ڪراچيءَ ۾ جنهن جاءِ تي اڄ ايمپريس مارڪيٽ موجود آهي ، اتي انگريزن جي سنڌ ۾ اچڻ کان وٺي سال 1870ع تائين هڪ وڏو ميدان هوندو هو. سال 1849ع ۾ ان جي اوسي پاسي ۾ انگريزن پنهنجي هڪ ملٽري آفيس قائم ڪئي . ڪجهه وقت کان پوءِ هاڻوڪي صدر بازار واري جاءِ تي انگريز فوج جي هڪ وڏي ڇانوڻي قائم ڪئي وئي ، جنهن کي انتظامي طور ”صدر ڪوارٽرز“ چيو ويندو هو.اها ڇانوڻي انگريز فوج پاران ڪنٽومينٽ جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ٺاهي ويئي. ان کان اڳ هن ميدان تي 1857ع جي مقامي باغي قيدين کي انگريزن ڦاهيءَ تي چاڙهيو هو ۽ ڪجهه انقلابين کي توپن جي مُنهنِ سان ٻڌي اُڏايو ويو هو. هن واقعي کان پوءِ ڪراچي شهر جا گهڻا ماڻهو هي ميدان ڏسڻ ايندا هئا ، ڇو ته اُن واقعي کان پوءِ هي ميدان هڪ قسم جو يادگار بڻجي چڪو هو. ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکندي انگريز سرڪار هتي هڪ وڏي مارڪيٽ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو . ٻيو ته اها مارڪيٽ صدر ڪوارٽر ۾ رهندڙ فوجين ۽ ٻين عام ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪري ها، ڇاڪاڻ ته صدر بازار انهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي نه هئي .
ڪراچي تي تحقيق ڪندڙ نالي وارو محقق گُل حسن ڪلمتي پنهنجي ڪتاب ؛ ” ڪراچي ۾ انگريز دور جون مشهور عمارتون “ ۾ لکي ٿو ته ؛ ” ايمپريس مارڪيٽ جي پيڙهه جو پٿر بمبئي جي گورنر سر جيمز فرگوسن 10 نومبر 1884ع تي رکيو. هن مارڪيٽ جو نقشو ڪراچي ميونسپالٽي جي تڏهوڪي چيف انجنيئر مسٽر جيمز اسٽريچن ٺاهيو هو. “ايمپريس مارڪيٽ بابت لکيل مواد پڙهڻ ۽ پنهنجي ذاتي مشاهدن کان پوءِ خبر پوي ٿي ته؛ هي مارڪيٽ گوئٿڪ طرز تي ٺهيل آهي. هن مارڪيٽ ۾ڇائيتاليهه فوٽ ويڪريون چار گئلريون آهن ، وچ تي هڪ وڏو اڱڻ آهي جتي مختلف ڀاڄيون ، ميوات ۽ ٻيا ڪيترائي وَکرَ خريد و فروخت ٿيندا آهن. هن مارڪيٽ کي ٽي دروازا آهن ، جڏهن ته ڏاکڻئين دروازي جي مُهڙ ۾هڪ 140 فوٽ اوچو مينار آهي ، جنهن کي ” ڪلاڪ ٽاور “ چيو ويندو هو. ڪنهن دور ۾ هي ڪراچيءَ جو وڏي ۾ وڏو ٽاور هو . هن مينار جي چئني پاسي گهڙيال لڳل آهن.
ايمپريس مارڪيٽ جي سامهون واري روڊ جو نالو ” نيپيئر اسٽريٽ “ هو ، بعد ۾ ڪراچي جي ڪجهه ساڃانهه وند ۽ باشعور ماڻهن ان جو نئون نالو ” مير ڪَرم علي خان ٽالپر روڊ“ رکيو. ايمپريس مارڪيٽ جي اڏاوت ۾ پنج سال لڳا ۽ هن جي اڏاوت تي ( سال 1884 کان 1889) تائين ڪُل خرچ ؛ هڪ لک پنجونجاهه هزار ٻه سئو تيرهن روپيا آيو. جيئن ته سال 1888ع ۾ راڻي وِڪٽوريا جون سِلور جوبلي جون تقريبون هلندڙ هيون ۽ امپريس مارڪيٽ به تيار ٿي چڪي هئي ۽ هن جو افتتاح 21 مارچ 1889ع تي هڪ شاندار تقريب جي صورت ۾ ٿيو جنهن جو مهمان خاص سنڌ جو تڏهوڪو ڪمشنر ؛ چارلس بريڊلي پريچرڊ هو .
