ڇا پاڪستاني ڊراما واقعي سماج جي عورتن جي عڪاسي ڪن ٿا؟

تحرير: پرهه اعجاز

ميڊيا رابطي جو اهو طاقتور ذريعو آهي، جيڪو نه صرف اسان جي سوچن، پر اسان جي روزمره جي زندگين تي به گهرو اثر ڇڏي ٿو. حقيقي طور، چاهي اهو اليڪٽرونڪ ميڊيا هجي يا سوشل ميڊيا، ٻنهي جو ڪردار اسان جي رويي ۽ فيصلا سازي ۾ نمايان آهي۔ ان جي وڌيڪ وضاحت اڄ ڪالھه جي پاڪستاني ڊرامن کي ڏسي ٿئي ٿي جن ۾ عورت جي ڪردار کي ويچارو ۽ مظلوم ڏيکاريو وڃي ٿو۔ نه صرف اھو پر ان سان گڏ گڏ عورت کي مرد جا ظلم ۽ تشدد سهندي ڏيکاريو وڃي ٿو۔

گذريل ڪجهه سالن کان اهو ڏٺو ويو آهي ته پاڪستاني ڊرامن ۾ گھڻو ڪري ڪهاڻيون اھڙيون ھونديون آھن جن ۾ شادي شده مرد ۽ عورت جا غلط لاڳاپن ۽ عورت جي ڪردار جو غلط پهلو ڏيکاريو وڃي ٿو۔  ان مان ظاهر آھي ته عورت کي حقيقي زندگي ۾ به ان جي ڪردار ڪشي ڪري غلط ٿو سمجھو وڃي ۽ فرضي ڪھاڻين ۾ به غلط قرار ڏنو ٿو وڃي ۔ هر ڪھاڻي ساڳي ريت جن ۾ عورت پنهنجي زندگيءَ جا فيصلا پاڻ نٿي ڪري سگهي. ڊراما ٺاهيندڙ انهيءَ ڳالهه مان فائدو وٺن ٿا. چاهي اها ڳالهه (همسفر) ڊرامي جي هجي، "اُڊاڙي” يا (باندي)جي  هجي۔ بار بار عورت کي بي وس ۽ مجبور ڏيکاريو وڃي ٿو، جيڪا روئندي رهي ٿي ۽ هر ڀيري مختلف طريقن سان استحصال جو شڪار ٿئي ٿي۔

ڊرامن ۾ به ڪڏھن ڪا عورت ڌي جي رشتي ۾  گھر وارن جي بي رحم رويي جو شڪار آھي ته ڪڏھن ڪا عورت زال يا ماءُ جي رشتي ۾ اڻکٽ تڪليفون برداشت ڪري ٿي۔ انهن ڪهاڻين جي هڪ ڀيانڪ حقيقت اها به آهي ته معاشري جي نوجوان نسل کي صرف پريمي جوڙي جي روپ ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو، ڄڻ ته زندگي جو سڄو مقصد محبت ۽ رومان تائين محدود آهي. ان کان به وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته انهن کي گهر ڇڏڻ، بغاوت ڪرڻ ۽ پاڻ مارڻ جهڙا ڪردار ڏنا وڃن ٿا، جنهن سان نوجوانن جي ذهنن ۾ مايوسي، بي سمجهي ۽ غلط ترجيحن جو ٻج پوکيو وڃي ٿو۔ گهڻيون ڪهاڻيون اهڙن روايتي ۽ مرداڻي خيالن کي ظاهر ڪن ٿيون جن ۾ عورت جو ڪردار گهڻو ڪري فيملي جي پابندين، سماجي رواجن، گهريلو تشدد، هراسانين ۽ تنگ نظر سوچ سبب مظلوم ڏيکاريو ويندو آهي۔ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڊرامن ۾  زندگي جا حقيقي پهلو  پيش ڪيا ويندا آهن جيڪي سماجي مسلن جي بابت آھن، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته عورت جي ڪردار جا مثبت پهلو شعوري طور تي نظرانداز ڪيا وڃن ٿا، ڄڻ ته عورت صرف بيوسي ۽ ظلم سهڻ لاءِ پيدا ٿي آهي۔

ميڊيا جيڪو به ڏيکاري ٿو، ان جا سماج تي گهرا اثر ٿين ٿا. اسين ڏسون ٿا، مڃون ٿا ۽ پوءِ عمل ڪيون ٿا. سڌي يا اڻ سڌي طرح اها ڳالهه اسان جي سوچ ۽ زندگيءَ جي طرزِعمل تي اثرانداز ٿئي ٿي۔ ان جو سبب اهو آهي ته هر ڊرامي جي ڪهاڻي پيار، محبت، شادي، اولاد جو باغي ٿيڻ، طلاق،گھر ڦٽائڻ ۽ نفرتون پکيڙڻ جي متعلق هوندي آهي۔  ميڊيا کي پنهنجي پيش ڪيل مواد تي ٻيهر سوچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهو وڌيڪ سماجي مسئلا پيدا ڪري ٿو. حقيقت اها آهي ته گهڻا ماڻهو مظلوم عورت جا ڪردار ڏسڻ پسند ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي سمجهن ٿا ته اهڙيون ڪهاڻيون سماج ۾ مظلوم عورتن جي عڪاسي ڪن ٿيون. جڏهن ته ڪجهه ماڻهو اهڙيون ڪهاڻيون ڏسڻ پسند ڪن ٿا جتي عورت کي مضبوط ڪردار طور ڏيکاريو وڃي۔ پر ڳالهه اها آهي ته ميڊيا جو مواد ماڻهن جي ذهنن کي ڦيرائي ٿو ۽ انهن جي زندگين تي منفي اثر ڇڏي ٿو. ڪجهه مسئلا سامهون آڻڻ ضروري به آهن، پر ساڳئي "مظلوم عورت” وارو موضوع بار بار ڏيکارڻ سان ناظر بي حس ٿي پون ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهو رويو وڌي به وڃي ٿو۔

ميڊيا کي گهرجي ته عورتن کي حوصلو ڏيندڙ ڪهاڻيون پيش ڪن، جتي هوءَ مضبوط ۽ بااختيار هجي، زندگيءَ کي بهتر نموني گذاري سگهي. عورت کي "دشوارين ۾ ڦاٿل نياڻي” بدران هڪ اهڙي ڪردار طور ڏيکارڻ گهرجي جيڪا پنهنجي زندگيءَ جا فيصلا پاڻ ڪري، پنهنجو مستقبل سنواري ۽ ٻين نياڻين لاءِ بهتر مستقل جو ذريعو بڻجي۔ ميڊيا کي اهڙيون بهادر عورتون ڏيکارڻ گهرجن، جيڪي نه صرف پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿارين ٿيون پر ٻين لاءِ به حوصلو بڻجن ٿيون. ڊرامن جو اصل مقصد رڳو تماشو نه هجڻ گهرجي، پر سماج ۾ شعور، اميد ۽ تبديلي پيدا ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن عورت جي ڪردار جا مثبت پهلو اجاگر ڪيا ويندا ته اهو نئون نسل نه رڳو عورتن جي طاقت کي سڃاڻيندو، پر هڪ برابريءَ ۽ انصاف واري سماج ڏانهن قدم به وڌائيندو ڇاڪاڻ ته ميڊيا رڳو عڪس نه پر تبديليءَ جو اوزار آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.