پاڪستان ۽ سنڌ ۾ ساوڻ ۽ سارنگ تتن ڪاڙھن کانپوءِ ڄڻ راحت جي مند جيان کيڪاريا ويندا ھئا! جانور، وڻ ٽڻ، ماڻھو مال وسڪارو پسي خوش ٿيندا آھن جيڪڏھن وسڪارا ٻوڏون نه ٿين۔ جيڪڏھن ڪجهه ڏھاڪا اڳ جون موسمي حالتون ڏسجن ته ڪجهه سالن ۾ ڪو ھڪ اڌ دفعو تيز مينھن خطرناڪ ٿي پوندا ھئا۔ عام رواجي حالتن ۾ وسڪارا ٿورو نقصان ڪري، غربت کي وائکو ڪري گذري ويندا ھئا! ھاڻ مند ۾ مجموعي طور مينھن گھٽ پوي يا وڌ، پر وڌيڪ غير يقيني ۽ شدت جي ڪري نقصان وڌڻ لڳا آھن؛ ان جي معني آھي ته ھاڻ مينھن جي ناڪاري اثرن ڪري رواجي ليپا چوپا، نالين جي صفائي ڪافي ناھن؛ ٻوڏن ۽ مينھن بابت عام رواجي حالت تبديل ٿي نئين ٿي چڪي آھي. مينھان ۽ نيھان ڳالھ مڙوئي ھڪڙي! اڪير ۽ محبتن، شاعري واري مينهوڳي واري موسم هاڻي افراتفري جو ڪارڻ بڻجي چڪي آهي! جنهن ۾ ٻوڏن جي "نئين عام رواجي حالت” (New Normal) شدت، وڌندڙ تعداد، ۽ جاگرافيائي اثر ۾ هڪ وڏي تبديلي سان سلھاڙجي وئي آهي.
هاڻي اهي موسمي تبديليون ۽ آفتون غير معمولي يا اتفاقي نه پر عام ۽ لڳيتو ٿيندڙ واقعا بڻجي ويون آهن. 2022 جون تباهه ڪندڙ ٻوڏون، جن کي "ملڪ جي تاريخ ۾ بدترين آفتن” مان هڪ قرار ڏنو ويو، هن وڌندڙ بحران جو هڪ چٽو ثبوت آهي. ان کان صرف ٻارھن سال اڳ واري 2010 واري ٻوڏ جنھن کي مھا ٻوڏ ڪوٺيو ويو، ان جي سورن کي 2022 جي تباهي ننڍو ڪري ڇڏيو. 2010 ۾ ٻه ڪروڙ کان ڪجهه مٿي ماڻهو متاثر ٿيا ۽ ڏھ ارب آمريڪي ڊالرن جو اقتصادي نقصان ٿيو، 2022 جي ٻوڏ ۾ اندازي موجب ٽي ڪروڙ ٽيهھ لک ماڻهو متاثر ٿيا 65 سيڪڙو جو اضافو ۽ 30.1 ارب آمريڪي ڊالرن جو وڏو نقصان پهتو.
اهم ڳالهه اها آهي ته ٻوڏن جو جاگرافيائي مرڪز تبديل ٿي چڪو آهي. جڏهن ته 2010 جي ٻوڏ بنيادي طور تي مٿين سنڌو درياھ جي علائقن ۾ آئي ۽ سنڌ لاءِ درياھي ٻوڏ ھئي جيڪا بندن کان ٻاھر نڪري تباھي جو ڪارڻ بڻي۔ 2022 ۾ غير معمولي طور تي وڏيون برساتون ڏاکڻي صوبن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مرڪوز هيون، جنهن ۾ صرف سنڌ ۾ ڪل نقصان جو تقريباً 70 سيڪڙو ٿيو. 2010 جي ڀيٽ ۾ موت جو انگ برابر هجڻ باوجود، هي وڌندڙ اقتصادي ٻوجھه ڊگهي مدي واري لچڪ ۽ موافقت جي صلاحيت پيدا ڪرڻ ۾ هڪ انتظامي ناڪامي ڏانهن اشارو ڪري ٿو، ۽ تڪڙي آفت جي ردعمل لاءِ وسيع چيلينجن کي ظاھر ڪري ٿو۔ . اڏاوتون ، ادارتي صلاحيت ۽ موجوده بنيادي ڍانچو هاڻي "نئين عام رواج حالتن” جي حوالي سان ٻوڏ جي وڌيل مقدارن جي مقابلي ۾ نا مناسب ثابت ٿي رهيو آهي.
