رپورٽن موجب صحافين ۽ ٻين ميڊيا سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي تحفظ لاءِ قائم سنڌ ڪميشن فار دي پروٽيڪيشن آف جرنلسٽ جو ٽيون ڏينهن هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌي جي صحافين کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي حل بابت غور ڪيو ويو. ان اجلاس ۾ خاص طور تي سکر ڊويزن سان لاڳاپيل صحافين نصرالله گڏاڻي، جان محمد مهر ۽ حيدر مستوئي جي ڪيسن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. ڪميشن پاران سکر پوليس جي نمائندي ايس پي ليگل فدا حسين سولنگي کي اجلاس ۾ طلب ڪيو ويو جنهن نصر الله گڏاڻي ڪيس بابت ٻڌايو ته ٽي جوابدار اصغر لنڊ، عبدالله لنڊ ۽ برڪت لنڊ نامزد ٿيل آهن جن مان پهريون گرفتار آهي، ٻيو ضمانت تي ۽ ٽيون روپوش آهي. وڌيڪ ٽي ڄڻا خالد لنڊ، شهباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ جا نالا شروعاتي طور ڪيس ۾ ڄاڻايا ويا آهن پر 9 مئي 2024 تي سکر هاءِ ڪورٽ بئنچ جي هدايتن تحت ايس ايس پي شهيد بينظير آباد تنوير حسين تنيو جي سربراهي ۾ جوڙيل جاچ ٽيم کين بي گناهه قرار ڏنو. پوليس طرفان اصغر لنڊ، عبدالله لنڊ ۽ برڪت لنڊ خلاف چالان دهشت گردي جي عدالت ميرپور ماٿيلو ۾ داخل ڪيو ويو آهي جنهن جي ٻڌڻي 5 آگسٽ 2025 تي مقرر هئي.
ڪميشن جي ميمبرن ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ ڊاڪٽر توصيف احمد خان پوليس رپورٽ کي ناقابل قبول ۽ مايوس ڪندڙ قرار ڏنو. انهن چيو ته متاثر خاندان کي خطرا درپيش آهن ڇو ته جوابدار بااثر آهن ۽ برڪت لنڊ اڃا تائين گرفتار نه ٿيو آهي انهن پوليس جي غير جانبداري تي سوال اٿاريا ۽ چيو ته اهڙي ماحول ۾ انصاف ملڻ مشڪل آهي. انهن مطالبو ڪيو ته ڪيس کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي منتقل ڪيو وڃي ته جيئن آزادي سان انصاف ممڪن بڻجي سگهي. ڪميشن پوليس جي جانبداري تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پوليس کي درخواست ڏني ته برڪت لنڊ کي فوري گرفتار ڪيو وڃي.
اسان صحافين جي تحفظ لاءِ ”سنڌ ڪميشن فاردي پروٽيڪشن آف جرنلسٽ“ جي قائم ٿيڻ کي هڪ سٺي اڳڀرائي سمجهون ٿا جنهن ۾ حڪومتي عملدارن جي آڏو سنڌ جي صحافين جو ڪيس رکي سگهجي ٿو. ان ڪميشن جي ميمبرن ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ پروفيسر توصيف احمد صحافين خاص ڪري عوامي آواز جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي جو ڪيس سٺي نموني نه صرف رکيو پر ان ڪيس کي لئه مٽي ٿيڻ کان بچايو به آهي ۽ ان ڪيس ۾ ڄڻ ته نئون ساهه وجهي ڇڏيو آهي. اها بلڪل به حقيقت آهي ته سنڌ جي ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ نه رڳو صحافين ۽ رپورٽنگ ڪرڻ ڏکي هوندي آهي پر اتان جي ڀوتارن، سردارن، وڏيرن ۽ جاگيردارن جي موجودگي ۾ پنهنجو ذاتي تحفظ ڪرڻ به اوکو هوندو آهي ۽ وري جيڪڏهن ڪو صحافي قتل ٿي وڃي ٿو ته ان جي ڪيس جي پوئواري ڪرڻ اڃان به دشوار هوندي آهي جو مقامي انتظاميا ۽ پوليس ڄڻ ته ڏوهارين ۽ قاتلن سان مليل هوندي آهي. تنهن ڪري مقتولن جي وارثن لاءِ ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ ۽ عدالتن ۾ پيشين تي وڃڻ به جان جوکي ۾ وجهڻ هوندي آهي. عام ماڻهو ته ٺهيو پر خود عدالتون، جج ۽ وڪيل به علائقن جي ڏاڍن ماڻهن، مافيائن ۽ ڏوهارين جي نشاني تي اچڻ کان ڊڄنديون آهن.
