مان جڏهن به ڀٽائيءَ تي لکڻ چاهيندو آهيان، ان جي وائيءَ جي وَرَ کي سمجھڻ ۽ پروڙڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ته خيالن جا هجوم هوندا آهن، جيڪي هڪ ئي وقت مونتي حملي آور ٿيندا آهن ۽ مان فيصلو نه ڪري سگھندو آهيان ته هن جي ڪهڙي پهلوءَ تي لِکان، ڪهڙي پاسي کي کڻان؟ هو جيڪو بحر آهي، جنهن جو هڪ هڪ بيت اجگر جيڏين ڇولين جي ڏِک ڏئي ٿو، جنهن جي هڪ هڪ اکر ۾ اونهي ڳالهه اسرار جي سمايل آهي. جيڪو ڇپن کي ڇَپَرَ کٽ ۽ پهڻن کي پٿرڻيون ٿو ڀانئي. ڏونگر کي ڏولي ٿو سمجھي. ڀِنيءَ ويل ڪُنن جي ڀُڻ جھڻ کي بيان ٿو ڪري. ڪڪرن جي ڪڙڪاٽن ۽ وِڄن جي چمڪاٽن جي ٻولي ٻڌائي ٿو. سج کي ڏوراپا ٿو ڏئي ته اهو لهندي لهندي ڪائنات جي ڪنڊن پاسن کي ته شفق جو رتائون رنگ ڏئي ٿو وڃي، پر سسئيءَ لاءِ اونداهي ڪريڱ کيس بي موت ماري ٿو ڇڏي. سسئي، جيڪا جبلن جا جوکائتا پنڌ ڪري ٿي. پٿون ٿيل پيرن سان ڏونگر جي ڏاڍاين کي للڪاريندي ۽ پنھنجي پنھل جي اَڇائيءَ جي صفائي پيش ڪندي چوي ٿي ته “ منھنجي وَرَ، يعني پنھونءَ ۾ ڪو وَرُ وَڪَڙُ، ڦند ڦيرُ ڪو ھو، دغا بازي ڪو نه ھُئي، اِھو سَڄو ٽيڙُ، ڦِڏائي، دوکي بازي منھنجي ڏيرن ۾ ھئي، جيڪي مونکي ننڊ ۾ نِڌڻڪو ڪري، منھنجي وَرَ کي چانگي چاڙھي، پاڻ سان وٺي ويا آھن، مان انهن جا اُٺَ نِھارڻ لاءِ بَرَ بيابانَ لتاڙيندي ٿي وَتان. کوري جھڙن تتل جبلن جون سختيون برداشت ڪندي اڳتي ئي اڳتي پئي وڌان ۽ اڀ سان چوٽي ھڻندڙ ٽَڪَرَ کي پنھنجي عزم ۽ ارادي آڏو رڪاوٽ بڻجڻ تي واڏائي واڏائي پنھنجي سموري سگهه آواز ۾ ڀري چوان پئي ته،”آڏو ٽڪر ٽرُ، متان روهه رتيون ٿئين..”
ويچاري سسئي، جنھن سان ان اڻانگي سفر ۾ نه ڪا سھيلي، سنگتياڻي ھمسفرِ، نه ماءُ مَڙھي. تڏهن ھن ھيڏي دل دھلائيندڙ سفر جي آغاز ۾ ئي ھوءَ پنھنجو پاڻ سان ڳالهائيندي، چوندي ٿي وڃي :
ھيڏي شَھَرَ ڀنڀورَ ۾، سَڳي ھُجي ماءُ ،
چيلهه ٻَڌي سندرو، ساڻُمِ ھَلي سا،
۽ اھڙي وقت جڏھن مٿس ڪَھَلَ کائي ڪا پيرسن عورت ھن جي ٻيلياڻي ٿي گَڏُ نڪري ٿي، ته ھوءَ ان کي پاڻ سان ھلڻ کان سختيءَ سان منع ڪندي چوي ٿي ته :
موٽُ پرائي ماءُ، متان ڇَپَرَ لڳِي ڇُتا ٿِئين…
۽ ڪڏهن وري ساڳئي ئي ڏونگر سان گڏ ويهي روئي ٿي. سورن جي سفر جي اورَ ٿي اوري. هوءَ، جنهن پنهونءَ پُڄاڻاءُ، ڀنڀور کي باههِ ڏني، چرين وانگر چاهت جي ڪنڊاون پيچرن کي راحت سمجھيو، سا جڏهن ڪنهن موڙ تي ولاڙيو وڻن تي ٿي چڙهي ۽ سڏڪن ۾ پوندي انهن جا ڏار جھلي پرئين پارِ ٿي نِهارَ ڪري ته کيس اهي شينهن ٿا نظر اچن. جن کي ڏسي هوءَ شڪرانا ٿي ڪري. انهن جي رنگ تي ڀلجي ٿي. کيس اهي ٻروچ جا اٺ ٿا ڀاسن. خوشيءَ ۾ ٽاريءَ ٽاريءَ تي مورَ جي ٻچن وانگر ٽپا ٿي ڏئي. ۽ جڏهن پنهونءَ جو تازو پيرُ ٿي ڏسي، جنهن کي نه واءُ وِڃايو آهي، نه جھڪن جھوريو آهي، ته جوش ۽ جولان اڳي کان وڌي وڃيس ٿو. سندرو ٻڌي وندر جي اڻانگن ۽ اوکن پنڌن کي سولو ۽ سهنجو ٿي ڪري وٺي.
