ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ۽ وڏو سانحو آهي جو ڪنهن هڪ سياسي جماعت سان واڳيل لڳ ڀڳ هڪ سئو جي سينيٽ ۽ اسيمبلي جي ميمبرن سميت پارٽي جي مک اڳواڻن کي جن ۾ عورتون به شامل آهن کين نائين مئي وارن واقعن ۾ ملوث قرار ڏئي دهشتگردي ائڪٽ هيٺ ڏهن سالن ۽ ان کان مٿي واري عرصي تائين جون سزائون ٻڌائي نااهل ڪيو ويو آهي جنهن سان عالمي سطح تي ڪهڙو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي۔ پي ٽي آءِ جي جن به سينيٽرن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي سزائون مليون آهن يا هڪ ئي وقت نااهل ٿيا آهن انهن ۾ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر جا اڳواڻ به شامل آهن جن جو ۽ سندن وڏڙن جو ملڪ جي سياست ۾ وڏو نالو رهيو آهي ۽ ملڪ جي اهم ۽ مک عهدن تي فائز رهيا آهن جن ۾ عمر ايوب خان مرحيات صدر فيلڊ مارشل محمد ايوب جو پوٽو به شامل آهي۔
ملڪ ۾ جهڙيون حالتون آهن ان کي ڏسندي حڪومت ۽ ان جون اتحادي ڌريون پنهنجيون ناڪاميون تسليم ڪندي مليل واڳون ڇڏي نين چونڊن ڪرائڻ لاءِ اڳيان وڌن باقي جمهوريت ۽ آئين کي بچائڻ لاءِ ڪو ٻيو رستو نظر نٿو اچي ۽ ٿي سگهي ته ملڪ اڳتي هلي ڪنهن سوڙهي گهٽي ۾ ڦاسي پوي۔ هن وقت ملڪ کي معاشي توڙي جمهوريت جي مضبوطي طرف وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي جنهن سان آئيني ۽ قانوني ادارا مضبوط ٿي سگهن۔ هن وقت ملڪ ۾ جيترو سياسي انتشار ۽ معاشي بدحالي پنهجيون پاڙون پختيون ڪري چڪي آهي ملڪ کي هر لحاظ کان ڪمزور ڪري سگهن ٿيون جنهن کي پٽڙي تي ٻيهر آڻڻ مشڪل ٿي پوندو جنهن جو فائدو ڪو ٻيو وٺندو۔
جڏهن کان عمران خان جي حڪومت وئي آهي ۽ ن ليگ سندس اتحادين جي گڏيل حڪومت قائم ٿي آهي يا وري 2024 وارين عام چونڊن کانپوءِ جيڪو ٽيڪنيڪل ڌانڌلين وارو ممڻ متو آهي ۽ مخالفن خلاف انتقامي ڪاروايون ٿي رهيون آهن مرضي جون آئيني ترميمون آڻي پارليمينٽ ۽ عدالتن کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي تنهن کانپوءِ مخالف ڌر جو حڪومت مخالف احتجاج جاري آهي جنهن ۾ ن ليگ ۽ سندس اتحادين کي ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي هاڻ ته موراڳو ملڪ جون سموريون حڪومت مخالف پارٽيون ۽ سياسي ڌڙا تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي پليٽ فارم تان گڏ ٿيندي نظر پيا اچن جنهن مان لڳي رهيو آهي ته ملڪ ۾ ڪو خطرناڪ سياسي طوفان اٿڻ وارو آهي جيڪو شايد ئي ڪنهن کان جهلجي سگهي ۽ انهي امڪاني طوفان حڪومت ۽ سندس اتحادين کي مونجهارن ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۔ حڪومت هن وقت ايتري قدر ته وڦلجي رهي آهي ۽ مخالفن جي ڊپ ۾ ورتل آهي جو پنهنجي مخالفن کي سياسي گڏجاڻيون ۽ جلسل به ڪرڻ نٿي ڏئي جيڪي سندن حق آهي۔ نه صرف اهو پر سندن اسيمبلي ميمبرن کي عدالتن وسيلي سزائون ڏياري نااهل ڪرايو پيو وڃي ته جيئن اهي ڪمزور ٿين ۽ حڪومت پارليمينٽ اندر توڙي ٻاهر مضبوط ٿئي ۽ پنهنجي مرضي وارا فيصلا مڙهي آئيني ترميمون آڻي سگهي جيڪي وقتي طور ته حڪومت کي سهارو ڏئي سگهن ٿيون پر اهي دير تائين رهڻ مشڪل آهن۔
