جڏهن ٻهراڙين ۾ ڪچا ڪکاوان گھر هوندا هئا. ڪوٽن جي بدران لوڙها هوندا هئا. گھرن کي مٽيءَ جي گاري سان لنبيو ويندو هو. ان زماني ۾ ماڻهو برسات پوڻ لاءِ دعائون گھرندا هئا ته مولا سائين خير جي برسات وساءِ ته ملڪ ٺري پوي. فصلن کي پاڻي اچي ڪا باغ و بهاري ٿئي. تڏهن ڳوٺن جون گھٽيون پڪيون ڪونه هونديون هيون. خاص ڪري آئون پنهنجي ڳوٺ جي ڳالهه ڪريان ٿو. نيڪال لاءِ ناليون به ٺهيل ڪونه هيون. پر، پاڻي ڪونه بيهندو هو. هيٺاهين وارن پٽن ڏانهن وهي ويندو هو يا فصلن ۾ هليو ويندو هو. تمام گھڻيون برساتون پونديون هيون. ننڍا ٻار ڪو آسمان ۾ ڪڪر ڏسندا هئا ته پاڙي جا سڀئي ٻار گڏجي “ڪارڙو ڪمارڙو ان پاڻي ڏيئي ته مينهن وسي” چوندا گھر، گھر مان ان لپ پيا وٺندا هئا. اهي به ڏاڍو خوش هوندا هئا. مالوند ماڻهو ته جئي پوندا هئا. ساوا گاهه ڦٽڻ ڪري ساوڪ ئي ساوڪ نظر ايندي هئي. رنگيني ۽ رونق لڳي ويندي هئي. جن کي ڏسي اکيون ئي ٺري پونديون هيون. برسات جي ڪري سڀ ننڍا وڏا سرها ٿي پوندا هئا. هاري ناري ٻني باري جي ڪم ۾ لڳي ويندا هئا. فصل به، پلر جي پاڻي جي اچڻ سان ڏاڍا ڀلا ٿيندا هئا. مينهن جو پاڻي فصلن ۾ به گھڻو وقت ڪونه بيهندو هو ۽ نه وري ڪو فصل ٻوڙيندو هو. پاڻي فصلن مان به نڪري پنهنجي قدرتي گس ۽ وهڪري سان وهي وڃي ڇنڊڻن جي ذريعي درياءَ ۾ پوندو هو. ڪو اتفاقي نقصان ٻڌندا هئاسون ته فلاڻي جو گھر ڪري پيو آهي فصل پاڻي ۾ ٻڏي ۽ سڙي ويو آهي. ڳوٺن کان ٻاهر وڏيون کڏون هونديون هيون جيڪي پاڻي سان ڀرجي تار ٿي وينديون هيون ته ڪيترائي ڏينهن انهن ۾ پاڻي بيٺو هوندو هو. جنهن ۾ چوپايو مال پيو وهنجندو هو. هاڻ، اهي کڏون لٽجي ويون آهن مطلب ته ان وقت برسات جو هر هڪ ماڻهو مزو وٺندو هو. اهي يادگيريون آهن. ان وقت جو ڳالهيون وسريون ڪونه آهن. پر، مرڻ گھڙي تائين ياد رهنديون.
پر، هاڻ صورتحال مٽجي ويئي آهي. حالتون بدلجي ويون آهن. قصو ئي ابتو لڳو پيو آهي. هن وقت ٿورو ئي مينهن پوي ٿو ته، رڙيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. اخبارون به مينهن جي نقصانن جي خبرن سان ڀريون پيون آهن. مضمون ۽ مقالا به گھڻا لکيا وڃن ٿا. جن ۾ برسات جي تباهڪارين جو ذڪر ڪيل هوندو آهي. ٿوري پلر جي پالوٽ کي وڏو ۽ گھڻو ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو. دنيا کي ٻڌايو وڃي ٿو ته، تازين برساتن هيترو نقصان ڪيو آهي. جاني توڙي مالي نقصان جا تفصيل بيان ڪيا ويندا آهن. واقعي طوفاني برساتون نقصان به ڪن ٿيون. جيئن مون مٿي عرض ڪيو آهي ته، اڳ ۾ به اهڙيون برساتون پونديون هيون. پر، ايترو نقصان ڪونه ٿيندو هو. پوءِ، هاڻ نقصان ڇو ٿي رهيو آهي. ان جا سبب ۽ ڪارڻ ڪهڙا ٿي سگھن ٿا. پلر جي پاڻي ماڻهن جي گھرن ۾ ڪاهجيو پوي ٿو. فصلن ۾ پاڻي بيهو وڃي ٿو. پاڻي جي نيڪال تان ڪافي جهيڙا به ٿيا آهن. باهمي اختلاف به پيدا ٿيا آهن. جنهن ڪري اسان جي ٻڌي ۾ شگاف پئجيو وڃي ٿو. ٿوري ڳالهه تان اختلاف وڌيو چوٽ چڙهيو وڃن ٿا. آئون سمجهان ٿو ته، ان جو هڪ خاص ڪارڻ اهو آهي ته، پاڻي جا قدرتي گس ۽ وهڪرن جا رستا ڪونه آهن. جيڪي اڳ ۾ هوندا هئا جتان پاڻي وهي ويندو هو. اهي سڄي سنڌ جي هر علائقي ۾ هوندا هئا. هاڻ ڪٿي به ڪونه آهن. انهن گسن، پيچرن ۽ وهڪرن جي رستن تي بااثرن قبضا ڪري ڇڏيا آهن. وڏا بند ڏيئي پاڻي کي روڪيو وڃي ٿو. پاڻي کي ڪيڏانهن به وهڻ جي جاءِ ڪونه ٿي ملي. جنهن ڪري بيٺل پاڻي ٻوڙيو تباهي ڪريو ڇڏي. پوءِ عوام جون چوڌاري رڙيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. احتجاج ڪيا وڃن ٿا ۽ ڌرڻا هنيا وڃن ٿا. واهر ۽ مدد لاءِ ماڻهو پڪاريندا رهندا آهن ۽ واجهائيندا رهندا آهن.
