ٿرپارڪر ضلعي جي شھر اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ گوڙاڻي سان لاڳاپيل هڪ اهم ۽ تڪراري منصوبو”گوڙاڻي ڊيم”، آخرڪار پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو آھي،سنڌ سرڪار سرڪاري طور اعلان ڪيو آھي ته ڊيم کي ختم ڪيو ويندو ۽ پاڻي جو ڇوڙ فوري طور بند ڪيو ويو آهي،هن اعلان سان ٿر جي تاريخي احتجاجن مان هڪ ڊگهو احتجاج پنهنجي پڄاڻي تي پھتو.
پسمنظر:گوڙاڻي ڊيم جو آغاز2016ع دوران سنڌ سرڪار ۽ اينگرو ڪمپني جي شراڪت سان ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ ڪوئلي جي کوٽائي دوران کاڻين مان نڪرندڙ پاڻي کي محفوظ طريقي سان ذخيرو ڪرڻ لاءِ ڳوٺ گوڙاڻي ڀرسان هڪ پيالي نما قدرتي زمين تي ڊيم ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو،اندازي مطابق ڊيم لاءِ 1500 ايڪڙ زمين تي پاڻي ڇڏڻ شروع ڪيو ويو،جڏهن ته ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو ته ڪمپني تقريباً 3000 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو آهي، جن ۾ ڪافي زمينن جا سروي نمبر شامل هئا،گوڙاڻي ڊيم جو بنيادي مقصد اهو ٻڌايو ويو ته ٿرڪول جي کاڻين مان نڪرندڙ کارو پاڻي اهڙي هنڌ تي جمع ڪيو وڃي جتي اهو ماحولياتي،زرعي ۽ انساني نقصان نه پهچائي پر مقامي ماڻهن لاءِ اها جاءِ نه رڳو سندن معاشي وسيلن جي خاتمي جو سبب بڻي پر سندن زرعي زمين،مال،پاڻي ۽ صحتياب فضا جي تباهيءَ جو سبب به بڻي،
ڊيم خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج 2016ع ۾ شروع ٿيو، جيڪو ٿر جي تاريخ جو سڀ کان ڊگهو احتجاج ثابت ٿيو،اسلام ڪوٽ پريس ڪلب آڏو 636 ڏينھن مسلسل احتجاج جاري رهيو،جنهن ۾ مردن سان گڏ عورتن به غيرمعمولي حصو ورتو،چار مهينا عورتن جو مستقل احتجاج خاص توجهه جو مرڪز بڻيو،احتجاج ڪندڙن جو رڳو هڪ ئي مطالبو هو”گوڙاڻي ڊيم کي ٻي هنڌ منتقل ڪيو وڃي.”ان عرصي دوران سنڌ سرڪار،اينگرو ڪمپني ۽ متاثرن وچ ۾ بار بار ڪيترائي ڀيرا ڳالهيون ۽ ميٽنگون ٿيون پر ڪا به ڳالهه عملي نتيجي تي نه پهتي،احتجاج ڪندڙن مختلف وقتن تي ڪراچي،حيدرآباد،مٺي ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاج به ڪيا پر گوڙاڻي ڊيم جو ڪم هڪ ڏينهن لاءِ به نه روڪيو ويو، اليڪشن وقت پ پ جي اميدوارن متاثر ماڻهن سان واعدو ڪيو ته سندن مطالبا مڃيا ويندا،ڊيم يا ته بند ڪيو ويندو يا ٻي هنڌ منتقل ڪيو ويندو متاثر ماڻهن به ان اميد تي احتجاج ختم ڪيو پر حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ پ پ جي نمائندن واعدو نه نڀايو،جنهن سبب ڳوٺاڻا نيٺ مايوس ٿي خاموش ٿي ويا.
گذريل ڏينھن توانائي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه واضح طور اعلان ڪيو ته "گوڙاڻي ڊيم کي ختم ڪري رهيا آهيون ۽ ڪمپني کي پابند ڪيو ويو آهي ته گوڙاڻي ۾ پاڻي جو ڇوڙ بند ڪيو وڃي.”هي اعلان صرف احتجاج ڪندڙن جي فتح نه آهي پر هڪ وڏي مسلسل،منظم عوامي جدوجهد جو ثبوت آهي جنهن سان حڪومت کي عوامي دٻاءُ هيٺ اچي فيصلو ڪرڻو پيو،ٻيو اھو به تاثر جڙي رھيو آھي ته سنڌ سرڪار ۽ ڪمپني مسلسل 10 سالن تائين گوڙاڻي ۾ پاڻي ڇڏي زرخيز زمينون،وڻ ٻوٽا تباھ ڪري ڪوئلي جي کوٽائي جو ڪم مڪمل ڪري بجلي پيدا ڪرڻ بعد ھاڻي جڏھن ھيٺيائين سطع تي پاڻي ختم ٿي چڪو آھي تڏھن سنڌ سرڪار گوڙاڻي ۾ پاڻي ڇوڙ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي،