مسٽر چارلس پريچرڊ 1887ع کان 1889ع تائين سنڌ جو ڪمشنر رهيو. ان تقريب ۾ هن مارڪيٽ جو نالو ؛ ” ايمپريس مارڪيٽ “ رکيو ويو. شروعَ ۾ هن مارڪيٽ منجهان رڳو يورپي ماڻهو ئي خريداري ڪري سگهندا هئا ۽ مقامي ماڻهن جي داخلا تي پابندي هئي . ايمپريس مارڪيٽ جي اڏاوت ۾ استعمال ٿيل پٿر، گذريءَ جي جابلو علائقي منجهان گهرائي لڳرايو ويو. هن مارڪيٽ جا ٺيڪيدار مارواڙي سَلاوٽي محمد نيوان ۽ ڊِلو ڪيجو هئا . ايمپريس مارڪيٽ جي مُک دروازي ٻاهران کاٻي پاسي کان هڪ پٿر تي (ڪي ايم سي مارڪيٽ 1889ع) لکيل آهي ، جيڪو هن مارڪيٽ جي جُڙي راس ٿيڻ جو سال آهي.
ورهاڱي کان اڳ هن مارڪيٽ جي هر پاسي خوبصورت گُل ٻوٽا هئا ۽ وڻڪاري ٿيل هئي ۽ مارڪيٽ جي ٽنهي دروازن جي سامهون جانورن جي پيئڻ جي پاڻيءَ جا حوض پڻ ٺهيل هئا.ڪجهه عرصو اڳ تاريخ ۽ ثقافتي ورثي جي حفاظت لاءِ آواز اٿاريندڙن جي احتجاج کان پوءِ ، سپريم ڪورٽ جي هڪ حڪم تحت 2019ع ۾ ايمپريس مارڪيٽ جي چوڌاري موجود حد دخليون ختم ڪيون ويون تنهن ڪري عمارت جو پراڻو ڏيک هاڻي بحال ٿي ويو آهي. ڪلاڪ ٽاور ايمپريس مارڪيٽ جي مُک دروازي مٿان ٺهيل آهي ، ورهاڱي کان پوءِ ان ۾ تبديليون ڪري هن جي خوبصورتيءَ کي ختم ڪيو ويو آهي ، ان کان سواءِ مختلف قبضاگيرن هر پاسي دڪان ٺاهيا آهن ، جنهن سان مارڪيٽ جي اندرئين پاسي کان مارڪيٽ جو نقشو ئي سمجهه ۾ نه ٿو اچي . ان کان سواءِ مارڪيٽ ٻاهران هر پاسي گند ۽ ڪچرو پکڙيل هوندو آهي ، جتي رات جو هيروئني ، آئس ۽ ٻين نشن جا موالي ڪِريا پيا هوندا آهن.هن وقت هي مارڪيٽ ڪي ايم سي وارن جي هٿ وس آهي ، تنهن ڪري انهن کي مٿي ڏسيل مسئلن ۽ هيٺ ڏنل تجويزن تي عمل ڪرڻ گهرجي؛
ڪجهه اهم تجويزون
- امپريس مارڪيٽ ۾ استعمال ٿيل قديم پيلي رنگ جو پٿر ، گهڻو وقت گذرڻ جي ڪري هاڻي ڪجهه هنڌن تان ڳري رهيو آهي ، تنهن ڪري انهن پٿرن جي جاءِ تي نوان پٿر لڳايا وڃن ، پر شرط اهو آهي ته اهي پٿر به ساڳئي قسم جا هئڻ گهرجن جهڙا اڳ ۾ لڳل آهن.
- ڪي ايم سي وارن کي گهرجي ته ايمپريس مارڪيٽ اندر ۽ ٻاهر صفائي سٿرائي جو خاص خيال رکن . منهنجي مشاهدي موجب مارڪيٽ اندر موجود گوشت واري حصي ۾ ۽ مارڪيٽ جي ٻاهران گهڻن هنڌن تي گند ڪچرو ۽ گپَ چِڪَ لڳي پئي هوندي آهي .
- ايمپريس مارڪيٽ اندر موجود ڪيترن ئي وَکرن جا اگهه پار ، ڪراچي جي ٻين عام مارڪيٽن کان تمام گهڻا مهانگا هوندا آهن ، تنهن ڪري لاڳاپيل سرڪاري اداري کي ان ڳالهه جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.
- ايمپريس مارڪيٽ جي چوڌاري موجود پارڪ کي ”رام دين پانڊي ۽ سورج بال تيوري پارڪ“ جو نالو ڏيڻ گهرجي ، جن کي ٻين 19 باغين سميت ، سال 1857ع ۾ ان هنڌ توبن سان ٻڌي اڏايو ويو هو.