آل پاڪستان سيڪيورٽي ايجنسي ايسوسيئيشن جو جناح اسپتال کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جو اشارو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آل پاڪستان سيڪيورٽي ايجنسي ايسوسيئيشن (ايپسا) رهتن جي عدم ادائيگي تي جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ڪراچي (جي پي ايم سي) کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
آل پاڪستان سيڪيورٽي ايجنسي ايسوسيئيشن صوبائي صحت کاتي کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جناح اسپتال ۾ ايپسا جي رڪن نجي سيڪيورٽي ڪمپني طرفان سيڪيورٽي لڳائي وئي آهي، جنهن کي 23-2022 جون رهتون اڃا تائين ادا ناهن ڪيون ويون، جناح اسپتال تي نجي سيڪيورٽي ڪمپني جون 29 لک 75 هزار کان وڌيڪ رهتون آهن.
ايپسا موجب رهتن جي ادائيگي لاءِ ڪيترائي ڀيرا اسپتال انتظاميا سان رابطو ڪيو ويو، انتظاميا رهتن جي عدم ادائيگي جو ڪارڻ فنڊن جي گهٽتائي ٻڌايو آهي.
ايپسا موجب هڪ پاسي ڄاڻايل نجي سيڪيورٽي ڪمپني کي رهتون ادا ناهن ڪيون ويون، ٻئي پاسي تازو جي پي ايم سي نجي سيڪيورٽي لاءِ ٽينڊز طلب ڪيا آهن.
ايپسا تنبيهه ڪئي آهي ته جيڪڏهن رهتن جي ادائيگي نه ڪئي وئي ته جناح اسپتال کي بليڪ لسٽ ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.