غير قانوني پيٽرول پمپ ۽ ايل پي جي گئس اسٽال عوام لاءِ خاموش بم!

تحرير: دوست حفيظ چنا

سنڌ سميت سڄو ملڪ هن وقت بيشمار مسئلن جي ور چڙهيل آهي، جن ۾ مهانگائي، بيروزگاري، صحت جون سهولتون، تعليم، امن امان، ۽ انصاف تائين محدود رسائي شامل آهن. انھن مسئلن ۾ ھاڻي ھڪ خطرناڪ اضافو ٿيو آھي جيڪو شهرن، ڳوٺن، ۽ ڳتيل آبادين ۾ غير قانوني، غير محفوظ ۽ واسطيدار ادارن جي اجازت کان بغير هلندڙ پيٽرول پمپ ۽ ايل پي جي گئس جا اسٽال، جيڪي ڪنهن به وقت ڌماڪي يا ڪنھن به نقصان جو سبب بڻجي سگهن ٿا.

اڄ جتي اسان وٽ بنيادي سهولتون به رشوت ۽ سفارش کان سواءِ ممڪن نه آهن، اتي بي انتها ڪرپشن سبب هر کاتو مفلوج نظر اچي ٿو. حڪومتي ادارا پنهنجي بنيادي ذميوارين کان غافل آهن، جڏهن ته ڪجهه ڌريون اقتدار ۽ مفادن جي لالچ ۾ عوامي تحفظ کي نظرانداز ڪري رهيون آهن.مٿي جن خطرن کان آگاهه ڪيو آھي ته ڪراچيءَ سميت سموري سنڌ ۾ پيٽرول پمپ ۽ گئس خاص طور (ايل پي جي) جا اسٽال بغير حفاظتي انتظامن ۽ ايڪسپلوزيو جي لائسنس کان بغير ھلي رھيا آھن، جيڪي آبادي وارن علائقن ۽ خاص طور ڳتيل آباديءَ ۽ ننڍن وڏن شھرن ۾ خاموش بم آھن، ان ۾ مقامي انتظاميا ۽ خصوصن ايڪسپلوزيو ڊپارٽمينٽ جي غير موجودگي ۽ نا اهلي واضح آھي.مقامي انتظاميا ۾ ضلعي حڪومت جي پڻ اين او سي جاري ڪندي آهي ۽ ان جي به ذميواري بڻجي ٿي ته ھو به عوام جي حفاظت لاءِ تحريڪ ۾ اچي ان کان علاوه ايڪسپلوزيو ڊپارٽمينٽ جو اھم ڪردار آھي، جنھن جي لائسنس کان بغير پيٽرول پمپ ۽ گئس اسٽيشنون ۽ ايل پي جي اسٽال غير محفوظ آھن.

ان سلسلي ۾ اسان صحافتي زميواري محسوس ڪندي ايڪسپلوزيو ڊپارٽمينٽ آف پاڪستان اسلام آباد کان موقف وٺڻ لاءِ اداري پاران آفيشلي طور چند سوالن تي ٻڌل ھڪ ليٽر موڪليو ۽ ڪيترائي ڀيرا رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر بدقسمتي سان انھن پاران ڪو به موقف نه ڏنو ويو.ايڪسپلوزيو ڊپارٽمينٽ، جيڪو پاڪستان جي وزارت توانائي (پيٽروليم ڊويزن) جي ماتحت ادارو آهي، ان جو بنيادي مقصد ڌماڪيدار مواد، آتشگير شين، ۽ انهن سان لاڳاپيل سهولتن جهڙوڪ پيٽرول پمپ جي نگراني، ضابطابندي، ۽ لائسنسنگ آهي، ھن اداري جي ذميوارين ۾ شامل آهي

آتشگير مواد (Petroleum، Diesel، LPG وغيره) جي اسٽوريج، ٽرانسپورٽ ۽ وڪري لاءِ لائسنس جاري ڪرڻ، صحت ۽ حفاظتي معيارن تي عمل ڪرائڻ،

ڪوئلي جي کاڻين، ڊيمن، ۽ روڊ اڏاوتن لاءِ ڌماڪيدار مواد جي ريگيوليشن،پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌ سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ ايڪسپلوزيو ڊپارٽمينٽ جي لائسنس کان سواءِ سوين پيٽرول پمپ هلندڙ آهن، جيڪي قانوني طور تي غيرقانوني، غير محفوظ ۽ انساني جانين لاءِ خطرو آهن.بنا لائسنس جي هلندڙ پيٽرول پمپ نه صرف قانون جي ڀڃڪڙي آهن، پر اهي انساني زندگين لاءِ بم برابر خطرو رکن ٿا. اهڙن پمپن ۽ گئس اسٽيشنن تي نه حفاظتي اُپاءُ هوندا آهن، نه عملي جي تربيت، ۽ نه ئي ايمرجنسي پلان. نتيجي ۾ ڪنهن به وقت باهه، ڌماڪو يا زهريلي گيس جو اخراج ٿي سگهي ٿو، جنهن جا اثر ڳتيل آبادين ۾ تباهه ڪن ٿي سگهن ٿا.

ايڪسپلوزيو ايڪٽ 1884 ۽ ان سان لاڳو ٿيل قانون موجب، بنا لائسنس هلندڙ پمپ تي ڪارروائي جي گنجائش موجود آهي، جنهن ۾ سِيل، ڏنڊ، ۽ فوجداري ڪيس شامل آهن. ان کانسواءِ، اهڙن پمپن تي پيش ايندڙ حادثن جي صورت ۾ انشورنس به لاڳو نه ٿيندي. آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين (OMC’s ) مقابلي جي ڊوڙ ۾ ڪيتريون ئي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيون پنهنجو نفعو وڌائڻ ۽ آمدني وڌائڻ جي چڪر ۾ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي بنا اجازت نوان پمپ کولن پيون، جڏهن ته انهن لاءِ مقرر ڪيل حدون موجود آهن. ان مقابلي واري ڊوڙ ۾ حڪومت، ريگيوليٽري ادارا، ۽ مقامي انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل نظر اچن ٿا. ان سنگين نوعيت جي خطرناڪ معاملي جو آخر حل ڇا آهي؟ نمبر ھڪ ته ايڪسپلوزيو ڊپارٽمينٽ کي فعال ۽ خودمختيار بڻايو وڃي.ٻيو پيٽرول پمپ ۽ ايل پي جي اسٽال جي باقاعدي سروي ڪئي وڃي. ٽيون، بغير لائسنس پمپن تي فوري ڪارروائي، سيل ۽ ڏنڊ لاڳو ڪيا وڃن. چوٿون، مقامي ماڻھن کي شڪايتن جي لاءِ آسان رسائي ڏني وڃي. جيڪڏهن اوهان جي نظر ۾ ڪو اهڙو پيٽرول پمپ يا گئس اسٽال آهي جيڪو بنا لائسنس جي هلندڙ آهي ته ان بابت مقامي انتظاميا, آئل گئس ريگوليٽري اٿارٽي (OGRA), انوائرنمينٽل پروٽيڪشن اٿارٽي (EPA) ۽ سڌي ريت ايڪسپلوزيو ڊپارٽمينٽ کي اطلاع ڏيڻ اوهان جي ذميواري آهي. ھڪ مهذب سماج جو بنياد قانون تي هوندو آهي، ۽ جتي قانون صرف غريب لاءِ هجي، اتي تباهي کانسواءِ ڪجهه نه ملندو. اسان کي عوامي حفاظت کي ترجيح ڏيڻي پوندي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.