تباهي جي ڏاڪي تي بيٺل ملڪ، جنهن کي ايٽمي طاقت به بچائي نٿي سگهي

تحرير: زاهد حسين

پاڪستان، جيڪو دنيا جي وڏين فوجي طاقتن مان هڪ آهي، گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ هڪ مضبوظ دفاعي قوت طور اُڀريو آهي. هن سال مئي مهيني ۾ ڀارت جي جارحيت تي فوج جو ترت ۽ سخت جواب، وري هڪ ڀيرو ان جي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو. بيشڪ، طاقتور فوج ڪنهن به پرڏيهي خطري جي مقابلي لاءِ ملڪ جي سرحدن جي حفاظت جو ڀرپور ذريعو ٿي سگهي ٿي، پر ڇا اهو دفاع ان قوم لاءِ ڪافي آهي، جنهن جي معيشت صدين جي بدانتظامي سبب بحرانن جي ور چڙهيل هجي، ۽ جتي اندازن مطابق لڳ ڀڳ 45 سيڪڙو آبادي اڃا تائين غربت جي ليڪ کان هيٺ زندگي گذاري رهي هجي؟

اقوام متحده جي تازي رپورٽ مطابق، پاڪستان انسانيت جي ترقيءَ جي اشاري (Human Development Index) ۾ 193 ملڪن مان 168 هين نمبر تي اچي ٿو. هن فهرست ۾ افغانستان کانپوءِ پاڪستان ڏکڻ ايشيا جو ٻيو سڀ کان پٺتي پيل ملڪ آهي. ملڪ ۾ 2 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪول وڃڻ کان محروم آهن، جيڪا صورتحال رڳو تعليمي ناانصافي نه پر ايندڙ نسل جي تباهيءَ جو انت آهي. آباديءَ جي واڌ جي شرح خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان تيز آهي، ۽ هر سال لڳ ڀڳ اَٺ لک نوان ماڻهو آباديءَ ۾ شامل ٿين ٿا، جيڪي اڳ ئي ڪمزور ٿيندڙ وسيلن تي وڌيڪ دٻاءُ وجهن ٿا. اهڙيءَ اڻ برابري، غربت، وسيلن جي نابرابري ورڇ ۽ علائقائي ناانصافيءَ، ملڪ جي جوڙجڪ کي ته ڪمزور ڪيو آهي، پر ان سان گڏ قومي سلامتي لاءِ به هڪ وڏو خطرو پيدا ڪيو آهي، جيڪو ڪنهن به پرڏيهي حملي کان به وڌيڪ خوفناڪ آهي. جيئن ته اقتصادي ماهر آجم اوغلو ۽ روبنسن پنهنجي مشهور ڪتاب Why Nations Fail ۾ لکن ٿا ته جڏهن ڪنهن ملڪ جا ادارا ۽ ضابطا صرف چند بااثر ماڻهن جي فائدي لاءِ جوڙيا وڃن، تڏهن رياست جي ترقي روڪي ٿي وڃي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن اها رياست ناڪام به ٿي وڃي ٿي. انهن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به ملڪ جي ڊگهي عرصي واري ترقي ان جي سياسي ۽ اقتصادي ادارن جي ان شراڪتداريءَ تي مدار رکي ٿي، جيڪا سڀني شهرين کي برابريءَ سان ڀاڱي ڀائيواريءَ جو موقعو ڏئي.