ھن وقت گوڙاڻي جي صورتحال اھا اچي بيٺي ھئي ته سوين ايڪڙن تي 10 سالن کان ڇڏيل پاڻي مسلسل بيھڻ ڪري اھا زمين سيپيج ڪري چڪي ھئي ۽ اتي انھيءَ ايريا ۾ موجود 7 موھن جيڪي به پاڻي اندر اچي چڪا ھئا،انھن کوھن ذريعي پاڻي زير زمين تائين پھچي چڪو ھو،پاڻي انھي ايريا اندر سيپيج ڪري مٺي پاڻي کي کارو ڪري چڪو ھو،جنھن سبب ڊيم کان ڪافي پري موجود کوھ سيپيج ڪري ھيٺيان کان مٿي ڀرجي آيا آھن ۽ زمين سيپيج ڪرڻ سبب نرم ٿي چڪي آھي پير سان لتاڙڻ وقت زمين مان پاڻي ظاھر ٿيندي نظر اچي ٿو،ڊيم ايريا اندر سون جي تعداد ۾ وڻ ٻوٽا سڙي ختم ٿي ويا آھن ۽ سرسبز شاداب زمين ختم ٿي چڪي آھي،ڊيم جي نتيجي ۾ متاثر ٿيل ڳوٺ الھڏنو حجام کي اتان لڏائي ٻي ھنڌ شفٽ ڪيو ويو ۽ لڏايل 17 خاندانن کي اينگرو ڪمپني مستقبل بنيادن تي گھر ٺاھي سمورين سھولتن سان آباد ڪيو ويو آھي ۽ ڳوٺ گوڙاڻي ۾ آر او پلانٽ،اسپتال سميت ٻيون سھولتون ڏيڻ سان گڏ في گھراڻي کي ساليانو ھڪ ھڪ لک روپيا ڏيڻ جو سلسلو پڻ شروع ڪيو ويو آھي،
ماحولياتي،سماجي ۽ زرعي اثراتن سميت گوڙاڻي ڊيم جي سبب گھڻا نقصان ٿيا،هزارين ايڪڙ زرعي زمين تباهه ٿي،ڌرتي زهريلي پاڻي جي ڪري زرعي لائق ناھي رهي،مقامي ماڻهن جي زندگي،روزگار،پاڻي ۽ صحت تي وڏو اثر پيو آھي،ماحولياتي نظام بگڙي پيو آھي،ان سان گڏوگڏ ڪيترن ئي ماڻهن کي ته معاوضو مليو پر ڪيترائي اڃا به منتظر به آھن،گوڙاڻي ڊيم جو معاملو سنڌ جي عوامي تحريڪن ۽ سرڪاري منصوبن جي وچ ۾ ٿيندڙ تڪرارن جو هڪ اهم مثال آهي،هي رڳو هڪ ڊيم نه پر هزارين ماڻهن جي جدوجهد،اميد،مايوسي ۽ نيٺ ڪاميابيءَ جو داستان پڻ آهي،
هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ سرڪار مقامي ماڻهن کي انصاف فراهم ڪري،تباھ ٿيل زمينن جو ازالو ڪري،مستقبل ۾ اهڙن منصوبن لاءِ مقامي ماڻهن جي راءِ کي اوليت ڏئي،ماحولياتي اثرن جي صحيح طريقي سان جاچ ڪري،هي معاملو ثابت ڪري ٿو ته عوام جي آواز ۾ طاقت آهي شرط رڳو اها آهي ته اهو آواز مسلسل ٻڌڻ جوڳو ۽ هڪجهڙو هجي،گوڙاڻي ڊيم جو معاملو ۽ احتجاج ھڪ تاريخ بڻجي اڀرو،ڏگھي جدوجھد جو مثال قائم ٿيو،سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻي،5 فيبروري 2017ع دوران عوامي تحريڪ جي سربراھ رسول بخش پليجي سنڌ جي سمورن ٻرندڙ اشوز م گوڙاڻي ڊيم کي سرفهرست ۾ رکيو ۽ اسلام ڪوٽ م رسول بخش پليجي جي سربراهي ۾ اسلام ڪوٽ ۾ پيادل پنڌ لانگ مارچ شروع ٿيو جيڪو مسلسل 32 ڏينھن پيادل مارچ جاري رھيو ۽ 33ھين ڏينھن مارچ ڪراچي پھتو جتي ھزارين سندياڻين توڙي نوجوانن تاريخي ڌرڻو ھنيو،جيڪو سنڌ جو ھڪ وڏي م وڏو احتجاج ثابت ٿيو پر سنڌ سرڪار نيٺ ڳوٺاڻن جي ٻڌڻ بدران پنھنجي ھٺ ڌرمي ڪامياب ڪري ڪم ڪڍي منصوبو مڪمل ڪري ھٿ کنيو،ھن سموري 10 سالن جي احتجاجن دوران سرڪار پنھنجو رويو مغروري وارو جاري رکيو احتجاجن توڙي دانھن ڪوڪن کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويو.
ھاڻي جڏھن سنڌ سرڪار گوڙاڻي ڊيم کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي ته انھي کي گھرجي ته پاڻي کي سڪائي تباھ ٿيل زمين کي ٻيھر بحال بڻائي ھارين حوالي ڪري ته جئين آھي پنھنجي زندگي وري ساڳئي طرح سان گذاري سگھن، ساڳئي نموني ھن وقت ٿرڪول بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ ڪمپنيون ڪوئلي جي کاڻين مان نڪرندڙ پاڻي کي اوپن کلي ميدان ۾ چوڙ ڪيو پيو وڃي ڪمپنين اتي وڏي تباھي آڻي ڇڏي آھي،ٿرڪول بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ ڪمپنيون پاڻي کي اوپن ڇڏي رھيون آھن جنھن ڳوٺ وروائي ۽ تلوايو جي آسپاس اوپن ڇڏيل پاڻي سيمن کي خراب ڪري ڇڏيو آھي اتي سنڌ سرڪار چپ بڻيل آھي سنڌ سرڪار کي گھرجي ته جھڙي نموني گوڙاڻي ڊيم کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي اھڙي نموني بلاڪ ون جي ڪمپنين پاران ڇوڙ ٿيندڙ پاڻي کي بند ڪرايو وڃي جئين وڌيڪ نقصان نه ٿي سگھي