هو پنهنجي انداز ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ رکندڙ انسان آهي سادو، فقير صفت، کرو ۽ جرئتمند. جنهن ڪڏهن به عهدن ۽ منصبن سان محبت کي بيماري نه بڻايو، بلڪ ڌرتي، وطن ۽ غريب ماڻهن جي مدد جو وسيلو بڻايو…. جيڪي ئي ھن لاءِ سڀ ڪجھه آهن۔ سندس دوستن جو چوڻ آهي ته سندس جواني به پنهنجي وطن ۽ قوم جي نالي وفا ۾ گذري، جڏهن هو وڪيل بڻجي پنهنجي ماڻهن جي مدد ۽ ترجماني ڪندو هو۔ اسان جي بدقسمتي جو اهڙي اعليٰ پايه واري ڪردار کي منهنجي صوبو جو چيف جسٽس نه بڻايو ويو۔ جيڪڏهن هو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ٿئي ها، ته يقين ڪيو ته ظلم جي قوتن خلاف وڏي رڪاوٽ ثابت ٿئي ها.
گذريل ھفتي ڪجهه ڏينهن کان هو سنڌ جي پسماندہ صحرائي علائقن جي دوري تي آهي ميرپورخاص بار کان وٺي ٿرپارڪر جي ريگستاني ڌرتي جي ٻارن سان پاڻ وڃي ملي رهيو آهي، عام ماڻهن جا مسئلا ٻڌي رهيو آهي، پيئڻ جي پاڻي کان وٺي ماڻهن جي هر سور ۽ تڪليف ۾ اهڙي دلچسپي وٺي رهيو آهي ڄڻ ھو جج نه پر سندن قريبي رشتيدار ھجي ۽ سندن مسئلا پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو هجي۔ مان اهي جملا ٻئي ڪنهن لاءِ نه پر سنڌ ڌرتي جي پٽ، سپريم ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنھور بابت لکي رهيو آهيان جنهن جي تازي سرڪاري دوري تي سڄي سنڌ جي وڪيلن، صحافين، قلمڪارن ۽ سول سوسائٽي جون نظرون لڳل آهن۔ هو ميرپورخاص بار ايسوسيئيشن کان وٺي عمرڪوٽ بار تائين جيڪي ڳالهيون ڪري رهيو آهي، مون کي لڳي ٿو اهي نظام هلائڻ وارن کي هرگز پسند نه اينديون۔ شايد جسٽس صلاح الدين پنھور جي اسلام آباد موٽڻ کان اڳ کيس به پنهنجي تقريرن تي ڪا "ڪال” اچي، پر سامهون وارو به نڊر، دلير ۽ بيباڪ انسان آهي۔
حقيقت اها آهي ته ملڪ جي عدالتي ايوانن ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا لهجا گونجندا آهن، جيڪي صرف لفظ نه هوندا آهن، پر صدين جي گهري سُڪوت کي چيري ڇڏيندا آهن۔ سپريم ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنھور جو تازو خطاب به اهڙو ئي هڪ آواز هو جنهن ۾ هن نظامِ عدل جي زخمَن کي نه رڳو وائکو ڪيو، پر انهن تي لڳل سالن جي مٽي به لاهي ڇڏي۔
عمرڪوٽ بار ايسوسيئيشن جي حلف برداري تقريب ۾ هن اها خاموشي ٽوڙي وڌي، جنهن کي اسان بطور قوم شايد پنهنجي تقدير جو حصو سمجهي ويهي رهيا هئاسين۔ سندس لهجي ۾ افسوس به هو ۽ غصو به افسوس انهن ادارن تي، جيڪي انصاف ڏيڻ لاءِ قائم ٿيا، پر انصاف کي سالن جي پنڌ تي ڇڏي آيا، ۽ غصو انهن ڪردارن تي، جيڪي جج جي لباس ۾، وڪيل جي زبان ۾ ۽ پوليس جي وردي ۾ انصاف جا دشمن بڻجي ويا۔