پاڪستان لاءِ به ضروري آهي ته قومي سلامتيءَ جو تصور صرف بارود، هٿيارن ۽ فوج تائين محدود نه رکيو وڃي، پر ان ۾ معاشي، سماجي، تعليمي، ۽ ماحولياتي خطرن ۽ ڪمزورين کي به شامل ڪيو وڃي. سوال اهو آهي ته ڇا اسان، پنهنجون ترجيحون تبديل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون؟ ڇا اسان اڃا به امن کي صرف هٿيارن ۽ ڇانيل قوت سان ڳنڍي ڏسندا رهنداسين، يا رياستي ڍانچي کي اندروني ڀڃ ڊاهه کان بچائڻ لاءِ ويزن سان اڳتي وڌنداسين؟ اڄوڪو پاڪستان اندروني سلامتيءَ جي سخت بحران مان گذري رهيو آهي. ملڪ جا ٻه اسٽرٽيجڪ لحاظ سان اهم صوبا – بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا – سڌي سنئين شورش جي ور چڙهيل آهن، جتي ڪيترن ئي علائقن ۾ رياست پنهنجي رِٽ وڃائي ويٺي آهي. گذريل ٻن ڏهاڪن کان پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز بغاوتن خلاف جنگي حالت ۾ آهن، پر انهن بغاوتن جي جڙ تائين پهچڻ بدران، رڳو فوجي آپريشنن تي ڀاڙيو ويو آهي. هيءَ پاليسي انهن بنيادي سببن کي نظرانداز ڪري ڇڏي آهي، جيڪي عدم اطمينان، محرومي، سياسي بيواسي ۽ معاشي تنگدليءَ جي صورت ۾ موجود آهن.

فوجي ۽ سول حڪومتون – هڪ پويان ٻي – ان حقيقت کي سمجهي نه سگهيون ته شورش ۽ سماجي-معاشي محروميءَ جي وچ ۾ ڳانڍاپو آهي. شورش جي ور چڙهيل علائقن کي نه رڳو صحت، تعليم، ۽ روزگار جهڙيون بنيادي سهولتون ميسر ناهن، پر انهن علائقن جي رهواسين کي سياسي حق به حاصل ناهن. صرف فوجي قوت سان حڪومت ڪرڻ، اتان جي ماڻهن ۾ بيگانگيءَ جو احساس وڌايو آهي، جيڪو رياست لاءِ وڌيڪ خطري جي گهنٽي آهي. ان حوالي سان ٿيل تحقيق مطابق، ملڪ جا جيڪي علائقا انتهائي غير محفوظ آهن، انهن ۾ اڳوڻا فاٽا جا ضلعا خيبرپختونخوا جو ڪوہستان، ۽ بلوچستان جا 17 ضلعا شامل آهن، جن ۾ واشڪ، خضدار، کوهلو ۽ ژوب سڀ کان وڌيڪ غير محفوظ سمجهيا وڃن ٿا. اها ڪو نه نرالي ڳالهه ناهي ته اهي ئي علائقا موجوده بغاوتن جا مرڪز بڻيل آهن.

علائقائي نابرابريءَ جو دليل تڏهن به ملي ٿو، جڏهن ڏسون ٿا ته پاڪستان جي سڀ کان گهٽ خطري وارن 20 ضلعن مان 13 پنجاب ۾، 4 سنڌ ۾، 2 خيبرپختونخوا ۾ ۽ بلوچستان ۾ هڪ به ناهي. اهڙي صورتحال وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ ۽ اقتدار جي مرڪزي صوبن تائين محدود هجڻ جي نشاندهي ڪري ٿي. پنجاب، جيڪو رياست جو طاقتور مرڪز آهي، قومي وسيلن جو وڏو حصو پاڻ وٽ رکي ٿو، جڏهن ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جا نوان شامل ٿيل ضلعا، فنڊز جي حوالي سان پٺتي پيل رکن ٿا.

