آگسٽ ۾ ولاديمير پيُوٽن سان ملاقات دوران صدر ٽرمپ جي ڪوشش اها هئي ته روسي صدر کي جنگبندي لاءِ قائل ڪري ثابت ڪري ته هو پنهنجن ڳالهين کي مڃرائڻ ۽ ڪامياب سوديبازي ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. پر روس جو صدر، جيڪو آمريڪا ۽ يورپ جي سخت سياسي، سفارتي ۽ معاشي دٻاءَ جو اڳ ئي گهڻو تجربو ڪري چڪو آهي، ان کي فوري طور جنگبنديءَ جي ڄار ۾ آڻڻ ممڪن نه ٿي سگهيو. پيُوٽن سان ملاقات کان پوءِ ئي صدر ٽرمپ يوڪرين جي صدر زيليِنسڪي کي واشنگٽن گهرايو. پر هن ڀيري يوڪرين جو صدر اڪيلو آمريڪا نه پهتو، ساڻس گڏ برطانيا، جرمني، فرانس ۽ اٽلي جهڙن يورپي وڏن ملڪن جا سربراهه، ناٽو جو سيڪريٽري جنرل ۽ يورپي ڪميشن جي صدر به ٽرمپ سان ملاقات لاءِ واشنگٽن پهتا. ان ڀيري ٽرمپ جو رويو زيليِنسڪي سان ترش نه پر دوستانه هو، ڇو ته پيُوٽن سان ٿيل ملاقات سندس خواهش مطابق ڪامياب نه ٿي هئي، تنهنڪري هو واشنگٽن ۾ ٿيل گڏجاڻين کي نتيجه خيز بڻائڻ چاهيندو هو. صدر ٽرمپ چيو ته جنگبندي کانسواءِ به روس سان مستقل معاهدي لاءِ ڳالهيون شروع ڪيون وڃن. پر يوڪرين جا يورپي ساٿي ان تجويز سان متفق نه ٿيا، جڏهن ته يوڪرين جو صدر مصلحتاً خاموش رهيو.
يورپي ملڪن کي اهو به منظور نه هو ته ڪنهن مستقل معاهدي جي نالي تي يوڪرين جو 20 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو روس حوالي ڪيو وڃي. سندن ذهن ۾ 1938ع جي تلخ ياد اڄ به تازي آهي، جڏهن برطانيا، فرانس ۽ اٽلي، جنگ روڪڻ لاءِ ميونخ معاهدي تحت چيڪوسلواڪيه جو حصو بنا پڇاڇاڻ جي هٽلر حوالي ڪيو هو. تڏهن برطانيا جي وزيراعظم چيمبرلين چيو هو ته هي معاهدو يورپ ۾ امن جي ضمانت ٿيندو، پر اهڙو ڪجهه نه ٿيو. ان معاهدي کان صرف ڇهه مهينا پوءِ مارچ 1939 ۾ جرمني سڄي چيڪوسلواڪيه تي قبضو ڪري ورتو ۽ دنيا ٻي عالمي جنگ جي لپيٽ ۾ اچي وئي. ان جنگ يورپ کي انساني ۽ مالي نقصانن جو اهڙو ڏک ڏنو، جنهن جون يادون اڄ به ساڻس آهن.
يورپي ملڪن کي خوف آهي ته يوڪرين جهڙي آزاد ۽ خودمختيار رياست جو وڏو حصو روس حوالي ڪري متان ٻيهر 78 سال اڳ واري غلطي نه ورجائجي. ڇو ته ان جي ضمانت ڪير ڏيندو ته روس مستقبل ۾ يوڪرين يا ٻين پاڙيسري يورپي ملڪن خلاف فوجي قدم نه کڻندو؟ سڀ وڏا يورپي ملڪ انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته هي رڳو يوڪرين جو نه پر سڄي يورپ جي سلامتي جو سوال آهي.
