تازو پاڪستان ۾ موجود صوبن کي ٽوڙي نوان ٻارنھن صوبا ٺاهڻ جو گهاٽ گهڙيو ويو آهي ۽ ميڊيا ذريعي ملندڙ ڄاڻ موجب وفاقي حڪومت ملڪ جي موجودهه صوبن کي ٽوڙي وڌيڪ 12 صوبن ۾ ورھائڻ جي رٿا تيار ڪري ورتي آهي. انھن تجويز ڪيل 12 صوبن ۾ پنجاب جا 4 صوبا: سينٽرل پنجاب، اتر پنجاب، ڏکڻ پنجاب ۽ اولهه پنجاب. بلوچستان مان 4 صوبا: ساحلي بلوچستان، سينٽرل بلوچستان، اتر بلوچستان ۽ اوڀر بلوچستان. خيبر پختون خواهه جا ٻه صوبا: اتر خيبر ۽ ڏکڻ خيبر ۽ سنڌ کي ٽوڙي ٻه صوبا: شهري سنڌ ۽ ٻهراڙي جي سنڌ ٺاهڻ جو سٽاءُ سٽيو ويو آھي.
ان حوالي سان جڏھن سڌسما واري وفاقي وزير عطا تارڙ کان پڇيو ويو ته ھو ڪوبه جواب ڏيڻ کان لنوائي ويو پر جيڪڏھن اھا خبر غلط ھجي ته ھو فورن ترديد ڪري ڇڏي ھا. ان ڏس ۾ دليل ڏنو پيو وڃي ته اھڙو قدم نسلي ۽ لساني بنيادن تي صوبائي سياست کي ڪمزور ڪرڻ ۽ وفاق کي وڌ يڪ مضبوط بڻائڻ لاءِکنيو پيو و ڃي پر جڏھن صوبن کي حق ڏيڻ وارو مطالبو زور وٺندو پيو وڃي، تڏھن صوبن جي حيثيت ميساري گهڻ صوبن ٺاھڻ جي پروپيگنڊا ڪندي چيو پيو وڃي ته صوبن کي ختم ڪبو ته صوبائيت ختم ٿي ويندي پر حقيقت ۾ اهي صوبا نه آهن، صوبا ته انگريزن غلاميءَ کي برقرار رکڻ لاءِ ٺاهيا هئا ۽ ساڳيءَ سازش تحت پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جي پھرئين ئي ڏينھن سمورن وعدن ۽ معاھدن کي لتاڙيندي اسان کي مستقل غلام رکڻ لاءِ رياستن بدران ”صوبن“ جو نالو ڏنو ويو. پر اھا تاريخي حقيقت آھي ته اھي قومون ۽ رياستون آهن ۽ اسان پنھنجي هزارن سالن جي تاريخ ، پنهنجي ڌرتي، پنهنجا وسيلا، پنهنجي تھذيب ۽ پنھنجوڪلچرکڻي پاڪستان ۾ شامل ٿيا آھيون، جيڪو ملڪ هنن قومن گڏجي ٺاهيو اهو ملڪ پنهنجين خالق قومن کي ڊاهي سگهي، ڇا اھو ممڪن آهي.
