حيدرآباد: ڦليلي جي سب ڊويزن ٽنڊو طيب واري علائقي ۾ شادي تقريب دوران افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب ٽي نينگر فوت ٿي ويا ۽ شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.
اطلاعن موجب شادي ۾ شرڪت لاءِ آيل نينگر رات جو ڇت تي ستل هئا ته اوچتو ڀرسان گذرندڙ بجلي جي هاءِ وولٽيج تارن مان کين ڪرنٽ لڳي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽئي نينگر ٿڏي تي فوت ٿي ويا.
فوتين ۾ شھدادپور واسي ٻه ڀائر ۽ هڪ ٻيو نينگر شامل آهي، جن جي سڃاڻپ 14 ورهين جي عبدالرحمان، 10 ورهين جي فيروز ۽ 12 ورهين جي فراز طور ٿي.
اطلاع تي پوليس پهچي فوتين جا لاش ڇت تان لاھي ضروري ڪارروائي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيا.
واقعي کان پوءِ شادي واري گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.
You might also like