روس جي صدر پيوٽن جو آمريڪا جو دورو، هڪ نئون سفارتي موڙ

تحرير: منير مهيشوري

روس جي صدر ولاديمير پيوٽن پاران 15 آگسٽ 2025ع تي آمريڪا جو دورو، عالمي سياست جي منظرنامي تي هڪ اهم ۽ غير معمولي واقعو بڻجي سامهون آيو آھي. هي دورو ان وقت ٿيو، جڏهن روس ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ شديد ڇڪتاڻ هئي، خاص طور تي يوڪرين تي روسي حملي کان پوءِ، اولهه جي پابندين، سياسي اڪيلائپ، ۽ عسڪري محاصري جي صورتحال پيوٽن لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي چڪي هئي. اهڙي نازڪ وقت ۾ آمريڪا جو دورو ڪرڻ جو مطلب رڳو ڳالهھ ٻولهھ نه، پر هڪ وڏي سفارتي جوکي وٺڻ برابر هو. پيوٽن چاهيو ته روس کي ٻيهر عالمي سفارتڪاري جي مرڪز ۾ آندو وڃي ۽ آمريڪا سان اختلافن جي باوجود هڪ اهڙو رستو ڪڍيو وڃي، جيڪو يوڪرين جي جنگ سميت ٻين اهم معاملن کي پرامن حل ڏياري سگهي.

اهو اجلاس آمريڪا جي رياست الاسڪا ۾ موجود هڪ فوجي هوائي اڏي "Joint Base Elmendorf-Richardson” تي رکيو ويو، جيڪو آمريڪي فوج لاءِ انتهائي اهميت وارو علائقو آهي. اجلاس جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا ۽ اهو دورو تقريبن ڏھ سالن کان پوءِ ڪنهن به روسي صدر جي آمريڪا آمد جي صورت ۾ ڏٺو ويو. صدر ٽرمپ، جيڪو ٻيهر اقتدار ۾ اچي چڪو هو. ان اجلاس کان اڳ پنهنجي مخصوص انداز ۾ طاقت جو مظاهرو ڪيو. هن حڪم ڏنو ته اجلاس واري علائقي جي مٿان جنگي جهاز اڏايا وڃن ۽ ساڳي جھاز B2 جيڪو آمريڪا ايران تي حملي دوران استعمال ڪيو ھو اڏايو ويو  ۽ ڪجهه جهاز علائقي ۾ بيهاريا ويا، جيئن پيوٽن کي واضح پيغام ڏنو وڃي ته آمريڪا اڃا به هڪ طاقتور ۽ بي پرواهه ملڪ آهي. تجزيي نگارن هن عمل کي نه رڳو نفسياتي دٻاءُ پر طاقت جي سياست جي علامت قرار ڏنو، جيڪو ڳالهه ٻولهه جي اڳواٽ ماحول کي طئي ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو. هن ملاقات کي "الاسڪا سربراهه اجلاس” جو نالو ڏنو ويو، پر عالمي ميڊيا، سفارتي ماهرن ۽ سيڪيورٽي ادارن هن ملاقات کي غير معمولي قرار ڏنو، ڇاڪاڻ ته هي ملاقات نه رڳو ٻن وڏن ملڪن جي اڳواڻن جي هئي، پر هڪ اهڙي وقت تي ٿي، جڏهن سڄي دنيا يوڪرين جي جنگ، روس جي عالمي حيثيت، ۽ آمريڪا جي مستقبل جي پاليسين بابت فڪر مند هئي.

هن ملاقات جي اصل ايجنڊا يوڪرين جي صورتحال هو. ٻنهي اڳواڻن، ٽرمپ ۽ پيوٽن، جنگ بندي، سيز فائر، ۽ سفارتي حل بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٽرمپ اجلاس کان پوءِ چيو ته، "ڪجھ شيون طئي ٿيون آهن، پر معاهدو تڏهن ٿيندو جڏهن سڀ شيون طئي ٿين.” هن ڳالهه مان ظاهر ٿيو ته ڳالهين ۾ ڪجهه اڳڀرائي ضرور ٿي آهي، پر صورتحال اڃا به پيچيده ۽ نازڪ آهي. پيوٽن جي پاسي کان به مشابهت سان اميد جو اظهار ڪيو ويو. هن پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته، "هي ملاقات امن لاءِ هڪ شروعاتي قدم آهي، ۽ اسان کي اميد آهي ته ان سان اڳتي جي رستي کي هموار ڪري سگهجي ٿو.” بهرحال وڏي ڳالهھ ھي آھي جو يوڪرين جي قيادت کي هن اجلاس ۾ شامل نه ڪيو ويو،  يوڪرين جي صدر چيو ته، ڪنهن به اهڙي ڳالهه ٻولهه جو ڪو فائدو ناهي، جنهن ۾ يوڪرين پاڻ موجود نه هجي. ان سان گڏوگڏ يورپي يونين به هن اجلاس کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو، ۽ چيو ته آمريڪا کي اڪيلو فيصلا ڪرڻ بجاءِ ساٿي ملڪن سان صلاح مشورا ڪرڻ گهرجي ۽ ڏٺو وڃي ته  ٻنهي اڳواڻن نرم انداز ۾ ڳالهه ٻولهه جي امڪانن بابت اميد ظاهر ڪئي.

بهرحال، اجلاس کان پوءِ فوري طور تي ڪو به باضابطه معاهدو سامهون نه آيو. روسي ميڊيا هن اجلاس کي پيوٽن جي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو، خاص طور تي ان نڪتي جي بنياد تي ته پيوٽن آمريڪا جي صدر سان برابر جي حيثيت ۾ ميز تي ويٺو، جڏهن ته ڪيتريون ئي مغربي حڪومتون کيس اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هيون. روس جي اندرين سياست ۾ به هي دورو پيوٽن لاءِ هڪ مثبت سنوڻ بڻيو، جنهن سان سندس بين الاقوامي سڃاڻپ کي هٿي ملي. ان جي ابتڙ، مغربي تجزيي نگارن ۽ يوڪرين ۾ هن اجلاس کي خدشن سان ڏٺو ويو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ڳالهه جو امڪان وڌي ويو ته روس کي بنا ڪنهن واضح شرط جي بين الاقوامي سياست ۾ ٻيهر قبول ڪيو پيو وڃي. مجموعي طور، هي دورو بظاهر مختصر، پر سفارتي لحاظ کان تمام گهڻي اهميت وارو هو. جيتوڻيڪ ڪنهن باضابطه معاهدي تي صحيح نه ٿي، پر ان سان هڪ اميد ضرور پيدا ٿي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جا دروازا کلي سگهن ٿا. عالمي تڪرارن جي موجوده ماحول ۾، جتي هر معاملي کي طاقت ۽ جنگ ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش پئي ٿئي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.