ھونئن ته پاڪستان جي وجود ۾ ايندي ئي سنڌ جي زمينن، پاڻيءَ ۽ معدني وسيلن جي ڦرلٽ جو نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو ھو ۽ سنڌ جو سمورو روينيو مرڪز ڦٻائي ويٺو پر خاص طور 8 فيبروري 2024 جي فارم 47 جي نتيجي ۾ ايندڙ اسٽيبلشمينٽ نواز ليگ ۽ پ پ جي ڳٺ جوڙ واري حڪومت دوران حڪمرانن سنڌ جو ساهه ٻوساٽڻ لاءِ ڪو به حيلو وسيلو ھٿان نه وڃايو ۽ لاڳيتو سنڌ ڌرتيءَ جي وجود تي وار ڪندا رھيا. ڪڏھن ملڪ جي صدر پاران سنڌو درياهه تي 6 غيرقانوني غيرآئيني ۽ تڪراري ڪئنال ٺاھي سنڌ سڪائڻ جي منظوري ڏني وئي، ڪڏھن سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي نيلام ڪيون ويون، ڪڏھن سنڌ حڪومت پاران سنڌي قوم جي امانت جي خزانن مان ڌارين ڪمپنين کي اربين رپيا گرانٽ طور ڏنا ويا، ڪڏھن مائنر ۽ منرل بل آڻي سنڌ جي املهه معدني وسيلن تي راتاھو ھڻڻ جا سانڀاھا ٿيا ته ڪڏھن ڪراچيءَ کي مرڪز حوالي ڪرڻ جا منصوبا جوڙيا ويا. ڪڏھن موجودهه نظام جي ناڪاميءَ ۽ صدارتي نظام آڻڻ جو ن ڳالھيون ڪيون ويون ته ڪڏھن وري سينٽ کي ڪرپٽ ادارو قرار ڏيندي ختم ڪرڻ جون ڳالھيون ٿيون ته ھاڻي وري موجودهه صوبن جي وجود کي ميساري 12 نوان صوبا ٺاھڻ جون ڳالھيون ھلي رھيون آھن پر اھي سمورا ناٽڪ ھڪ ئي سازش جي ڪڙي آھن. ۽ ان سموري ڦرلٽ تان سنڌي قوم جو ڌيان ھٽائڻ لاءِ سنڌ جي مستقل رھواسين سنڌي ۽ اردو ڳالھائيندڙن وچ ۾ جهيڙا ڪرائي گهرو ويڙهه جي رٿا رٿي وئي آھي.
تڪراري ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سنڌي قوم جي شاندار تحريڪ دوران 21 ۽ 22 مارچ تي مون ”ڪئنالن خلاف قومي تحريڪ ۽ سازشن جا خدشا“ جي عنوان ھيٺ مضمون ۾ لکيو ھو ته:” اھڙا افواهه به پکيڙيا پيا وڃن ته ملڪ ۾ انتظامي بنيادن تي وڌيڪ صوبا ٺاھيا پيا وڃن. ان منصوبي تحت سنڌي قوم جو ڌيان ڪئنالن واري مسئلي تان ھٽائڻ لاءِ، ڪنھن به اسٽيبشمينٽ جي ايجنٽ پاران سنڌ ۾ نئين صوبي جي گهُر ڪرائي، سنڌ ۾ لساني جهيڙا ڪرائڻ جي سازش ڪئي ويندي.“ پوءِ سڄي قوم ڏٺو ته حڪمرانن پاران اجرڪ واري نمبر پليٽ جي اوٽ ۾ ھڪ طرف اردو ڳالھائيندڙن جي ذھنن ۾ اجرڪ خلاف نفرت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ٻئي پاسي سنڌين کي اردو ڳالھائيندڙن خلاف چڙ ڏياري جهيڙا ڪرائڻ جي سازش ڪئي ته وري 90ع واري آپريشن دوران اردو ڳائيندڙن خلاف اسٽيبلشمنٽ جي مخبر جو ڪردار ادا ڪندڙ آفاق احمد نئين صوبي جو مطالبو ڪرڻ لڳو پر ھاڻي اردو ڳالھائيندڙ به کيس چڱيءَ طرح سڃاڻي چڪا آھن ته ھو ڪنھن جي ٻولي پيو ٻولي.
