هڪ اردو ٽي وي چينل تي ”سنڌ جو مقدمو“ جي عنوان سان هڪ پروگرام ٿيو هو جنهن ۾ سنڌ جي سينئر صحافي ۽ دانشور انور پيرزادي کان سوال پڇيو ويو هو ته سنڌ جي ڪيس ۾ سنڌ جو مجرم اوهان ڪنهن کي قرار ڏيندئو ته انور صاحب جواب ڏنو هو ته ”هر دور جو حڪمران ئي سنڌ جو اصل مجرم رهيو آهي ۽ سنڌ جو ڪيس هر دور ۾ عوام ئي وڙهيو آهي.“ انور صاحب جو اهو موقف هن ملڪ جي مجرم تي به لاڳو ڪري سگهجي ٿو ته حڪمرانن ئي هن ملڪ جي ڀينگ ڪئي آهي.
هن ملڪ جي حڪمرانن تي هونئن ته تاريخ جي عدالت ۾ ڪيترائي ڪيس داخل ڪري سگهجن ٿا، مٿن پهريون وڏو الزام اهو آهي ته انهن آئين ۽ قانون تحت ملڪ نه هلايو آهي ۽ نه ئي جمهوري روح پٽاندڙ ملڪ کي هلايو آهي. ملڪ جي حڪمرانن تي ٻيو وڏو الزام هر دور ۾ ”ڪرپشن“ جو لڳندو رهيو آهي. هاڻي اندازو لڳايو ته جڏهن ملڪ جا پوءِ سويلين هجن يا نان سويلين، چونڊيل هجن يا اڻ چونڊيل آمر حڪمران هجن جيڪڏهن اهي ئي ڪرپٽ هجن ته باقي ڇا بچيو؟
ڪرپشن جو مطلب آهي طاقت يا عهدي جي ناجائز استعمال ذريعي ذاتي فائدو حاصل ڪرڻ. ملڪي تاريخ ڏسجي ته هتي عام طور تي ڪرپشن جي الزامن ۾ ئي حڪومتن کي برطرف ڪيو ويو آهي. چوندا آهن ته سماج اندر ڪو انفرادي طور ماڻهو ڪرپٽ هجي ته خير آهي پر جڏهن سڄو سماج ئي بدعنوان ٿي وڃي ته اهو سماج نيست ۽ نابود ٿي ويندو آهي. حقيقت ته اها آهي ته اسان جو سڄو حڪومتي ڍانچو ڪرپٽ آهي جنهن ڪري ڪرپشن جو اهو ناسور ڪينسر وانگر حڪمرانن کان پوءِ حڪومتي ادارن جي رڳن ۾ ڦهلجي ويو آهي. جڏهن حڪومتي نظام ئي ڪرپٽ هوندو ۽ ڪرپشن تي هلندو ته پوءِ بدعنواني عام ماڻهن جي مزاج جو به حصو بڻجي ويندي آهي.
ڪرپشن جا ڪيترائي قسم ۽ طريقا ٿين ٿا. مثال طور ادارتي ڪرپشن سرڪاري يا نجي ادارن اندر قانون جي لتاڙ سان ناجائز فائدو وٺڻ. ٺيڪا ڏيڻ وقت رشوت وٺڻ، نوڪريون سفارش تي ڏيڻ. مالياتي ڪرپشن ، جهڙوڪ رشوت، ترقياتي فنڊ هڙپ ڪرڻ. سياسي ڪرپشن ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ يا بچائڻ لاءِ ناجائز ذريعا استعمال ڪرڻ. ووٽن جي خريد و فروخت، عوامي پئسي مان چونڊ مهم هلائڻ. اخلاقي ڪرپشن ۾ پنهنجي حيثيت جو غلط استعمال يا پاڻ کي سڀني کان مٿاهون سمجهڻ. انتظامي ڪرپشن ۾ سرڪاري آفيسرن جو قانون يا قاعدن کي نظرانداز ڪري ناجائز فيصلا ڪرڻ. جعلي دستاويزن تي دستخط، فائلن کي بنا جواز اينگهائڻ وغيره ڪرپشن جي طريقن کي ڏسجي ته رشوت جا قسم ملندا. پئسا يا تحفا وٺي ناجائز ڪم ڪرڻ يا قانوني ڪم کي آسانيءَ سان ڪرائڻ. ڪميشن وٺڻ ڪنهن کي ٺيڪو ڏيڻ يا مال خريد ڪرڻ جي عيوض ۾ ڪميشن وٺڻ. غيرقانوني ڀرتيون سفارشي ماڻهن کي ميرٽ جي بغير نوڪريون ڏيڻ وسيلن جو غلط استعمال سرڪاري گاڏين، آفيسن، وقت، يا فنڊن کي ذاتي ڪم لاءِ استعمال ڪرڻ. طاقت جي زور تي پئسا يا فائدو وٺڻ. بليڪ ميلنگ ڪرڻ، اهم معلومات کي عوام کان لڪائي ذاتي فائدو وٺڻ. جعلي رپورٽون ۽ دستاويز غلط انگ اکر ڏيکاري فنڊ وٺڻ يا ڪم جو ٺيڪو حاصل ڪرڻ وغيره
