¨ ڪجهه ڏينهن اڳ مورو ڀرسان ڳوٺ بجاراڻي لغاري سان تعلق رکندڙ 20 ورهين جي نوجوان عورت فضيلا لغاريءَ غربت ۽ بيمارين وگهي مايوس ٿي پنهنجي معصوم ڌي سان گڏ درياهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو هو. جنهن بابت مورو ڳوٺ جي ماڻهن کي به خبر نه هئي. ڪامريڊ ڪومل لغاريءَ جو به هڪ ويڊيو بيان ٻڌڻ لاءِ مليو ته اسان کي خبر هجي ها ته کيس خودڪشي کان بچائي وٺجي ها. ڀٽائي صاحب چواڻي ته ”پاڙي ناهي پروڙ، رات رنجائي گذري“
¨ جامي چانڊيي جو به هڪ ويڊيو بيان منظرعام تي آيو جنهن ۾ هن چيو ته فضيلا ۽ سندس ڌيءُ جون ڪجهه هزارن ۾ حياتيون بچي وڃن ها پر ويچارن وٽ ايترا پيسا به نه هئا. شديد مايوسي ۽ بي وسي ۾ اهو فيصلو ڪيو هوندو.
¨ هن جديد دور ۾ ايڏي بي خبري ۽ لاتعلقي جي، ڏسجي ته ڪا گنجائش هئڻ ئي نه گهرجي ته هڪ ڳوٺ جي ماڻهن کي پنهنجي تر جي ماڻهن جي مسئلن جي ڄاڻ ئي نه هجي.
¨ هاڻي سوال اهو آهي ته ان بي خبري واري معاملي کي ڪيئن ختم ڪجي. ان حوالي سان پاڻ وٽ هڪ عملي مثال آهي جيڪو تجويز طور هتي پيش ڪري سگهجي ٿو.
¨ اها تجويز هي آهي ته جيڪڏهن هر ڳوٺ، هر پاڙي ۽ هر خاندان ۾ واٽس ايپ گروپ ٺهيل هجي ۽ انهن ۾ گهر ڀاتين، پاڙي وارن يا ڳوٺ جي سرگرم ماڻهن کي ايڊ ڪجي ته اهي ان واٽس ايپ گروپ ذريعي هڪ ٻئي کي پنهنجا مسئلا ٻڌائي سگهن ٿا. جڏهن مسئلا ٻڌائبا ته يقينن ان جا حل به نڪري ايندا.
¨ اهڙو ڪامياب تجربو ڳوٺ ٻلهڙيجي وارن ڪيو آهي جن واٽس ايپ گروپ قائم ڪري ان ڳوٺ جي سڀني ڳوٺاڻن کي ايڊ ڪري ڇڏيو آهي پوءِ ڀلي اهي ڳوٺ ۾ رهندڙ هجن، ڪنهن ٻئي شهر يا ٻاهرين ملڪ رهندڙ هجن سڀني جو ڳوٺ سان هر مهل ۽ هر پل رابطو هوندو آهي ۽ کين اپ ڊيٽ ملندي رهندي آهي پوءِ جيڪڏهن ڪو ڳوٺ جو مسئلو به ٿيندو آهي ته هڪ ئي وقت سڀني کي واٽس ايپ ذريعي خبر پئجي ويندي آهي ۽ پوءِ ان روشني ۾ مسئلي کي حل ڪري وٺبو آهي
¨ جيڪڏهن فضيلا جي خاندان، پاڙي يا ان جي ڳوٺ جو ڪو واٽس ايپ جهڙو رابطي جو گروپ ٺهيل هجي ها ته ضرور اهو مسئلو ان تي رکيو وڃي ها پوءِ ممڪن آهي ته گروپ ۾ شامل ڪو سرنديءَ وارو يا انسان دوست ماڻهو سندن مالي مدد ڪري وجهي ها. ڳوٺ ٻلهڙيجي وارا به ائين ئي واٽس ايپ گروپ ذريعي چندو چاڙي ڪري هڪٻئي جي فوري مدد ڪندا آهن.
¨ سو سنڌ جي سڀني خاندانن، ڳوٺن ۽ ڳوٺن جي پاڙن کي پنهنجن مسئلن کان واقف رهڻ لاءِ اهڙا ننڍا ننڍا رابطي جا واٽس ايپ گروپ ٺاهي پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي مسئلا ڪرڻ جو سوچڻ گهرجي.
¨ پر افسوس اسان جديد ٽيڪنالاجي جي انهن ذريعن ۽ وسيلن مان گهربل فائدو ناهيون وٺندا. فائدو وٺڻ ته ٺهيو الٽو واٽس ايپ گروپن کي فضول سمجهندي ان تي ٺٺول ڪندا آهيون.
¨ اهابه دلچسپ ڳالهه آهي ته جن ماڻهن کي واٽس ايپ ۽ سوشل ميڊيا جي ٽيڪنالاجي سان الرجڪ هوندي آهي سي پاڻ موبائيل ۽ فيس بڪ مان اک ئي ناهن ڪڍندا، جاسوسن وانگر هر وقت نظر هوندن پر ان کي سماجي ڪارج لاءِ استعمال نه ڪندا ۽ ويجهو هوندي به دور رهڻ واري ماحول جي پيا وڪالت ڪندا پٿر جي دور ۾ رهڻ پسند ڪندا جيڪا نه ناسمجهي ۽ پنهنجين سهولتن تي ڪهاڙي هڻڻ جي برابر آهي.
¨ عام تاثر اهو به آهي ته ڳوٺ بجار لغاري تي پوليس جو ڪافي وقت کان جيڪو ڪڙو چڙهيل آهي جنهن ڪارڻ پوليس ايندڙ ويندڙ ڳوٺاڻن کي بيجا تنگ ۽ پريشان ڪري رهي آهي تنهن ڪري به ان عورت کي شايد پنهنجي ڌيءُ جي علاج لاءِ اسپتال وڃڻ جو موقعو نه ملي سگهيو
¨ پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن خودڪشي ڪندڙ فضيلا جي پريشاني وارو ڪيس ڪير سوشل ميڊيا يا واٽس ايپ تي رکي ها ته ممڪن آهي ته ڪو سرنديءَ وارو فوري طور تي ان عورت جي مالي مدد ڪري کيس انتهائي قدم کڻڻ کان بچائي وٺي ها يا ڪومل لغاري وغيره جن اڳتي اچي سندس ڪا مدد ڪن ها.