اهو 1999ع جو زمانو هو. ان دور جي صحافت رڳو نوڪري نه، پر لاڳاپن، جذبي ۽ اعتبار تي بيٺل هڪ تحريڪ هئي.پريس ڪلب حيدرآباد وڃڻ تڏهن اعزاز هو، اتي هر وقت علم، ادب، سياست ۽ تاريخ جي رنگن سان ڀريل محفلون سجنديون هيون. انهن محفلن جا روحاني مرڪز هوندا هئا: علي حسن انڪل، جامي چانڊيو، لالا رحمان سمون، اقبال ملاح، ناصر شيخ، مرحوم اي.جي. چانڊيو، خالد کوکر، اسحاق منگريو، مهينش ڪمار، جعفر ميمڻ ۽ ٻيا ڪيترائي نالا… جن کان اختلاف، محبت، مزاح ۽ صحافت سکڻ جو موقعو مليو.انهن ئي ڏينهن ۾، هڪ اهڙي شخصيت دل جي ويجهو آئي ملڪ عزيزالله.جيڪڏهن اڄ سندن نالو نه وٺان، ته اها سڌي صحافتي ناانصافي ٿيندي. هو اسان جي پاڙي، گول بلڊنگ جي چوٿين ماڙ تي علي حسن انڪل جي ڀرسان رهندو هو. والد محترم شهاب الدين منشي مرحوم ۽ ملڪ صاحب جي وچ ۾ پراڻي، بي لوث وابستگي هئي. ملڪ صاحب پوليس جي نوڪري ڇڏڻ کان پوءِ صحافت جو رستو اختيار ڪيو. ڪجهه عرصو چيمبر آف ڪامرس ۾ به رهيا.
سخت مزاج، پر بيحد اصولي انسان. جڏهن هو ڊان اخبار سان لاڳاپيل هئا، ته ڪنهن به خبر تي ويهڪ ڪرڻ پاڻ ۾ هڪ علمي تجربي جهڙو هوندو هو. هو بنا تحقيق ڪا به خبر نه ڏيندا هئا. خبر جيڪڏهن ڪنهن جي خلاف هوندي، ته مخالف جو مؤقف شامل ڪرڻ کي صحافتي اخلاقيت جو حصو سمجهندا هئا.هو علم دوست، صاف گو ۽ حسد کان پاڪ شخص هئا. نوجوانن جي تربيت ڪرڻ ۽ سندن همت افزائي ڪرڻ، سندن زندگي جو حصو هو. محمد حسين خان جهڙو نوجوان، جن کي ٽيليفون ايڪسچينج مان استعيفو ڏياري ڊان ۾ جاءِ ڏني، انهن جي تربيت جو مثال آهي. ملڪ صاحب سرڪاري مراعتن کان هميشه پري رهيا. مون کي ياد ناهي ته ڪڏهن به پريس ڪلب يا ڪنهن پلاٽ جي ورهاست، يا ذاتي مفادن جي ادارن ۾ ڪا دلچسپي ورتي هجي.هو پنهنجي ذات ۾ نفيس، غيرتمند ۽ سچو صحافي هو. ڊان حيدرآباد جو بيورو چيف هجڻ باوجود، هن نه پنهنجي عهدي جو ناتو ڪو بزنس سان جوڙيو، نه ڪنهن کان فائدو ورتو.
اڄ ملڪ عزيزالله اسان ۾ نه رهيو.پر سندس وڃڻ سان صحافت جو هڪ باب بند ٿي ويو آهي. هو رڳو فرد نه، پر فڪر، ذميواري، ۽ علم جي نمائندگي ڪندڙ دور هو. حيدرآباد، خاص طور انگريزي صحافت، اڄ هڪ علمي، ايماندار ۽ بيباک آواز کان محروم ٿي وئي آهي.