سسئيءَ جي انهن پنجن سرن ۾ لازوال جدوجهد جو سوز سموهي ڀِٽ ڌڻي وري جڏهن مومل جو ذڪر ٿو ڪري ته تارن جون تبرون ۽ ڪاڪِ ڪنڌيءَ قبرون حد نظر تائين ڦهلجي ٿيون وڃن. پرڏيهن جو منڍيون، مڻيو جن مٿن ۾، ڪلهن کان ڪپجي رت جي درياهن ۾ ٻڏنديون ۽ ترنديون رهن ٿيون. پوءِ جڏهن هن کي راڻي جو ڪانُ ڪپارَ ۾ ٿو لڳي ته ننڊ ۽ آرام حرام ٿي وڃيس ٿو. اکين جا الماس من جي شيشي کي ڇيهون ڇيهون ڪري ٿا ڇڏينس. دل جي دنيا ۾ باهيون ۽ ڀڀڙ ڀڙڪي ٿا پونس، تڏهن چوي ٿي؛
راڻو رات نه آئيو، ٻولي ڪيِ ٻانگي،
ڊوڙيس دروازن تي، ديوانن وانگي، آءُ ڪنهن آسانگي، نه ته مُئي سڻندين مينڌرا..
راڻي جي صورت کي پنهنجي سوچ جو محور بڻائي، ان جي رنگ کي ڪنهن ويسريءَ کان وسرڻ جي ڳالهه ڪري، پنهنجي يادداشت کي ٽيڪو ڏئي ٿي. ان سان گڏ ان جي مرداڻگيءَ واري ڏِک ۽ ڏيا کي ظاهر ڪندي ان کي منٿون ٿي ڪري ته اهو وٽس اچڻ جو دنگ نه ڪري ۽ جڳ جهان جي نظر ۾ هنجي پيار کي مهڻي هاب نه بڻائي. ڪاڪ لڳ وهندڙ نديءَ کي ڪڪوريل ڄاڻائي هوءَ راڻي کي خبردار ڪري ٿي ته ان کي رت نه سمجھجانءِ، اهو پريم جو شربت اٿئي…
مومل جي موهيندڙ ان ڪاڪ جي ذڪر سان شاهاڻو شاههُ جڏهن جوڳيءَ جي جڙاءَ ۽ بِکياريءَ جي بَرَ ۾ ڀٽڪڻ واري تصوير کي ملائيندي چوي ٿو ته؛
بِکياريءَ کي بَرَ ۾، ويو ڪيف چڙهي،
ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون، پيس لڙڪ لڙي،
ڪا جا انگههُ اڙي، جيئن ڇُٽا ڦٽ ڇڙي پيا…
اُها انگھُه، اها نوڪَ، اها چُھنبَ، رڳو بِکياريءَ جي ئي ڇٽل ڦٽن کي نٿي ڦاڙي، پر ان ذريعي ڀٽائي سرڪار کي پڙهندڙ، ان جي فهم ۽ فڪر تي سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ ماڻهن جا من به گھائي ٿي وجھي.
ائين لطيف سائينءَ جي بي انتها درد سان تخليق ڪيل ڪردار مارئيءَ تي نيڻ ڌرجن ٿا ته شاعر جي خيالن جي اتانهين اڏام ۽ انوکائپ پلر جي پالوٽ جيان پلٽيل پئي پسجي.
مارئيءَ جي پنهنجي مارن سان روز ازل جي رشتي کي ڳنڍي ڀٽائيءَ کانئس اهڙيون اهڙيون پچارون ۽ پڪارون ڪرايون آهن، جو عقل دنگ رهجي ٿو وڃي. سمجھ جواب ڏئي ٿي بيهي. ڏسو ته، هن جي ساڀيا ته ساڀيا، پر خواب به کٿيرن جي جڪڙ ۾ جڪڙيل محسوس ٿين ٿا.
رات لڌمِ خواب، کٿيءَ ۾ خاصو،
ڪِ اٺا مينهن ملير تي، ٿيو تڙ تڙ تماشو،
چوريان جو پاسو، جسو زنجيرن ۾…
عمر جي ڪوٽ جو قيد، وزيرن جي
واهيت جو اگرو عڪس، مارئيءَ جي همٿ ۽ حوصلي کي ٽوڙي ۽ ڀوري نٿو سگھي. هوءَ پکن جي پريت کي ماڙين تي ڪونه ٿي مٽي. شاهي ويس وڳا، هر قسم جي زور ۽ جبر جي باوجود، پنهنجي مارن جي مٿي تي رکيل کٿل کٿي لاهي، ڪنهن به صورت ۾ پهرڻ نه ٿي چاهي. ڪراين ۾ پاتل ڪارن سڳن کي بهتر ٿي سمجھي. سون کي سوءَ ڪري ٿي ڀانئي. جيڏين جي جوع، يعني بک ڀلي ٿي لڳيس. فاقو فرحت ڏيندڙ ٿو ڀاسيس. محل ۾ مٿو ڌوئڻ کي گناهه ڪبيرا سان ڀيٽي عجيب ۽ حيران ڪندڙ دانهن ٿي ڪري؛
(هلندڙ)