ڪراچي وري ٻڏندو؟

تحرير: پروفيسر توصيف احمد

ڪراچي ۾ جڏهن به مينهن وسندو آهي ته شهر ٻڏي ويندو آهي. ساليانو اوسط ۾ ڪراچي ۾ لڳ ڀڳ 309.6 ملي ميٽر مينهن وسندو آهي. هي مينهن اڪثر ڪري چوماسي جي موسم ۾ وسندو آهي. پاڪستان ۾ چوماسي جون کان وٺي سيپٽمبر جي وچ تائين جاري رهندو آهي، پر هاڻي موسم جي تبديلي (ڪلائيمينٽ چينج) سبب سياري ۾ به مينهن وسڻ لڳو آهي. ڪراچي تي موسمياتي تبديليءَ جا سڌا اثر پيا آهن. 2010 تائين ڪراچي ۾ ساليانو مينهن جو اوسط 500 ملي ميٽر تائين پهچي ويو. موسم بابت تحقيق ڪندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته هاڻي ڪراچي ۾ مارچ کان نومبر تائين به مينهن وسندو رهي ٿو. وڪيپيڊيا جي انگن اکرن مطابق 1967 ۾ ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ 869 ملي ميٽر مينهن وسيو هو. ان مينهن شهر جي انفرااسٽرڪچر کي تباهه ڪري ڇڏيو هو. سوين ماڻهو ان مينهن ۾ جان وڃائي ويٺا هئا. پر 1977 ۾ به ڏاڍو خطرناڪ مينهن وسيو هو، جنهن ۾ ملير نديءَ ڀرسان موجود وسنديون ٻڏي ويون هيون.

هڪ سينيئر صحافي، جيڪو ان وقت ڊرگ ڪالوني (هاڻوڪي شاهه فيصل ڪالوني) ۾ رهندو هو، ياد ڪري ٿو ته ان مينهن ۾ انتهائي وڏي پيماني تي فوتگيون ٿيون هيون. نئين صدي ۾ سال 2020 ۽ 2022 ۾ به اهڙي تباهي برپا ٿي. هاڻي ته انفارميشن ٽيڪنالوجي هر شعبي ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي. پاڪستان ۾ موسميات کاتي جا ريڊار هاڻي ڪافي بهتر اڳڪٿي ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. گوگل ۽ بي بي سي جا جديد سسٽم به موسم جي اڳڪٿي ۾ وڌيڪ موثر آهن، پر ڪراچي ۾ هڪ ڏينهن جي تباهي ظاهر ڪري ٿي ته نه وفاقي حڪومت، نه صوبائي حڪومت ۽ نه ئي ڪراچي ميونسپلٽي کي جديد پاڻي نيڪال جو نظام ٺاهڻ ۾ ڪا دلچسپي آهي، جنهن ڪري هر مينهن شهر لاءِ عذاب بڻجي ٿو

. ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪراچي کي انگريزن جي دور ۾ سائنسي ۽ جديد شهري اصولن تحت تعمير ڪيو ويو هو. شهر ۾ ٻه وڏيون نديون  ملير ۽ لياري آهن، جيڪي برساتي پاڻي سميت گٽرن جو پاڻي به سمنڊ تائين پهچائين ٿيون. 1947 تائين شهر ۾ لڳ ڀڳ 500 وڏا ننڍا نالا هئا، جيڪي کيرٿر جي جبلن مان ايندڙ وهڪرن ۽ برساتي پاڻي کي عربي سمنڊ تائين پهچائيندا هئا. انهن ندين جو پاڻي شهر جي زرعي ضرورتن لاءِ به استعمال ٿيندو هو، ڇاڪاڻ⁠ته ڪراچي هڪ وقت ۾ سرسبز زرعي زمينن سان ڀريل هوندو هو. پر پوءِ بيهوده ۽ بي ترتيب ٽائون پلاننگ ڪندڙن سفارش ۽ مفادن خاطر نالن تي وسنديون ٺهرائڻ ڏنيون. شهري معاملن جي ماهر محمد توحيد پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ڪراچي ۾ چوماسي جي موسم ۾ ٿيندڙ تباهين جو اصل سبب ٻن ڳالهين جو گڏيل نتيجو آهي: موسمياتي تبديلي ۽ تباهه حال انفرااسٽرڪچر. جيڪڏهن ڳالهه صرف موسمياتي تبديليءَ تائين محدود هجي ها ته پوءِ اها هڪ عالمي حقيقت آهي، پر ڪراچي جي ٻڏڻ جو وڏو سبب شهر جو ٽٽل ۽ ناڪارا ڍانچو آهي.