جيئن يورپ کي خوف آهي، تيئن روس کي به ڪجهه خدشا درپيش آهن. ان حوالي سان روس جو موقف سخت ۽ حقيقت پسنداڻو آهي. روس چوي ٿو ته سرد جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ هن وارسا معاهدو ختم ڪيو هو، تنهنڪري اولهه لاءِ به ناٽو جي ضرورت ختم ٿي وڃڻ کپندي هئي، پر اهڙو ڪجهه نه ٿيو، جنهن ڪري روس ناٽو کي پنهنجي سلامتي لاءِ خطري طور ڏسي ٿو. روس جو چوڻ آهي ته کيس 1992ع ۾ زباني واعدو ڪيو ويو هو ته نون آزاد ٿيندڙ ملڪن کي ناٽو ۾ شامل نه ڪيو ويندو، پر اهي واعدا نڀايا نه ويا، تنهنڪري هاڻي صرف زباني ڳالهيون اعتبار لائق نه رهيون آهن. مغرب کي يوڪرين جنگ جي حوالي سان باقاعده لکت ۾ معاهدو ڪرڻو پوندو. روس ياد ڏياريندو آهي ته ٻي عالمي جنگ ۾ نازي جرمني يوڪرين ۽ بيلا روس جي علائقن مان حملو ڪيو هو، تنهنڪري هو ٻيهر اهڙو خطرو مول نه وٺندو.
روس، يوڪرين ۽ يورپ جيان آمريڪا به ڳڻتيءَ ۾ آهي. هڪ پاسي کيس پنهنجي تاريخ جي بدترين تجارتي خساري جو منهن ڏسڻو پيو آهي، جنهن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ هن وڏن واپاري ڀائيوارن تي ڳرا ٽئريف لاڳو ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ لاڳاپا خراب ڪيا، جنهن جي سياسي قيمت کيس ادا ڪرڻي پئي رهي آهي. چين، هندستان، روس، ڪينيڊا، برازيل ۽ برڪس جا ڪيترائي ملڪ آمريڪي دٻاءَ ۾ اچڻ بجاءِ پاڻ ۾ واپار وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. چين ۽ هندستان جي واپار 130 ارب ڊالر کان وڌي چڪي آهي، جنهن کي وڌيڪ 60 ارب وڌائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. روس کان تيل نه خريد ڪرڻ جو دٻاءُ به ڪارگر نه ٿيو.
بدلجندڙ عالمي منظرنامي ۾ چين ۾ ٿيل شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس اهم موڙ ثابت ٿي سگهي ٿو. يورپي ملڪن ۾ معاشي بحران سبب قوم پرست نعرا تيزيءَ سان مقبول ٿي رهيا آهن ۽ اهم يورپي ملڪ آمريڪي دٻاءُ کي نظرانداز ڪري عالمي ڏکڻ (گلوبل ساوٿ) ۾ نيون منڊيون ڳولڻ لڳا آهن. الاسڪا ۽ واشنگٽن ۾ اعليٰ سطح تي ٿيل بي نتيجا ملاقاتون به ظاهر ڪن ٿيون ته رڳو ايشيا ئي نه پر يورپ به هاڻي آمريڪا جي هر خواهش اڳيان سر جھڪائڻ لاءِ تيار نه آهي. آمريڪا کي جن مشڪلاتن جو منهن ڏيڻو پيو پيو آهي، اهي يقيناً صدر ٽرمپ جي پيدا ڪيل نه آهن، پر کين داخلي ۽ عالمي سطح تي ان جي قيمت ضرور چڪائڻو پيو ٿو پوي. صدر ٽرمپ يوڪرين-روس جنگ ختم ڪرائڻ ۾ سخت سنجيده آهن، ڇو ته هن جنگ ۾ اربين ڊالر ضايع ٿيڻ آمريڪي عوام ۽ معيشت ٻنهي جي حق ۾ ناهي. پر سندن خوف اهو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ٽن سالن کان جاري هن جنگ کي ختم نه ڪرائي سگهيو ته دنيا جي سڀ کان وڏي طاقت طور سندس ساک کي ناقابل تلافي نقصان رسندو. سوال اهو آهي ته جڏهن يوڪرين تڪرار جو حل ڳولڻ وارن ملڪن ۾ ايترو خوف ۽ اعتماد جي کوٽ موجود آهي، ته پوءِ لکين بيگناهه انسانن جي جان کسيندڙ هي جنگ ڪڏهن ۽ ڪيئن ختم ٿيندي؟