جيڪڏهن پاڻي جي وهڪرن جا رستا آزاد ڪرايا وڃن ته پوءِ، گھٽ نقصان ٿيندو. پر، هن وقت جيڪو نقصان ٿي رهيو آهي. ان جو ازالو به ڪري نه ٿو سگھجي. ان ڪري حڪومت کي گھرجي ته، ڄاڻايل گس کولرايا وڃن ۽ پاڻي کي نيڪال ڪرڻ لاءِ رستا ڏنا وڃن ته جيئن پاڻي وهي وڃي ۽ درياءَ ۾ وڃي ڇوڙ ڪري. پر، جيڪڏهن بااثرن کان اهي قبضا ختم نه ٿا ڪرايا وڃن. جن رستن تي انهن جو قبضو آهي ته پوءِ ياد رکو ته ٿوري به برسات نقصانڪار ثابت ٿي سگھي ٿي. جيڪي نالا به بند آهن. انهن جون کاٽيون کڻائي ۽ گند ڪچري کان صاف ڪرائي پاڻي کي نيڪال ڪيو وڃي. ڪراچيءَ ۾ تازين برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي. حڪومت جو موقف آهي ته پاڻي جي نيڪال جا نالا صاف آهن. پاڻي انهن ۾ وهي رهيو آهي. ٻئي طرف ڪي سياسي جماعتون ان ڳالهه کي تسليم ئي ڪونه ٿيون ڪن ۽ مڃڻ کان انڪار ڪري رهيون آهن. انهن پارٽين جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته، نالا صاف ڪونه آهن. اصل حقيقت ڇا آهي. ان باري ۾ آئون ڪجهه چئي نه ٿو سگھان. حتمي راءِ، ڪراچي جو عوام ئي ڏيئي سگھي ٿو. باقي بهراڙين ۾ برساتي نالا ۽ قدرتي وهڪرن جا گس ڪونه ٿا ڏسڻ ۾ اچن. انهن تي قبضا آهن. پر، حڪومت اهي قبضا ڇڏائڻ لاءِ ڪوبه قدم ڪونه ٿي کڻي. جيڪڏهن چئجي ته حڪومت مذڪوره قبضن ڇڏائڻ جي معاملي ۾ بلڪل ناڪامياب ٿي چڪي آهي ته ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو. ان سلسلي ۾ مڪمل طرح حڪومت جي خاموشي آهي. ان خاموشي جو ڇا ڪارڻ آهي. ان متعلق ڪي سمجهو ئي سمجهي سگھن ٿا. بس، ان ڏس ۾ اشارتن اهوئي عرض ڪيو اٿم.
سال 2022ع ۾ وڏي برسات پئي هئي. ان کان انڪار ڪونه اٿئون. ان ۾ مون پنهنجو ذاتي مشاهدو ۽ تجربو ڪيو هو. ڏٺو هوم ته، ڄاڻايل گس سمورا بند آهن. پاڻي هيٺاهين ۾ بيهجي ويو. جنهن کي لنگھه نه ملڻ ڪري ان جي سطح وڌندي ويئي ۽ نيٺ مٿانهين تي پهچي ويو ٻيا هٿرادو ڪٽ به هڻايا ويا ۽ هٿ سان ڳوٺ ۽ شهر ٻوڙايا ويا بهر حال اهو هڪ ماضي جو قصو آهي. ان تي اڳ ۾ به ڪافي لکجي چڪو آهي. موجوده وقت ۾، ٻيهر لکڻ ضروري ڪونه ٿو سمجهان. چوڻ جو مطلب ته، ان برسات ۾ به پاڻي جي وهڪرن جا گس بند هئا. جنهن ڪري ايڏي وڏي تباهي ٿي جنهن جو ڪو اندازو نه آهي. جيڪڏهن اهي گس کليل هجن ها ته سنڌ جا شهر، ڳوٺ ۽ فصل ڪونه ٻڏن ها. تباهي ڪانه اچي ها. حڪومت کي ماضي جي تجربن کي سامهون رکندي، بيان ڪيل گس کولرائي ۽ قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ گھرجن. ائين ڪرڻ سان ڪيڏي به وڏي برسات اچي ته، پاڻي ڪونه بيهندو ۽ نيڪال سسٽم هئڻ ڪري وهي وڃي درياءَ ۾ پوندو. جنهن سان نقصان کان بچاءُ ٿي سگھي ٿو.
ان سلسلي ۾ حڪومت کي في الفور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. برسات جو پاڻي ضايع ڪونه ويندو پر، اهو درياءَ ۾ وڃي پوندو. جيڪو واهن ذريعي زرعي فصلن ۾ استعمال ڪري سگھجي ٿو يا انڊس رور ڏانهن موڪلي سگھجي ٿو. ان ڏس ۾ حڪومت کي قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي. اهو عوام جي مفاد وٽان آهي. ان لاءِ خدارا ڪجهه سوچيو ۽ ان ڳالهه کي نظر انداز نه ڪريو.