پاڪستان ۾ مختلف ٻوڏون اچن ٿيون: درياھي، تڪڙي وھي ايندڙ ندين جي جابلو علائقن مان ڪھي ايندڙ ٻوڏ/ فليش فلڊز، گليشيئر ڍنڍ ڦاٽڻ واريون ٻوڏون (GLOFs)، ڪڪرن جي ڦاٽڻ جي ڪري گھٽ وقت ۾ گھڻو مقداري مينھن واري ٻوڏ، شهري ٻوڏون جيڪي ھاڻ پاڪستان جي ھر وڏي شھر ۾ اچن ٿيون يا اچي سگھن ٿيون، ڇپن جو ڪرڻ يا زمين جو ترڪڻ/ لينڊ سلائيڊس (Landslides) پڻ ھاڻ وڌي رھيون آھن۔ وڏي پيماني تي وڻن جي واڍي جي ڪري سوات وادي جهڙن نازڪ علائقن ۾ ان جا تباھ ڪن اثر ڏسڻ ۾ آيا آھن۔ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سامونڊي طوفان جي ڪري ساحلي علائقن ۾ ٻوڏون اينديون آھن. ھن نيو نارمل واري حالتن کي ھاڻي مڙني ٻوڏن کان بچاءُ يا ان جي خطرن کي گھٽائڻ لاءِ ڪم ڪرڻو آھي۔
ڊيمن ۽ بندن جهڙن روايتي ڍانچي تي گهڻو ڀروسو، مناسب سار سنڀال يا مربوط انتظام جي بغير، پڻ ناڪافي ثابت ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته لٽ سان ننڍا وڏا ڊئم ھر سال ڀربا ويندا آھن؛ ۽ گھٽ سار سنڀال وارا بند پڻ ٻوڏن کي سڏين ٿا۔ ان ڪري پاڪستان ۾ ننڍا ڊئم به ٽٽندا ۽ بند ڀڄندا رھندا آھن۔ سمجھڻ گھرجي ته اسان جو روايتي ٻوڏن کي ضابطي ۾ رکڻ وارو طريقو ھاڻ پورو نه ٿو پئي.
موسمي تبديلي: خطري کي وڌائيندڙ عنصر
ھاڻ سائنسي، تجربن ۽ طبعي طور ثابت ٿي چڪو آھي ته انسان جي ڪري ٿيندڙ موسمي تبديلي پاڪستان ۾ انتهائي برساتن جي واقعن جي شدت ۽ تعداد ۾ وڏو اضافو ڪيو آهي. گھڻي مينھن جي جاگرافيائي ورڇ ڏاکڻي صوبن ڏانهن منتقل ٿي وئي آهي. مثال طور، آگسٽ 2022 ۾، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ انهن جي سراسري برسات کان ترتيب وار 700 سيڪڙو ۽ 590 سيڪڙو وڌيڪ پئي.
موسمي تبديلي جي ڪري وڌندڙ گرمي، پاڪستان جي هزارين گليشيئرن جي پگھرجڻ کي تڪڙو ڪيو آھي ۽ GLOFs جي خطري ۽ درياھ جي وهڪرن کي وڌايو آھي.
پاڪستان عالمي گرين هاؤس گيسن جي خارج ٿيڻ ۾ 1 سيڪڙو کان به گهٽ حصو وجھي ٿو پر موسمي تبديلي جي اثرن لاءِ سڀ کان ڪمزور ڏهن ملڪن ۾ شامل آهي.( سنڌ وري صوبن ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرن ۽ موسمي طور غير محفوظ صوبو آھي). عالمي امداد جا واعدا اڪثر اڻ پاڙيل رھجيو وڃن۔ انڪري پاڪستان محدود گهريلو وسيلن کي ترقي کان هٽائي آفتن جي بحالي ڏانهن موڙي ٿو۔ بحالي جي معيار ۽ رٿابندي تي پڻ وسوسا آھن۔ ان جي نتيجي ۾ اقتصادي ترقي رُڪجي ٿي ۽ غربت پڻ وڌي ٿي.