ڪرپشن جو هاڻي عالم اهو آهي ته هتي هاڻي نوڪريون به وڪامنديون آهن. ڪنهن به سٺي نوڪري لاءِ رشوت ڏيڻي پوندي آهي، نوڪري ته ڇڏيو پر بدلي ڪرائڻ لاءِ به رشوت، ڪي ڪاغذ پٽ ٺاهرائجن ته ان لاءِ به رشوت. ڪنهن ڪيس ۾ اسٽي آرڊر ڪرائجي، يا ڪو ڏوهاري ضمانت ڪرائڻ چاهي، ڪو ڪڌو ڌنڌو ڪري، ناجائز ڪاروبار ڪري، قبضا مافيا بڻجي، منشيات فروش هجي ته اهي سڀ ڪم رشوت ڏئي ڪرائي يا ڪري سگهجن ٿا. مطلب ته مٿانهان کان وٺي هيٺين سطح تائين اوهان کي ڪرپشن ئي ڪرپشن ملندي ۽ ان ڪرپشن کان معذرت سان اسان جا انصاف جا ادارا به محفوظ ناهن رهيا. عدالتي فيصلا به ”چمڪ“ جي بنياد تي ٿيندا رهيا آهن. سو ايئن ناهي ته ڪو رڳو پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ ٿئي ٿي پر ميرٽ جي لتاڙ هر سطح تي ٿئي ٿي ۽ ان جو بنيادي ڪارڻ ڪرپٽ نظام آهي. ۽ ان ڪرپٽ نظام جا ذميوار حڪمران رهيا آهن. ويجهڙ اسلام آباد ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان پاران آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ به مخالف سياسي اڳواڻن دانهون ڪيون ته هتي هر ادارو رشوت ۾ ٻڏل آهي. مخالف ڌر جي اڳواڻ صفدر عباسيءَ چيو ته گذريل 18 سالن ۾ سنڌ ۾ ڪرپشن وڌي آهي. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪرپشن جو عنصر اسان کي ساهه به کڻڻ نٿو ڏي.
سو عام ماڻهو هجي يا خاص، سڀ ان ڳالهه تي متفق آهن ته حڪمرانن ۽ حڪومتي ادارن جي ڪرپشن ملڪ کي کائي هڙپ ڪري ڇڏيو آهي ۽ الميو اهو آهي ته ان کان ڪير پڇاڻو به نه ٿو ڪري سگهي جو هتي ڪوبه ادارو ڪرپشن کان بچيل ناهي.سو اها ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته هن ملڪ کي حڪمرانن ڪرپشن ۾ بدنام ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته اهي جيڪو حلف کڻندا آهن تنهن ۾ ايمانداري ۽ شفافيت جا قسم کڻي پوءِ ڪم جي شروعات ڪندا آهن. رياست وٽ يقينن هر قسم جي ڪرپشن جو ريڪارڊ موجود آهي پر افسوس ته ان ريڪارڊ کي به هڪڙن سياسي ۽ اقتداري مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ تائين محدود ڪيو ويندو آهي. بهرحال ڪجهه به هجي ڪرپشن جي حوالي سان ملڪ ۽ ملڪي حڪمرانن جي ساک صحيح ناهي ۽ نه ئي ڪرپشن کان پاڪ حڪومتي نظام قائم ڪرڻ جو پري پري تائين ڪو ارادو ٿو نظر اچي.