آخر منهنجي سنڌ جي ڏکن جو ڇا ٿيندو؟

تحرير: خادم حسين مشوري

سنڌ، جيڪا سڪندر اعظم کان اڳ جي تاريخ رکندڙ، تهذيبن جي ماءُ، علم جو آستانو، امن ۽ انساني محبت جو ديس رهي آهي، اڄ سوالن جي زد ۾ آهي. مهراڻ جا ڪنارا، جيڪي موهن جو دڙو جي شاهڪار تهذيب جا شاهد رهيا آهن، اڄ ماٺارن جا ماتم آهن.انهن ساڳين واڪن تي، جتي ڪڏهن علم جا درس هئا، اڄ بيروزگاري، بدامني، نشي، سياسي بيحسي ۽ وسيلن جي لٽ مار جو ڌوڙ آهي. سنڌ جي ڏکن جي شروعات ڪنهن هڪ ڏينهن مان نه ٿي، پر اها هڪ ڊگهي سازش ۽ مسلسل خاموشي جو نتيجو آهي. انگريزن جي دور ۾ به سنڌ سان ڌوڪو ٿيو، پاڪستان جي قيام کانپوءِ ته گويا سنڌ کي صرف زمين سمجهي استعمال ڪيو ويو، پر ان جي ماڻهن جي ڪا پرواهه نه ڪئي وئي. سنڌ جي وسيلن مان ملڪ هلائي، سنڌ کي ئي بک، بيروزگاري ۽ تعليم جي پسماندگي حوالي ڪيو ويو.

هتي جي زمين، پاڻي، تيل، گئس، ڪوئلي، سامونڊي وسيلا ۽ بندرگاهن جو مالڪ، اصل وارث سنڌي ماڻهون اڄ اجنبي بڻيل بيهي رڙيون ڪري رهيو آهي ته: "منهنجي ڌرتيءَ جا ڏک ڪيڏا نه ڪوٽ ٿي ويا آھن؟”پر ان جي آواز تي نه حڪمران ڪن لڳائين ٿا، نه ساڃاهه وند طبقا احتجاج کان اڳتي وڌن ٿا. سنڌ ۾ سياسي جماعتون به رڳو اقتدار جي ڳولا ۾ رهيون، انهن جي پاليسين ۾ سنڌ ماءُ ڌرتيءَ لاءِ ڪو خاص فڪر ڪونه رهيو. اهي اڳواڻ، جيڪي سنڌي ماڻهن جي نمائندگيءَ جا دعويدار رهيا، انهن پنهنجي دور اقتدار ۾ سنڌ جي حقن لاءِ ڪيڏو آواز اٿاريو؟

پارليامينٽ ۾ سنڌ جي نمائندن جي زبان خاموش رهي، جڏهن وفاقي سطح تي سنڌ جي پاڻي تي وار ٿيا، جڏهن ڪوٽا سسٽم کي ختم ڪرڻ جون رٿون آيون، جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي اسڪولن، يونيورسٽين مان ختم ڪرڻ جون سازشون ٿيون. سنڌ جا نوجوان تعليم، صحت، روزگار جي ميدان ۾ پوئتي ڌڪيا ويا. هيءُ سڀ ڪجهه ان ڪري ممڪن ٿيو، جو اسان جا پنهنجا ئي نمائندا مفادن جي پٺيان رهيا، ڌرتي جي سڏ کي وساري ويٺا. سنڌ جي سياسي بيحسي جو منظر ايترو ئي نه آهي، پر مقامي سطح تي به چونڊيل نمائندا صرف منشور جي پوسٽرن تائين سرگرم رهيا، بعد ۾ هو اقتدار جي نشي ۾ ماٺ ٿي ويا. نتيجي ۾، سنڌ جي شهرن ۾ گندگي جا ڍير، اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ، اسڪولن ۾ استاد جي غير حاضري، پاڻيءَ جي قلت، ۽ زرعي زمينن تي غيرقانوني قبضا معمول بڻجي ويا.

سنڌ جا ڏک رڳو سياسي نه پر سماجي به آهن. سماج جو جوڙجڪ، جيڪو ڀائپي، عزت، ۽ روايتن تي ٻڌل هو، هاڻي ٽٽندو پيو وڃي. نشي جي لت، ھيٺان اسان جي نوجوان نسل کي بي رستو ڪري ڇڏيو آهي. هو پنهنجي تاريخ کان ناآشنا، ٻوليءَ کان پري، ۽ ڌرتيءَ کان غير دلچسپيءَ جو شڪار آهن. ڪڏهن سنڌ جا ڳوٺ علم جا مرڪز هئا، اڄ اهي نشي جا ڳڙهه بڻجي ويا آهن. ڪڏهن نوجوان شام جو شاعرن جي محفلن ۾ ويهندا هئا، اڄ اهي وڊيو گيم، ٽڪ ٽاڪ ۽ فحاشيءَ جا شڪار آهن.