سنڌ ڌرتيءَ تي لاڳيتا وار ۽ ھلائون ٿيڻ جو ھڪ وڏو سبب اھو آھي ته سنڌ جي سرزمين جيڪا ھزارين سالن کان قدرتي نعمتن ۽ وسيلن سان مالا مال آھي ۽ ھن ڌرتيءَ جو پيٽ قدرتي گئس، تيل ڪوئلي سنگ مرمر، چوني جي پٿر، لوهه، جپسم، يورينئم، ٿورينئم، ليٿيئم، سون، ٽامي، پتل، نيوڊينئم، ڊائپروسيئم، ڪوبالٽ، نڪل، پلاٽينيئم ۽ ٿيورينئم سان ڀريل آھي ۽ ھاڻوڪي کوجنا مطابق انڊس ريجن ۾ سمنڊ اندر چار اھڙيون سائيٽون موجود آھن، جتي نه رڳو وڏي پئيماني تي تيل موجود آھي پر ان سان گڏ ايل اين جي به وڏيءَ مقدار ۾ موجود آھي، جنھن تي آمريڪا سميت دنيا جي ٻين سپر پاور ملڪن جون به نظرون کتل آھن. پاڪستان ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي (PACRA) جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ تيل جي ڳولا جو جيڪو ڪم ھلي رھيو آھي ان ۾ سنڌ ملڪ جي سمورن صوبن کان سوائي آھي. پنجاب ۾ تيل ۽ گئس جا 33 کوهه، خيبر پختون خواهه ۾ 15 ۽ بلوچستان ۾ 4 آھن جڏھن ته فقط سنڌ ۾ تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي کوھن جو تعداد 247 آھي. اھڙيءَ طرح فقط سنڌ ۾ تيل ۽ گئس جا ذخيرا 82 ڏھائي 61 سيڪڙو آھن. جڏھن ته ان کان اڳ ۾ به خانپور ضلعي گهوٽڪيءَ مان ھڪ نئين گئس جو ذخيرو ھٿ لڳو آھي، بدين ۽ سانگهڙ مان پڻ تيل ۽ گئس جا ذخيرا ھٿ اچي چڪا آھن جنھن مان اھا ڳالهه چٽي ٿي چڪي آھي ته مستقبل ۾ سنڌ، آمريڪا توڙي ٻين عالمي ملڪن ۽ ڪمپنين لاءِ مرڪزي حيثيت رکندڙ بڻجي ويندي. اھوئي سبب آھي جو مستقبل ۾ سنڌ مان نڪرندڙ خزانن جي چمڪ ۽ ھٻڇ طاقتور ڌرين کي چريو ڪري وڌو آھي سندن عقل تي پردا چڙھي ويا آھن ۽ کين آئين جي پاسداريءَ ۽ ملڪ جي سلامتيءَ کي داءُ تي لڳائيندي به ڪو عار محسوس نه پيو ٿئي. سندن پراڻي خواھش آھي ته طاقت جي زور تي تاريخي قومن کي چپي چيڀاتي ڪمزور ڪري سندن وسيلن ۽ ڌرتيءَ جي مالڪيءَ واري حق کان محروم ڪري مستقل غلامن واري حيثيت ۾ رکي ڇڏجي.
اھي سگهاريون ڌريون پنھنجا غير قانوني ۽ غيرآئيني مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ روز نوان شوشا ڇڏيندي نوان افواهه ڦھلائينديون رھن ٿيون. پر کين ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ قومن ۽ وحدتن ھيءُ ملڪ تخليق ڪيو آھي ۽ ھر تخليق ڪار کي پنھنجي تخليق سان بي انتھا محبت ھوندي آھي اسان کي به پنھنجي ملڪ سان محبت آھي پر ھن ملڪ تي قابض قوتن جو پاڪستان ٺاھڻ ۾ ڪو به ڪردار نه آھي، سندن لاءِ اھو چوڻ ئي ڪافي آھي ته ”آئي ٽانڊو کڻڻ، گهر ڌياڻي ٿي ويٺي.“پاڪستان گهڻ قومي ملڪ آھي جنھن کي ھزارين سالن جي تاريخ رکندڙ ملڪن ۽ رياستن گڏجي ٺاھيو آھي انھن قومي وحدتن جي تاريخي ۽ جاگرافيائي تشخص خلاف ڪا به ھٿ چراند ملڪ سان بغاوت برابر آھي.