هڪ طرف شهر جو نيڪال جو نظام ڪمزور ٿي ويو آهي، ٻئي طرف صفائي لاءِ پراڻا ۽ بيڪار طريقا استعمال ڪيا وڃن ٿا. هر سال ڪروڙين رپيا خرچ ٿيڻ باوجود نالن جي مڪمل صفائي نٿي ٿئي. حقيقت اها آهي ته ڪيترين ئي نئين آبادين کي سڌيءَ طرح نالن جي رستن تي تعمير ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري پاڻيءَ جو وهڪرو روڪجي ٿو. اهي صرف ڪچيون آباديون نه پر پوش علائقا به آهن. مثال طور مائي ڪولاچي بائي پاس جي غلط تعمير سبب شهر جي ٽن وڏن نالن جو پاڻي روڪجي ويو آهي، جن کي زبردستي هڪ ننڍڙي نالي ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ساڳيءَ طرح ڊي ايڇ اي جون تعميرات محمودآباد واري پاڻي کي روڪين ٿيون، جنهن ڪري برسات ۾ وڏو علائقو ٻڏي وڃي ٿو. اهڙي صورتحال ناردرن بائي پاس تي به نظر اچي ٿي، جتي روڊ جي سطح زمين کان مٿي هجڻ سبب پاڻي سمنڊ تائين نٿو پهچي. ساڳيءَ طرح سپر هاءِ وي ڀرسان بيجا تعميرات ۽ جديد سوسائٽين قدرتي پاڻيءَ جي رستن کي بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري سعدي ٽائون ۽ ڀرپاسي وارا علائقا هر برسات ۾ ٻڏي وڃن ٿا. 2020 جي برسات کان پوءِ ڪراچي جي ڪمشنر هڪ رپورٽ جاري ڪئي هئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته سپر هاءِ وي کان صفورا ڳوٺ تائين ٺاهيل وسنديون پاڻي جي قدرتي رستن تي ٺهيل آهن، تنهن ڪري هر برسات ۾ اهي وسنديون ٻڏي وينديون.

ٻئي طرف شهر جو گٽرن جو نظام مڪمل طور ناڪاره ٿي ويو آهي. هر پاڙي کان وٺي وڏين شاهراهن تائين گندو پاڻي عام ڏينهن ۾ به وهندو رهي ٿو. جڏهن مينهن ٿئي ٿو ته شهر ۾ قيامت صغريٰ برپا ٿي وڃي ٿي. سڀ کان پهرين بجلي بند ٿي وڃي ٿي، پوءِ واٽر اينڊ سيوريج ڪارپورشن جون مشينون به بند ٿين ٿيون ڇاڪاڻ⁠ته جنريٽر جو استعمال ئي نٿو ڪيو وڃي. ٽريفڪ سگنل بجلي بند ٿيڻ سان ڪم نٿا ڪن، ٽرانسپورٽ غائب ٿي وڃي ٿي ۽ اسڪول ويندڙ ٻار، نوڪريءَ تان موٽندڙ مرد ۽ عورتون رستن تي ڦاسي وڃن ٿيون. ڪيترا ماڻهو رات دير سان گهر پهچن ٿا. وڏي عمر جا شهري ٻڌائن ٿا ته اهڙي صورتحال 1967، 1992، 2020 ۽ 2022 ۾ به ٿي هئي. هاڻوڪي ميئر جو چوڻ آهي ته شهر وٽ رڳو 40 ملي ميٽر پاڻي سمندر ۾ ڪڍڻ جي گنجائش آهي، جڏهن⁠ته تازو 140 ملي ميٽر مينهن وسيو. سوال اهو به اٿيو آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت جي 20 هزار ارب رپين جو حساب ڪٿي آهي؟ ڊي ايڇ اي ۾ رهندڙ هڪ رهواسي ته چيو ته هو هڪ ٻيڙي خريد ڪرڻ جو سوچي رهيو آهي ته جيئن ايمرجنسي ۾ ٻارن کي گهر وٺي اچي. پر غريب علائقن جا ماڻهو ڇا ڪندا؟

وزيراعليٰ هڪ ڏينهن عام موڪل جو اعلان ڪيو، پر هو وساري ويٺو ته وفاقي آفيسون ۽ ڪاروباري ادارا کوليا رهيا. وزيراعليٰ پنهنجي ڪجهه وزيرن سان گڏ شاهراهه فيصل جو دورو ڪري آيو، گورنر فوٽو ڪڍرائي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيو، پر شهر جو مسئلو حل ڪونه ٿيو. پيپلز پارٽي بلدياتي سطح تي اختيار ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، تنهن ڪري اربين روپيا سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ ۽ واٽر اينڊ سيوريج ڪارپورشن جي اهلڪارن تي خرچ ڪيا وڃن ٿا، پر نه صفائي جو نظام ٺيڪ ٿئي ٿو ۽ نه نالن جي بحالي. ڪراچي دنيا جو اهو واحد شهر آهي جنهن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ ڪوبه تيار ناهي. آصف علي زرداري جو ننڍپڻ ۽ جواني ڪراچي ۾ گذريو، پر شهر جي مسئلن تي هنن ڪڏهن ڌيان نه ڏنو. وزيراعظم شهباز شريف جون به پنهنجون ترجيحون آهن، هو ڪڏهن ڪڏهن ئي ڪراچي ايندو آهي ۽ اهو به ڪجهه ڪلاڪن لاءِ. اهڙي صورتحال ۾ ڪراچي اڳ به ٻڏو هو، ۽ وري به ٻڏندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.