اخلاقي زوال جو منظر ايترو ته گهڻو آهي، جو ماڻهن مذهب کي نمازن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. روحانيت، محبت، همدردي، ۽ حقن جي جدوجهد سڀ وساري ويٺا آهيون. اسان وٽ ظلم خلاف آواز اٿارڻ بدران، خاموش رهڻ جو رواج آهي، نتيجي ۾ ظلم وڌي ويو آهي، ۽ ڏک انتها تائين پهتا آهن. سنڌ جي وسيلن تي غير سنڌين جو قبضو، وفاق جي ظالماڻي پاليسيون، ۽ ڪرپشن جو راڄ سنڌ جي پوئتي وڃڻ جو وڏو سبب آهن. تيل، گئس، ڪوئلو، پاڻي، ۽ پورٽ جا اربين روپيا وفاق کڻي ٿو، پر سنڌ کي واپس ڪجهه به نٿو ملي. سنڌ جي نوڪرين تي به ٻين صوبي جي ماڻهن جو قبضو، سنڌي نوجوانن جي نااميديءَ جو وڏو سبب بڻيو آهي. ڪوٽا سسٽم باوجود به عملدرآمد ناهي، سنڌي نوجوان امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ به نوڪريءَ کان محروم رهجي وڃن ٿا. انهن حالتن مان تنگ اچي ڪيترائي نوجوان نشي، ڏوهن يا لڏپلاڻ جي واٽ وٺن ٿا.۽ هاڻ…سنڌ جي نياڻين جا نالا، اخبارن جي ڪارن پٽن ۾ اغوا ٿيلن جي لسٽن ۾ اچن ٿا.اهي نياڻيون، جن کي اڳي عزت سان ڏٺو ويندو هو، هاڻ زبردستي مذهب مٽائڻ، جبري نڪاحن، ۽ لاپتا ٿيڻ جي رستن ۾ دفن ٿينديون رھن ٿيون سنڌ جا ٻار، جيڪي اسڪول وڃڻ گهرجن ها، اڄ ڪچري جا ٻورا کنيو، گٽرن ۾ هٿ وجهي، بک سان وڙهندي نظر اچن ٿا.اهي ٻار، جيڪي لطيف جا وارث هئا، اڄ بينچ بدران نانگ واھ ڪنارن تي بيڪار بيٺل نظر اچن ٿا.پوڙها، جن لاءِ اڳي دعائن جا در ھوندا ھئا، هاڻ دوا لاءِ اسپتالن جي در تي صدائون ڏئي مرن ٿا.

ماءُ، جيڪا ڪڏهن عزت جو مرڪز هئي، هاڻ قطار ۾ بيٺي آهي .  دوا، انصاف يا صرف رحم لاءِ. ۽ زراعت؟ جيڪا مهراڻ جي شان هئي؟ اڄ سوڪهڙي هي زد ۾، گئس جي کوٽ، پاڻيءَ جي ناانصافي، ۽ بيواسطه قبضي جي ڪري قبراستان بڻجي وئي آهي سنڌ اڄ ساهه ته کڻي ٿي، پر اهو ساهه زنده هجڻ جو نه رڳو وقت سان لاش وانگر هلڻ جو آهي هيءَ ڌرتي، جيڪا ڪڏهن بهارن جا گيت ڳائيندي هئي، اڄ رڳو ماتم، چپ، ۽ بي يقينيءَ جي موسمن ۾ وڪوڙيل آهي. ۽ سوال اڃا ساڳيو آهي: "آخر منهنجي سنڌ جي ڏکن جو ڇا ٿيندو؟”جواب؟ ڪوبه نه آهي. سنڌ ـ جيڪا اڳ تهذيبن جو تاج هئي، اڄ دردن جو ديس آهي.اهي ديس جا رستا، جتي اڳ گهوٽ سواريءَ سان ويندا هئا، اڄ جنازا گهوٽ جي جاءِ تي لنگهن ٿا.اهي دليون، جن ۾ اڳ رسالي جا بيت وسندا هئا، اڄ ان ۾ صدائون، رڙيون، ۽ عجيب ماٺار جا پٿر رکيل آهن.سنڌ جي واٽ تي هلندڙ عورت، اڳ ماءُ سمجهي ويندي هئي، اڄ فقط شڪ جي نگاهن سان ڏٺي وڃي ٿي.جن جون اکيون اڳ چنڊ جي مهڪ ڏسڻ لاءِ هونديون هيون، اهي هاڻ صبح جي سورن سان نڪرنديون آهن، هٿن ۾ ڪپڙو، ٻار جي آڱر، ۽ اکين ۾ صرف سوال آهن، ”ڪڏهن  آڱر پڪڙي ڌيءَ وني وڃي ٿي؟ ڪڏهن ڪو منهنجي عزت کي داغدار ن ڪري“

سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻار ــ ها، اهي معصوم ٻار، جن لاءِ مائرون سک جا خواب ڏسنديون هيون، ڳيچ ڳائينديون هيون، اڄ اهي ٻار رستن تي پنن ٿا. هڪ ٽِڪا، ٻه ٽِڪا، ٽي ٽِڪا ــ اهي نه صرف ماني لاءِ، پر وجود جي سڃاڻ لاءِ پيا روئن. ڪنهن جو پيءُ قيد ۾ آهي، ڪنهن جي ماءُ ڌڪ کائي ساهه موڪلائي وئي، ڪنهن ٻار جي گلي، رڳو رستو آهي. هوڏانهن کان "چانھن ڏيو، چاچو” جي آواز سان اچي ٿو، پر دل ۾ ٿو چوي: "مون کي صرف انسان سمجھو…” اُهي ٻار، جن جي اکين ۾ ڪڏهن رنگ هئا، اڄ اتي فقط ڌوڙ، ڳوڙها، ۽ گاريون آهن. ڪڏهن پوليس کين "مافيا” سڏي گرفتار ڪري ڇڏي. آھي معصوم، لاوارث، ۽ ڌرتيءَ کان ڪٽيل بڻجي وڃن ٿا. اهي ٻار، جيڪي لطيف جا وارث هئا، اڄ شهر جي ڪنڊ تي ڪنڊو آهن،

جن تي هر وکر، هر گاڏي، هر دنيا پير رکي گُذر ڪري ٿي وڃي، ۽ غريب؟ اهي غريب، جن جو پسينو پاڻي هو، اڄ سندن رت جو ڪو قدر ناهي. هُو، جيڪي ڪم ڪرائي ماني پيا ڏين، اڄ ڪم نه ملڻ ڪري خودڪشي پيا ڪن. ڪڏهن بندر روڊ جي ڇت تان ٻچن سميت ٽُپو ڏين، ڪڏهن ڪنهن ديوار تي رسو ٻڌي لڙڪي ٿا وڃن، ڪڏهن زهر وٺن، ڪڏهن ٽرين اڳيان ليٽي پون.

 خودڪشيءَ جو منظر، صرف موت ناهي، پر اهو بيان آهي ته اها ڌرتي اسان لاءِ ناهي بچي انهن خودڪشين جا قاتل اهي آهن، جيڪي روز بيان ڏين ٿا ته حالات بهتر ٿي رهيا آهن  ۽ ٿاڻا؟ اهي ٿاڻا، جن تي انصاف لکيل آهي،اُتي صرف رشوت، ظلم، ۽ سياسي غلامي جا گيت وڄن ٿا. جيڪو غريب وڃي، اهو ڏوهاري بڻجي وڃي. جيڪو امير وڃي، اهو مهمان بڻجي وڃي. ٿاڻيدار، ظاهري ورديءَ سان ته آهي،پر سندس دل اندر رڳو ماديت، حرص، ۽ بي حسي آهي.ڪا ماءُ وڃي، ته کيس پڇاڙيءَ تي چون: "ٺهيو، واپس وڃ ڇو آئي آھين ٿاڻي تي!” ڪڏهن ڪو نينگر، عدالت ۾ سچ چوي ٿو، ته پوءِ سندس لاش ايندڙ ڏينهن ڪئنال مان ملي ٿو. ۽ پوليس چوندي آهي:  "اوهو ته نشي باز هو، پاڻ ڪِريو هوندو!” اهو آهي منهنجي سنڌ جو حشر! اهي آهن تنهنجون ڌيئرون! اهي آهن تنهنجا پٽ، تنهنجا پوڙها، تنهنجا گهوٽ. تنهنجا گل. ۽ سوال اڃا به ساڳيو آهي: "آخر منهنجي سنڌ جي ڏکن جو ڇا ٿيندو؟”۽ جواب:خاموشي… رڳو خاموشي!

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.