سنڌ فتح ٿيل علائقو نه پر 5 ھزار سالن جي شاندار تاريخ رکندڙ ملڪ رھيو آھي پر 1940ع واري ٺھراءُ ۾ ڪيل وعدي تحت ھڪ خود مختار، خود اختيار۽ حاڪم رياست جي حيثيت ۾ پاڪستان ۾ شامل ٿيو آھي. اھا پڻ تاريخي حقيقت آھي ته پاڪستان ۾ شامل اڪائيون ڪي ”انتظامي يونٽ“ نه پر قومي وحدتون آھن، جن ھن ملڪ کي جنم ڏنوپر پاڪستان انھن وحدتن کي ناھي ٺاھيو. سگهارين قوتن کي اھا ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته سنڌي قوم جي سامھون جڏھن سنڌ جي بقاءَ وحدانيت ۽ وجود جي سلامتيءَ جو سوال ايندو آھي، تڏھن اھي پنھنجي جان ۽ مال جي پرواهه نه ڪندي، ھر حد اورانگهي پنھنجي سنڌ وطن جي حفاظت لاءِ نڪري پوندا آھن. پوءِ کڻي اھا ون يونٽ خلاف شاندار تحريڪ ھجي ڪالا باغ ڊئم جو مسئلو ھجي يا سنڌو درياهه تي ڪئنالن ٺاھڻ جو. سنڌي قوم ھر اھڙيءَ سازش جو جوان مرديءَ سان مقابلو ڪيو آھي ته پوءِ ھيءُ ته وري به سنڌ جي وجود جي بقا جو سوال آھي.
موجودهه غيرنمائندهه ايوانن ۽ ڪٺ پتلي حڪمرانن وٽ نه اھو اختيار آھي ۽ نه مينڊيٽ جو اھي صدين جي تاريخ رکندڙ رياستن جي وجود کي ميسارڻ جون ڪوششون ڪن ۽ ساڻن ٿيندڙ حق تلفين جو ازالو ۽ کين مڪمل خودمختاري ڏيڻ ۽ سندن سماجي ۽ معاشي مسئلا حل ڪرڻ بدران سندن وجود تي وار ڪن. جيڪڏھن اڃا به 73ع وارو آئين جيئرو آھي ۽ کيس سنگينن جي چنھبن سان چٿي ماريو نه ويو آھي ته اھڙي قسم جون رٿائون آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ملڪ خلاف بغاوت سمجهيون وڃن ٿيون ۽ اھڙن ماڻھن خلاف بغاوت جو ڪيس ھلايو وڃي ٿو. انھيءَ آئين مطابق مرڪز ”انتظامي يونٽن جي تشڪيل“ يا ڪنھن ٻئي بھاني سان ڪنھن به صوبي جي جاگرافيائي حدن ۾ ڪا به ڦيرڦار ڪرڻ جو اختيار نٿو رکي، جيستائين لاڳاپيل صوبي جي حقيقي طور چونڊيل صوبائي اسيمبلي پنھنجي 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت سان اھڙي اجازت نٿي ڏي. 73ع وارو آئين اھو به چوي ٿو ته ” ڪنھن به صوبي مان ملندڙ معدنيات تي پھريون حق لاڳاپيل صوبي جو آھي“ جيڪو 50 سيڪڙو آھي پر ان ڳالهه کي به گول مول ڪيو پيو وڃي. جيڪڏھن 73 وارو آئين مري چڪو آھي، جيڪا ھڪ حقيقت به آھي ته 1977ع کان ھن ملڪ کي بنا آئين جي ”ليگل فريم آرڊرن“ تحت ھلايو پيو وڃي، ته اھڙيءَ صورت ۾ اسان واپس 1935ع واري برٽش حڪومت جي آزاديءَ واري قانون (British independent law of 1935) وٽ پھچي چڪا آھيون، جتان اسان ٻيھر ”نئون سماجي معاھدو“ ڪرڻ لاءِ آزاد ھوندا سين.