پي ٽي آءِ سينيٽ ۽ اسيمبلي ميمبرن توڙي مک اڳواڻن کي نائين مئي وارن واقعن کي سبب بڻائي عدالتن پاران ملندڙ سزائن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته سزائن وسيلي سندن اسيمبلي ميمبرن ۽ سينيٽرن کي نااهل بڻائي پارليامينٽ مان ٻاهر ڪرڻ جي سازش سٽيل آهي ۽ هن سازش کان بچڻ لاءِ پي ٽي آءِ وٽ هاڻ هڪ ئي ۽ آخري آپشن وڃي بچيو آهي ته سينيٽ ۽ اسيمبلين جو بائڪاٽ ڪن يا وري اسيمبلين ۽ سينيٽ تان استعفائون ڏئي باقائده تحريڪ هلائي حڪومت تي دٻاءَ وجهن۔ جيڪڏهن اهڙي قسم جي ڪنهن آپشن تي عمل ٿئي ٿو ته ملڪ ويتر سياسي بحران جو شڪار ٿي سگهي ٿو جيڪو جمهوريت لاءِ ڪنهن به صورت ۾ فائيديمند نه ٿيندو۔ خبر ناهي ته حڪومت کي هن قسم جون صلاحون ڪٿان ملن ٿيون ۽ ڪير ٿو ڏئي۔ حڪومتي وزير ۽ اڳواڻ اهو تاثر ڏئي رهيا آهن ته مخالف ڌر جي قائدين ۽ اڳواڻن جي گرفتارين ۽ سزائن ۾ حڪومت جو ڪو به ڏيڻ وٺڻ ناهي جڏهن ته بظاهر سڀ ڪجهه حڪومت ئي ڪندي نظر پئي اچي۔
هن وقت اهي به افواهه گشت ڪري رهيا آهن ته طاقتور حلقا حڪومت ۽ ان جي اتحادين مان خوش ناهن ۽ اهڙي حڪومت کان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ۾ آهن جنهن لاءِ هڪ ڀيرو وري پارليامينٽ جو سهارو ورتو ويندو ته جيئن حڪومت ڪيرائڻ جو سبب ڪا هڪ ڌر نه بڻجي ملبو وري به پارليامينٽ تي ڪري جيئن عمران ڀيري ڪيو ويو هو۔ اهي به افواهه گردش پيا ڪن بلڪ امڪان به آهن ته وفاقي وزير محسن نقوي کي وزيراعظم جي عهدي تي آندو وڃي جنهن لاءِ کيس سينيٽ جي سيٽ ڇڏرائي قومي اسيمبلي جي ميمبر طور چونڊرايو ويندو جڏهن ته نئين صدر جي چونڊ لاءِ به حالتون سازگار بڻايون وينديون ته جيئن ڪو بااختيار ۽ طاقتور ايوان صدر جو منصب سنڀالي سگهي۔ هن ڏس ۾ 18 هين ترميم به ختم ڪرڻ لاءِ پيپر ورڪ هلي رهيو آهي جنهن لاءِ پي ٽي آءِ جي باغي ميمبرن جو به سهڪار حاصل ڪيو ويندو ۽ پي ٽي آءِ جي نااهل ٿيندڙ ميمبرن جي خالي ٿيندڙ جاين تي ضمني چونڊون ڪرائي حڪومت پنهنجا حامي چونڊرائيندي ۔ پي ٽي آءِ امڪاني نئين سياسي سيٽ اپ کي نه به قبولي جنهن جو پتو 5 آگسٽ کانپوءِ ئي پوندو جڏهن مخالف ڌر موجوده سسٽم خلاف ملڪ گير احتجاج شروع ڪندي ۽ قيدي نمبر 804 جا پٽ سليمان ۽ قاسم اسلام آباد پنهنجي والد سان اڊيلا جيل ۾ ملڻ پهچندا۔ اهي به افواهه اٿاريا ويا آهن ته عمران خان پنهنجي پٽن جي حفاظت خاطر کين في الحال پاڪستان اچڻ کان روڪي ڇڏيو آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ قيادت اهڙين افواهن جي سختي سان ترديد ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته اها حڪومتي سازش آهي سليمان ۽ قاسم ضرور ايندا بهرحال ڏينهن ٻن ۾ خبر پئجي ويندي ته اهي اچن به ٿا يا نه في الحال ته سندن پهچڻ ۽ استقبال جو ڪو به ظاهري بندوبست ٿيندي نظر نٿو اچي۔ اهي به ڳالهيون بحث هيٺ آهن ته في الحال پي ٽي آءِ جي اسيمبلي ميمبرن ۽ مک اڳواڻن کي ملندڙ عدالتي سزائون هڪ ڏيکاءُ آهن جيڪي ان پراڻي طريقي سان ختم به ٿي سگهن ٿيون جيئن اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف ۽ سندس خاندان سميت حامين جون ختم ڪيون ويون هيون جنهن جو دارومدار پنجين آگسٽ کان شروع ٿيندڙ حڪومت مخالف احتجاجن تي هوندو۔ جيڪڏهن عمران خان جا پٽ پاڪستان اچن ٿا ڪنهن احتجاج جي اڳواڻي ڪن ٿا احتجاج زور وٺن ٿا ته حڪومت جهڪڻ تي مجبور ٿي سگهي ٿي