پسند پرڻو ڪندڙ لکي واسي نوجوان قتل، لاش شاخ مان هٿ

لکي غلام شاھه (رپورٽ: نديم جان مهر) لکي جي رستم واري علائقي ۾ 19 ڏينھن اڳ 16 ورھين جي ناري صنم ڌيءُ اختر بروھي کي پسند جي پرڻي لاءِ وٺي ويل 22 ورھين جي نوجوان مير احمد پٽ يار محمد بروھي جو گوليون لڳل لاش چمن سکپور ڀرسان ريگيوليٽر مان ھٿ ڪيو ويو، اطلاع تي پوليس ۽ علائقي واسين پھچي نوجوان جو لاش پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، جتي لاش جي پوسٽ مارٽم ڪئي وئي، جنھن ۾ ابتدائي رپورٽ ۾ ذريعن مطابق انڪشاف ٿيو ته نوجوان جو موت لوندڙي ۽ نڙيءَ ۾ ٻه گوليون لڳڻ ڪري واقع ٿيو آھي، لاش جي  پھريان سڃاڻپ نه ھئڻ ڪري لاوارث حالت ۾ شڪارپور سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي مقتول نوجوان جي ويڳي ماءُ زر بيبي زال يار محمد بروھي پھچي نوجوان جي سڃاڻپ مير احمد پٽ يار محمد بروھي طور ڪئي جنھن بعد پوليس نوجوان جو لاش کين حوالي ڪري ڇڏيو، جنھن کانپوءِ مقتول نوجوان جو لاش سندس وارث روڄ راڙو ڪندا رستم جي ڳوٺ شير محمد بروھي ۾ کڻائي پھتا ته سندن گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، لاش تمام گھڻو خراب ھجڻ ڪري اسپتال کان ڳوٺ منتقل ڪرڻ بعد بروقت مقامي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. جڏھن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو، پيرسن عورت زر بيبي زال يار محمد بروھي ٻڌايو ته مقتول ويڳي پٽ جي سڃاڻپ کيس ڳچيءَ ۾ پاتل ڌاڳي ۽ ھڪ نشاني طور ظاھر ٿيندڙ ڏند تي ڪئي آھي، جوابدارن پٽ کي قتل ڪري سندس لاش پاڻي ۾ لوڙھي ڇڏيو آھي، مقتول جو لاش تمام گھڻو خراب ٿي ويو آھي، سندس منھن جا به نشان نه بچيا آھن، سنڌ حڪومت نوٽيس وٺي انصاف فراھم ڪري، پوليس ٻڌايو ته مقتول نوجوان جي وارثن جو چوڻ آھي ته سندن نوجوان 10 آگسٽ جي ڏينھن رستم شھر واسڻ ناري صنم ڌيءُ اختر بروھي کي پسند جي پرڻي لاءِ ساڻ ڪري ڪچي ۾ فرار ٿي ويو ھو، شڪ ٿيو آھي ته کيس دوستن غداري ڪري قتل ڪرڻ بعد سندس لاش پاڻي ۾ لوڙھي ڇڏيو، جڏھن ته ناري کي جوابدارن پاران گم ڪيو ويو آھي، ان ڏس ۾ مقتول نوجوان جي وارثن جو به چوڻ ھو ته مقتول نوجوان مير احمد بروھي ناري صنم بروھي کي چاھيندو ھيو، جنھن بعد 10 آگسٽ تي کيس ساڻ ڪري پسند جي پرڻي لاءِ نڪري دوستن وٽ ويو ته سندس قتل جو واقعو پيش آيو آھي، مقتول ڪٿي رھندو ھيو. اسان کي نه ٻڌايو ھئائين، جوابدارن اسان جي نوجوان کي قتل ڪري سندس لاش پاڻي ۾ لوڙھي ناري کي اغوا ڪري رکيو آھي، نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري ناري کي بازياب ڪرايو وڃي، نوجوان ۽ ناري جي گھران نڪرڻ بعد ناري صنم بروھي جي چاچي نذير احمد بروھي رستم ٿاڻي تي ھڪ سڃاتل جوابدار مير احمد بروھي سميت 5 جوابدارن خلاف ڇوڪري کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو ھو، جنھن ۾ چئن ڄڻن کي اڻڄاتل ڄاڻايو ويو ھو، ان ڏس ۾ ناري صنم بروھي جي وارثن سان به ڳالھه ٻولھه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر رابطو نه ٿي سگھيو، صحت کاتي جي ذريعن جو چوڻ ھو ته مقتول نوجوان جي لاش بابت ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڪجھ نٿو چئي سگھجي، ائين پنجويھ ڏينھن پراڻا به لاش ڳريل ناھن ھوندا جيئن ھي نظر آيو، نوجوان جو موت نڙي ۽ لوندڙي ۾ گولي لڳڻ سبب واقع ٿيو آھي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.