بلوچستان، جيڪو رقبو جي لحاظ سان ملڪ جو سڀ کان وڏو صوبو آهي، اتي مواصلاتي نظام، روڊ رستا، ٽرانسپورٽ، ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جهڙيون بنيادي سهولتون انتهائي حد تائين محدود آهن. اڪثر ضلعا اڄ به جديد انفراسٽرڪچر کان محروم آهن، جڏهن ته پنجاب جي اترين ۽ وچولي علائقن ۾ سڀ سهولتون موجود آهن. نه رڳو مواصلاتي سهولتون، پر صحت جي شعبي ۾ به اهڙي ئي نابرابري ڏسڻ ۾ اچي ٿي. بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جا ڪيترائي ضلعا بنيادي صحت جي سهولتن کان محروم آهن. ڪيترن ئي پٺتي پيل ضلعن ۾، ماڻهو علاج لاءِ 30 ڪلوميٽر کان به وڌيڪ مفاصلو طئه ڪن ٿا. اهڙن علائقن ۾ بيروزگاري عروج تي آهي، ۽ ماڻهو پنهنجي خاندانن جي مدد لاءِ بغير معاوضي جي محنت ڪن ٿا – جيڪي سندن زندگيءَ جي نازڪ حالت جا واضح اشارا آهن.

اهڙين حقيقتن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ملڪ جي بقا لاءِ رڳو ايٽمي قوت ۽ فوجي طاقت ڪافي نه آهي. رياست اندر جي ناانصافين، ادارن جي ناڪامي، وسيلن جي نابرابري ۽ علائقائي محرومن جا اهڙا زخم آهن، جن کي ڀرڻ لاءِ هڪ جامع، سماجي، سياسي، ۽ اقتصادي روڊ ميپ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اهي محروميون جاري رهيون ته پوءِ اها تباهي، جيڪا اسان جي سرحدن اندر پکڙجي رهي آهي، ان کان نه ته هٿيار بچائي سگهن ٿا، نه بم، ۽ نه ئي ڪو بينر هيٺ ٿيل قومي نغماتي جذبو. ان کان بچڻ لاءِ سوچ بدلائڻي پوندي – ۽ ترجيحون به. تحقيقن مطابق، بلوچستان جي انتهائي غريب علائقن ۾ لڳ ڀڳ 65 سيڪڙو ماڻهو اڃا تائين اهڙن عارضي يا ڪمزور گهرن ۾ رهن ٿا، جيڪي زندگيءَ جي بنيادي تحفظ جي گهرجن تي به پورا نٿا لهن. اڌ کان وڌيڪ آبادي وٽ باقاعده بيت الخلاءَ موجود ناهي، ۽ 40 سيڪڙو ماڻهن کي صاف پاڻي به ميسر ناهي. زندگيءَ جي اهڙي خراب صورتحال ۾، اهو حيران ڪندڙ ناهي ته اتي جا ڪيترائي نوجوان آسانيءَ سان عسڪريت پسند گروپن جو رخ ڪن ٿا.

انهن علائقن ۾ ماڻهن کي بنيادي جمهوري ۽ انساني حقن کان مڪمل طور محروم رکيو ويو آهي، جيڪو ان ڳالهه جي وضاحت ڪري ٿو ته ڇو گذريل ٻن ڏهاڪن کان جاري فوجي آپريشن باوجود به عسڪريت پسندي ختم ٿيڻ جو نالو نٿي وٺي. اهڙي ناانصافي جي ور چڙهيل حالتن ۾، نه رڳو رياست سان بيگانگي پيدا ٿئي ٿي، پر ان سان گڏوگڏ پرڏيهي قوتن لاءِ به مداخلت جو رستو هموار ٿئي ٿو، خاص ڪري جڏهن مقامي ماڻهو پاڻ کي نظرانداز ٿيل، بيمعنيٰ ۽ بيواسي محسوس ڪن. رياست جي طرفان اڪثر ’باهرين دشمنن‘ جو راڳ آلاپيو ويندو آهي، پر انهن ماڻهن جي وارتا نٿِي ڪئي وڃي، جيڪي پنهنجين ئي سرحدن اندر بنيادي انساني سهولتن لاءِ به ترسي رهيا آهن. حڪمرانن جي ترجيحن ۾ اهڙن وسيلن جي واڌ ويجهه ڪڏهن به بنيادي حيثيت حاصل نه ڪري سگهي آهي، جن سان انساني بنيادي ڍانچي جي بهتريءَ کي يقيني بڻايو وڃي. ان جو ثبوت پاڪستان جو غيرمعمولي طور تي هيٺيان Human Development Index تي هجڻ آهي، جيڪو نه رڳو رياست جي لاپرواهيءَ کي ظاهر ڪري ٿو، پر مستقبل لاءِ هڪ خطرناڪ تصوير به پيش ڪري ٿو.

