اداڪارا حميرا اصغر جو ڀاءُ مڙهه وٺڻ لاءِ ڪراچي پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا حميرا اصغر جو ڀاءُ مرحومه جو مڙهه وٺڻ لاءِ لاهور کان ڪراچي پهچي ويو.
ڪراچي ڏکڻ جي ڊي آءِ جي سيد اسد رضا ٻڌايو ته مرحومه جي ڀاءُ ڪراچي پهچي مڙهه جي حوالگي جو مطالبو ڪيو آهي.
هن ٻڌايو ته حميرا جو ڀاءُ نويد اصغر اڄ لاهور کان ڪراچي پهتو آهي، هن ايس ايس پي ڏکڻ مهظور علي ۽ گزري جي ايس ايڇ او فاروق احمد سنجراڻي سان ملاقات ڪئي ۽ پوليس کي ٻڌايو ته هو پنهنجي ڀيڻ جو مڙهه لاهور کڻي وڃي دفنائڻ چاهي ٿو، پوليس مڙهه جلدي سندس حوالي ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.