هن وري اها چوڻي ياد ڏياري، جيڪا اسان صرف قانوني ڪتابن ۾ پڙهي وساري ويٺا هئاسين: "Justice delayed is justice denied”يعني انصاف ۾ دير، انصاف کان انڪار آهي۔ ان سلسلي ۾ هن اهي مثال ڏنا، جن ذهن جي زنگيل ديوارن کي ڌوڏي وڌو: هڪ عورت، جنهن پنهنجي وراثت جي مقدمي جي فيصلي لاءِ ايڪهتر سال انتظار ڪيو، ۽ هڪ شخص، جنهن جو حادثي بابت مقدمو چوويهن سالن بعد پورو ٿيو۔ اهي قصا نه، پر اسان جي عدالتي نظام جا الميا آهن اهي الميا، جيڪي عدالتن جي ريڪارڊ ۾ پيلن ورقن جي صورت ۾ قيد آهن۔
جسٽس پنھور جاگيردارن ۽ بيوروڪريٽن جي اُن شيطاني اتحاد ڏانهن به اشارو ڪيو، جيڪو انصاف جي رڳن ۾ رت وانگر ڊوڙي رهيو آهي۔ هن اهو تلخ سچ به چئي ڇڏيو، جيڪو سڀ ڄاڻن ٿا پر زبان تي نٿا آڻين ته ڪجهه جج پنهنجي ايمانداري جو سودو صرف ان لاءِ ڪري ڇڏين ٿا ته جيئن کانئن طاقتور خوش ٿي وڃن۔تجزيي نگارن چو چوڻ آهي ته سندس ميڊيا تي رڳو هڪ تقرير نه هئي، پر عدالتي تاريخ جي مٿان هڪ نوحو هو، ۽ شايد اها گهنٽي به، جيڪا اسان کي ياد ڏياري ٿي ته جيڪڏهن انصاف وقت تي نه ملي، ته اهو انصاف نه رهي، فقط هڪ رسمي اعلان بڻجي وڃي ٿو۔
مون جسٽس صلاح الدين پنھور جي سنڌ جي دوري مان ايترو سمجهيو آهي ته هو سپريم ڪورٽ جو جج هوندي به پاڻ به نظام جي ھاڪاري ڪردار کان مايوس آهي۔ خاص طور جيئن 26هين آئيني ترميم کان پوءِ معاملا گهڻو پيچيده ٿي ويا آهن، جن تي هر جج ڳالهائڻ جي همت ۽ جسارت نه ٿو ڪري۔ جسٽس صلاح الدين پنھور سنڌ جي ماڻهن کي تعليم حاصل ڪرڻ جي پرزور اپيل ڪئي—خاص ڪري پنهنجي نياڻين کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ لاءِ۔ هن ٻڌايو ته جتي سفارش ۽ رشوت سان نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون، اُتي قوم جو هڪ نه ڪئين نسل تباهه ٿي ويندا۔
هو عدالتي نظام کان به ناخوش نظر آيو، خاص ڪري جڏهن ڪنهن حاضر جج کي ڌمڪيون ملن، تڏهن پويان ڇا بچي ٿو؟ صلاح الدين پنھور جي جيڪا دليري آهي، ممڪن آهي ته ملڪي نظام سندس ان زبان جو ٻيو "انعام” ڏئي، کيس عهدو ڇڏي وڃڻ تي مجبور ڪري، پر يقين ڄاڻو ته اهڙي تاريخي "غلط” فيصلي سان هو تاريخ ۾ وڌيڪ امر ٿي ويندو، ۽ کيس هٽائڻ وارا تاريخ جي سخت تنقيد جي دائري ۾ ايندا جن کي تاريخ ڪڏهن به معاف نه ڪندي۔
باقي هن دوري کان پوءِ، مان صلاح الدين پنھور کي سنڌ لاءِ ڪنهن مسيحا کان گهٽ نٿو سمجهان۔ ڪاش اسان جا اصل حڪمران سندس ڳالهيون ڌيان سان ٻڌي، ان مان ڪو سبق حاصل ڪري سگهن