غربت ۽ ڪمزوري:
پاڪستان ۾ ٻوڏون غريب ۽ پوئتي پيل، ڏتڙيل ۽ بي واھن ماڻهن کي گھڻو متاثر ڪن ٿيون، جيڪي اڪثر سماجي-اقتصادي مجبورين جي ڪري ٻوڏ متاثر علائقن ۾ رهن ٿا. 2022 جي ٻوڏن اسي کان نوي لک وڌيڪ ماڻهن کي ملڪي غربت جي حد کان هيٺ ڌڪي ڇڏيو.
ٻوڏون پاڻ سان گڏ وڏو عوامي صحت جو بحران کڻي ٿيون اچن، ڇاڪاڻ ته بيهندڙ ٻوڏ جو پاڻي ۽ خراب ٿيل صفائي جو نظام بيمارين جي پيدا ٿيڻ جو سبب بڻجندو آهي، جنهن جي ڪري پاڻي ذريعي پکڙجندڙ (دست، ڪالرا) ۽ حشرات/ويڪٽر ذريعي پکڙجندڙ بيماريون (مليريا، ڊينگي، چمڙي جون بيماريون) وڏي پيماني تي ڦهلجن ٿيون. 2022 جي ٻوڏن پاڪستان ۾ 1973 کان پوءِ بدترين مليريا جي وبا پيدا ڪئي. لاڙ، خاص ڪري سامونڊي ضلعا مليريا جي گھيري ۾ آھن۔ حڪومت کي ان ڏس ۾ تڪڙا قدم کڻڻ گھرجن۔
تياري جو فريم ورڪ ۽ حقيقت:
پاڪستان هڪ گھڻ-سطحي آفتن جي انتظامي فريم ورڪ/گھاڙيٽي تحت ڪم ڪري ٿو، جنهن ۾ قومي آفتن جي انتظامي اٿارٽي (NDMA)، صوبائي آفتن جون انتظامي اٿارٽيز (PDMAs)، ۽ ضلعي آفتن جون انتظامي اٿارٽيز (DDMAs) شامل آھن. هي فريم ورڪ تياري کان وٺي تعمير تائين آفتن جي تياري، بچاءُ، گھٽائڻ ۽ سھپ پيدا ڪرڻ جي مربوط مقصد رکي ٿو، جيڪو سينڊائي فريم ورڪ جهڙين بين الاقوامي هدايتن سان ٺهڪي اچي ٿو. NDMA، پنهنجي قومي ايمرجنسي آپريشن سينٽر (NEOC) جي مٿاھين حڪومتي اڳواڻي ذريعي حڪمت عملين کي ڏسي ٿو، 6 مهينن جون اڳڪٿيون ۽ اڳواٽ عمل جي هدايتن کي جاري ڪري ٿو. 2025 جي مون سون لاءِ، NDMA عام حالتن کان وڌيڪ برسات ۽ وڌيل خطرن جي اڳڪٿي ڪئي ۔ ان سان گڏ اھم ھدايتون ۽ عملي قدمن بابت ڏسيو ويو؛ جنهن ۾ ٻوڏ کان بچاءَ جي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ، بنيادي ڍانچي جي سار سنڀال، ۽ ٻوڏ جي ميدانن/فلڊ پلين کي منظم ڪرڻ ۽ قبضا ختم ڪرڻ لاءِ هڪ درياھي ايڪٽ لاڳو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