عوامي آواز جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي جو قتل ڪيس به اهڙي ماحول جو شڪار ٿيو آهي. جنهن ۾ شهيد جا وارث هميشه دانهون ڪندا رهيا آهن ته کين پيشين تي وڃڻ کان به روڪيو ۽ ڌمڪايو وڃي ٿو ۽ ايئن ئي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس کي اينگهائي اينگهائي غائب ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي. اهو ڪيس ڪافي حد تائين پس منظر ۾ هليو به ويو هو جنهن کي وري ٽيون ڏينهن صحافين جي تحفظ واري ڪميشن جي آڏو اٿاريو ويو آهي ۽ ان ۾ بلڪل به اهو درست مطالبو ڪيو ويو آهي ته نصرالله جو ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ڏانهن منتقل ڪيو وڃي ته جيئن ڪيس هلي سگهي. ايئن اهو ڪيس سنڌ اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي جي عوامي نمائندن کي به اٿارڻ گهرجي ته اسان جو حڪومتون، انتظاميائون، پوليس ۽ عدالتون آخر مافيائن، ڏاڍن، ڀوتارن ۽ هر قسم جي ڏوهارين آڏو ڇو ڪمزور آهن ۽ انهن کان پڇاڻو ڇو نه ٿو ڪيو وڃي. آئين، قانون، انصاف ۽ حڪومتي رٽ ڇو بالادست ناهي.
بهرحال شهيد نصرالله گڏاڻي جو ڪيس جيڪڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ منتقل ٿئي ٿو ته ان سان ڪيس جي يقينن نئين ۽ غير جانبدار قسم جي ماحول ۾ شنوائي ٿيندي پر اهڙو ماحول سڄي سنڌ ۾ قائم ٿيڻ گهرجي. تڏهن ئي عوام کي تڪڙو ۽ سستو انصاف ملي سگهندو. موجوده حالتن ۾ ته خود سنڌ جرنلسٽ ڪميشن ئي نصرالله گڏاڻي بابت پوليس رپورٽ کي مايوس قرار ڏنو آهي پر بهتر اها ڳالهه اها آهي ته عوامي آواز ميڊيا گروپ فورم ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ شهيد نصرالله گڏاڻي جي ڪيس ۾ اڳڀرائي ڪندي رهندي ٿي اچي جيڪا اتساهيندڙ ڳالهه آهي.پر اصل ڳالهه اها آهي ته صحافين جي قتل ڪيسن کي پنهنجي انجام تي رسائجي جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ۽ صحافين جي قتلن جا ڪيس وقت جي دز ۾ دفنايا ويندا ته پوءِ ڪير به جرئتمند صحافت نه ڪري سگهندو جنهن سان خود صحافت جو روح ئي نابود ٿي ويندو ۽ سسٽم مڪمل طور تي ڀوتارن جي ور چڙهي ويندو تنهن ڪري صحافين جي مالڪي ٿيڻ گهرجي ۽ سندن تحفظ کي يقيني بڻائڻ جا انتظام ڪيا وڃن، اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن ملڪ اندر آئين، قانون ۽ انصاف ۽ حڪومتي رٽ جي بالادستي هوندي، ان سان ئي عوام جي جان، مال ۽ عزت محفوظ هوندي.