ذوالفقار علي ڀُٽي جونيئر جو سياسي مستقبل

تحرير: پروفيسر توصيف احمد

پيپلز پارٽي جي باني ميمبرن مان هڪ، ڊاڪٽر مبشر حسن، هن پارٽي جو سيڪريٽري جنرل رهيو، پر غنويٰ ڀٽو گذريل ڪيترن ئي سالن کان ملڪ ۾ موجود نه آهي، جنهن سبب سندن پارٽي هاڻ متحرڪ نظر نٿي اچي. ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر جي ڏاڏي، ذوالفقار علي ڀٽو، پنهنجي سياسي سفر جي شروعات پهرين فوجي آمر جنرل ايوب خان جي پارٽي مسلم ليگ مان ڪئي هئي، جتي هو هڪ وقت مسلم ليگ جو سيڪريٽري جنرل به رهيو. تاريخي ڪتابن ۽ اخبارن جي فائيلن جي محنت سان ڪيل مطالعي مان ظاهر ٿئي ٿو ته ذوالفقار علي ڀٽو صدارتي چونڊن ۾ فاطمه جناح جي مقابلي ۾ جنرل ايوب خان جي حمايت ڪئي هئي، پر تاشقند معاهدي تي اختلافن سبب هو ايوب خان جي حڪومت کان الڳ ٿي ويو.

ذوالفقار علي ڀٽو ڀارت سان هزار سال جنگ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ ”ماني، اجهو ۽ لٽو“ جهڙي نعري تحت پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو. چين نواز ڪميونسٽ پارٽيءَ جي هڪ ڌڙي به پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو، 1968ع ۾ جنرل ايوب خان خلاف هلندڙ تحريڪ دوران ذوالفقار علي ڀٽو گرفتار ڪيا ويا، پر ايوب خان جي حڪومت ختم ٿي وئي.جنرل يحيٰ خان جي دور ۾ 1970ع جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي سنڌ ۽ پنجاب مان ڪامياب ٿي. ذوالفقار علي ڀٽو نوجوانن جي هيري طور سامهون آيو. ڀٽو پاڪستان جي اولهه حصي ۾ عوامي سياست جو بنياد وڌو. پيپلز پارٽي جي پهرين حڪومت تعليم، صحت، زراعت ۽ صنعتن جي شعبي ۾ انقلابي سڌارا ڪيا، ايٽمي هٿيارن جي تياريءَ جو فيصلو ڪيو ۽ 1971ع جي شڪست کانپوءِ فوج کي ٻيهر مضبوط ڪيو.ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ نيشنل عوامي پارٽي تي پابندي لڳائي وئي، بلوچستان جي چونڊيل حڪومت کي ختم ڪيو ويو ۽ اتي فوجي آپريشن ڪيو ويو.

1977ع ۾ جنرل ضياءُ الحق پيپلز پارٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو ۽ هڪ تڪراري عدالتي فيصلي تحت ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏئي قتل ڪيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽي جو وڏو پٽ مير مرتضى ڀٽو ۽ سندس ڀاءُ شاهنواز ڀٽو، وڏن انقلابي اڳواڻن جهڙوڪ چي گويئرا کان متاثر هئا. 1977ع ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو کي گرفتار ڪيو ويو، تڏهن ڀٽو صاحب حڪم ڏنو ته مرتضى ۽ شاهنواز فوراً لنڊن هليا وڃن، جڏهن ته پنهنجي ڌيءَ بينظير ڀٽو کي والدہ سان گڏ ملڪ ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي. مرتضى ۽ شاهنواز فوراً لنڊن روانا ٿي ويا هئا. ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسيءَ کان پوءِ، مرتضى ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو ڪابل هليا ويا، جتي اُن وقت افغانستان ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي حڪومت قائم هئي. اُن ئي عرصي دوران پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين (PIA) جو جهاز اغوا ڪيو ويو، جنهن جي ذميواري مير مرتضى ڀٽو تي وڌي وئي ۽ ان سان گڏ هڪ گوريلا تنظيم "الذوالفقار” جو نالو به سامهون آيو. جهاز جي اغوا کان پوءِ جنرل ضياءُ الحق جي حڪومت، پيپلز پارٽيءَ سميت کاٻي ڌر جي تنظيمن سان لاڳاپيل هزارين ڪارڪنن، سڃاتل اديبن، شاعرن ۽ دانشورن کي گرفتار ڪري ورتو.