ضلعي سطح تي DDMAs، ھڪ اھم ادارتي سيٽ اپ آھي، جيڪو اڪثر ڪري پوري پاڪستان ۾ سُتل ۽ اڻپورو آھي۔ ان جي ڍانچي کي ڏسي ڪي ادارتي ڪم ۽ اھم ضلعي اسٽيڪ ھولڊرز/ ڌرين جو شامل ٿيڻ ضروري آھن۔ تجربا ٻڌائين ٿا ته ڊي ڊي ايم اي، اڪثر ڪري صرف موسمي طور تي ايڪڙ ٻيڪڙ فعال هونديون آهن۔ ضلعي سطح تي هي ڪمزور ادارتي گھاڙيٽو ٻوڏ جي خطري يا ڪنھن به آفت جي انتظام لاءِ هڪ بنيادي مسئلو آهي. ان ڏس ۾ ماهرن "گهڻي وقت کان ڪمزور طرزحڪمراني ۽ ناقص پاليسي فيصلن،” "ڪرندڙ ادارتي صلاحيت ،” ۽ هڪ "اصلاح کان انڪار ڪندڙ سماج” ڏانهن اشارو ڪن ٿا جيڪو ڪمزورين کي برقرار رکي ٿو. مقامي حڪومتون "گهٽ وسيلن” سان گڏ ٻين سياسي ترجيحن ۾ وڪوڙيل آهن، ۽ ايمرجنسي/ھنگامي خدمتون "گهٽ تربيت يافته ۽ گهٽ سامان” واريون آهن۔ بس "عارضي انتظام ڪيا ويندا آهن، ۽ هڪ ڀيرو موسم گذرڻ کان پوءِ، فائلون بند ٿي وينديون آهن – جيستائين وري ڪا آفت نه ٿي اچي.”
زمين جي مربوط استمال ۽ رٿابندي ( spatial planning ) تمام وڏي اھميت رکي ٿي۔ زمين جي استعمال ۾ جيڪي اسان راتاھا ڪيا آھن، انھن ٻوڏن کي ضرب ڏئي وڌايو آھي۔ ان تي آئون مسلسل عرض ڪندو رھيو آھيان ته شھرن کي رڳو پلاٽن، جاين ۽ ڪنڪريٽ جي جھنگ ۾ تبديل نه ڪيو؛ ميدان، وڻڪار، ڇٻرون، پارڪ، وھندڙ ناليون، قدرتي ھيٺاھيون ختم نه ڪيو. اين ڊي ايم اِي خطرن ۽ ٻوڏن جي حساب سان زوننگ/ جاگرافيائي علائقن جي چٽائي ڪيل نقشا جوڙيا آھن۔ انھن کي لاڳو ڪرڻ ۽ ٽيڪنيڪل ۽ طرزحڪمراني جي صلاحيت کي وڌائڻ هڪ چيلنج بڻيل آهي. ڪميونٽي/ ماڻھن جي شموليت پڻ ڄاڻي واڻي نه ٿي ڪئي وڃي ” متان مسئلو پيدا ڪن”۔ سمجھڻ گھرجي ته ماڻھن کي شامل ڪندي ، ڪميونٽي-بيسڊ فلڊ ارلي وارننگ سسٽمز (CBFEWS)، يا آفتن جي سنڀار نفسياتي دٻاءُ کي گهٽائڻ ۽ تياري ۾ مدد ڏيڻ ۾ موثر ثابت ٿي سگھن ٿا.
لچڪ / ريزيلنس ڏانهن ويندڙ گس جو ڏس:
پاڪستان ٻوڏ ن جي منظرنامي ۾ هڪ ناقابل ترديد "نئين عام رواج حالت” کي منهن ڏئي رهيو آهي، وڌندڙ موسمي اثر گَھِرين سماجي اقتصادي ڪمزوريون ۽ گورننس جي کوٽ سان گڏ سلھاڙيل آھن . ھن چؤماسي ۾ ٿوري تيز مينھن ۽ ٻوڏن ٽي سؤ زندگيون ھيل تائين کسيون آھن ۽ وڏو اقتصادي نقصان ٿيو آھي؛ ان موت ۽ نقصان جا پيرا گھڻو ڪري پيڙھيل طبقن ڏانھن وڃن ٿا! اسانکي پنھنجا عملي ۽ ادارتي ھٿيار بھتر ڪرڻا پوندا۔
پاڪستان کي ھاڻ ردعمل واري گھاڙيٽي کان اڳتي وڌڻ گهرجي. ان لاءِ سڀني سطحن تي آفتن جي انتظامي ادارن، خاص طور ضلعي اٿارٽيز جي صلاحيت کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي۔