ملڪ جي مجموعي آمدني، يعني GDP جو هڪ سيڪڙو به تعليم ۽ صحت تي خرچ نٿو ڪيو وڃي، جيڪو افغانستان کي ڇڏي ڏجي ته خطي جي تقريباً سڀني ملڪن کان گهٽ آهي. ايڏي اهم زمري ۾ اهڙي لاپرواهي رڳو پاليسيءَ جي ناڪامي نه، پر قوم جي مستقبل سان ٿيندڙ دانستہ غداري جي مترادف آهي.هن سڀ صورتحال سان گڏ، آباديءَ جي واڌ جي شرح به هڪ وڏو مسئلو آهي. هر سال 2.5 سيڪڙو جي رفتار سان وڌندڙ آبادي، 2040ع تائين 32 ڪروڙ تائين پهچي سگھي ٿي. هي انگ نه رڳو ڊپ پيدا ڪندڙ آهي، پر هڪ اهڙو سماجي ٽائيم بام آهي، جيڪو هر لمحي ڦاٽڻ جي ويجهو آهي. اهڙي آباديءَ کي کڻڻ لاءِ نه معيشت تيار آهي، نه تعليمي ڍانچو، نه صحت جون سهولتون، ۽ نه ئي روزگار جا وسيلن سان ڀرپور ڪو ويزن.

اهڙين حالتن ۾ رياستي سلامتيءَ لاءِ سڀ کان وڏو خطرو ڪا پرڏيهي قوت ناهي، نه ئي بارود ۽ هٿيارن سان آيل ڪا ويڙهه  پر اصل خطرو آهي، پنهنجن ماڻهن جي غربت، بيوسي ۽ مايوسيءَ مان پيدا ٿيندڙ بيچيني، جيڪا ڏاڍ جي نظام خلاف ئي نه، پر رياست جي جوڙجڪ خلاف به بغاوت بڻجي سگهي ٿي.

تاريخ شاهد آهي ته جڏهن رياست پنهنجي ماڻهن کي نظرانداز ڪري ٿي، جڏهن بنيادي انساني حقن کي لتاڙيو وڃي ٿو، جڏهن نوجوانن لاءِ خواب بدران مايوسي ڇڏي وڃي ٿي، تڏهن هٿيارن سان قومي سلامتيءَ جو تحفظ هڪ فريب بڻجي ٿو. حڪمران طبقي جي لاءِ، هي سڀ ڄڻ ته ڪا اهميت ئي نٿو رکي. ترجيح اڄ به رياستي طاقت جي ڏيکاءَ، جشنن ۽ خيالي خطرن جي خلاف بيانن تائين محدود آهي، جڏهن ته زمين تي حقيقت اها آهي ته ملڪ جي اندر ئي ناسور پکڙجي رهيا آهن.

ان کان اڳ جو گهڻو دير ٿي وڃي، اسان کي پنهنجي قومي سلامتيءَ جي سوچ تي نئين سر غور ڪرڻو پوندو. اهڙي سلامتي، جيڪا رڳو فوجي قوت، ايٽمي هٿيارن يا قومي ترانن سان نه، پر ماڻهن جي تعليم، صحت، روزگار، عزت، ۽ برابريءَ تي ٻڌل هجي. ٻي صورت ۾، اها تباهي، جيڪا هاڻ ته در تي بيٺل لڳي ٿي، ان کان پوءِ ڪو به طاقتور هٿيار، ڪا به فوجي حڪمتِ عملي، يا ڪا به عالمي سفارتڪاري، پاڪستان کي بچائي نه سگهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.