اُن وقت حزبِ اختلاف جي يارنهن سياسي جماعتن تي مشتمل "تحريڪ بحالي جمهوريت” (MRD) جنهن ۾ پيپلز پارٽيءَ کان علاوه، تحريڪ استقلال ۽ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي به شامل هيون 1981ع ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي، جيڪا ان وقت تي خاص اثرائتي ثابت نه ٿي، پر 1983ع ۾ MRD جي تحريڪ عالمي راءِ عامه کي جنرل ضياءُ الحق جي حڪومت خلاف هموار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ٻي طرف، جڏهن ڪابل حڪومت جي پاليسين ۾ تبديلي آئي ته مير مرتضى ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو فرانس جي گاديءَ واري شهر پئرس هليا ويا.اتي، شاهنواز ڀٽو پرسرار نموني فوت ٿي ويو. 1986ع ۾ بينظير ڀٽو جلاوطني ختم ڪري پاڪستان واپس آئي. لاهور ۾ سندن تاريخي استقبال ٿيو. جنرل ضياءُ جي موت کان پوءِ چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ڪامياب ٿي، پر صدر غلام اسحاق خان 18 مهينن اندر حڪومت کي برطرف ڪري ڇڏيو. جڏهن بينظير ڀٽو ٻيهر 1993ع ۾ اقتدار ۾ آئي ته بيگم نصرت ڀٽو اعلان ڪيو ته مرتضى ڀٽو پاڪستان واپس اچڻ چاهي ٿو.

بينظير ڀٽو سيڪيورٽي خدشن جي بنياد تي مرتضى جي واپسيءَ جي مخالفت ڪئي، پر سنڌ هاءِ ڪورٽ مان ضمانت ٿيڻ بعد مير مرتضى ڀٽو ملڪ واپس اچي ويو. هو پنهنجي والد ذوالفقار علي ڀٽو وانگر پرجوش تقريرون ڪندو هو، جنهن ۾ هو غريب طبقي تي ٿيندڙ ظلم ۽ استحصال کي اجاگر ڪندا هئا، جنهن سبب ڪيترائي نوجوان سندن ساٿ ۾ شامل ٿيا. طاقتور ماڻهن پوليس جي ڪجهه آفيسرن سان گڏجي 70 ڪلفٽن جي اڳيان سندن رستا روڪ ڪئي ۽ هڪ پوليس مقابلي ۾ مير مرتضى ڀٽو شهيد ٿي ويو. اُن کان پوءِ سندن گهرواري غنويٰ ڀٽو، شهيد ڀٽو گروپ جي اڳواڻي سنڀالي.غنويٰ ڀٽو وقت سان گڏ سياست جي پردي تان غائب ٿي وئي. مير مرتضى ڀٽو جي وڏي ڌيءَ فاطمه ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو ۾ ظاهري مشابھت ڏٺي وئي. ڪجهه حلقا هر چونڊن جي موقعي تي اها دعويٰ ڪندا رهيا ته فاطمه ڀٽو جلد سياست ۾ ايندي، پر فاطمه ڀٽو پنهنجو پاڻ کي شاعرہ، ليکڪا ۽ دانشور طور متعارف ڪرايو. سندن ڪجهه شاعراڻين تخليقن کي عالمي سڃاڻپ حاصل ٿي.

ذوالفقار جونيئر جو سڄو فڪري بنياد عدم تشدد ۽ رواداريءَ تي ٻڌل رهيو آهي. هن سماجي ميلن، مذهب سان لاڳاپيل ڏينهن ۽ تقريبن ۾ جوش سان حصو وٺڻ شروع ڪيو، جتي هو نياز جي حليم ۽ شربت ورهائيندي نظر آيو. هن ٽريڊ يونين اڳواڻن سان گڏ سول سوسائٽي جي ڪارڪنن سان ويجهڙائيءَ وارا لاڳاپا قائم ڪيا. لاهور ۽ اسلام آباد ۾ کاٻي ڌر جي مختلف گروپن جي اڳواڻن سان ڊگها اجلاس ۽ ملاقاتون ڪيون. کيس ڏسندي ماڻهن کي اڳوڻو وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ياد اچڻ لڳو.ذوالفقار جونيئر سياست ۾ عوام دوست انداز اختيار ڪري پنهنجي لاءِ هڪ الڳ سڃاڻپ پيدا ڪئي آهي. ڪجهه مهينا اڳ جڏهن سنڌو درياهه  مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جي مزاحمتي تحريڪ اٿي، تڏهن ذوالفقار جونيئر ان تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت جي خراب ڪارڪردگيءَ سبب عوام ۽ حڪومت وچ ۾ خال وڌندو پيو وڃي.

جيڪڏهن ذوالفقار جونيئر محنت جاري رکي ٿو ته سنڌ جي هر شهر ۾ کيس عوامي پذيرائي حاصل ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن سندس ڀيڻ فاطمه ڀٽو به ساڻس گڏ اچي ته اهي ٻئي ڀيڻ ڀاءُ پيپلز پارٽي لاءِ وڏو سياسي چئلينج بڻجي سگهن ٿا. ذوالفقار جونيئر، پيپلز پارٽي جي خراب حڪمراني ۽ ملڪ جي غير شفاف نظام جهڙن مسئلن کي عوام آڏو اجاگر ڪري سگهجي ٿو، پر موجوده حالتن ۾ کيس ۽ سندس ساٿين کي ڊگهي سياسي جدوجهد لاءِ تيار رهڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.