير ۽ وزيراعليٰ گلگت بلتستان کي به دعوت ڏني ويندي، پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ پاڻي ذخيرا تعمير ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري رهيو آهي، جيڪي مشاورت ۽ سڀني صوبن جي مڪمل هم آهنگي سان ٺهندا، وزيراعظم چيو آهي ته موسمياتي تبديلي هڪ حقيقت آهي ۽ مؤثر تياري سان ئي قدرتي آفتن جي نقصانن کان بچي سگهجي ٿو، شهباز شريف جو چوڻ هو ته چئني صوبن، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ وفاق کي گڏجي موسمياتي تبديلي بابت ڪم ڪرڻو پوندو، سڀني کي گڏجي ماڻهن کي موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان بچائڻو آهي، هي هڪ قومي مسئلو آهي جنهن تي سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي.