ايران هاڻ به طاقتور؟ آمريڪي رپورٽ ٽرمپ جي دعوائن تي سوال اٿاري ڇڏيا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي هڪ ٽي وي چينل جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ايران جي فوجي سگهه هاڻ به گهڻي حد تائين برقرار آهي، جنهن ۾ ميزائل، بحري هٿيار ۽ فضائي طاقت شامل آهي.
رپورٽ موجب ايران جا لڳ ڀڳ اڌ بيلسٽڪ ميزائل ۽ انهن جا لانچنگ نظام اڃا موجود آهن، اهڙي ريت پاسداران انقلاب وٽ 60 سيڪڙو بحري هٿيار ۽ تيز رفتار ٻيڙيون (اسپيڊ بوٽس) اڃا تائين موجود آهن، جن کي مبينا طور آبناءِ هرمز ۾ جهازن تي حملن لاءِ استعمال ڪيو ويو.
رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ايراني فضائيا جو لڳ ڀڳ ٽيون حصو اڃا به فعال آهي، جيڪو ايران جي دفاعي سگهه کي ظاهر ڪري ٿو.
آمريڪي ميڊيا موجب ايران جي حقيقي فوجي طاقت ان کان وڌيڪ آهي، جيتري ٽرمپ انتظاميا عوام اڳيان ظاهر ڪئي آهي.
ٻئي پاسي وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولين ليويٽ ان رپورٽ کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته آمريڪي ميڊيا هڪ ڀيرو ٻيهر ايران جي حق ۾ پروپيگنڊا ڪري رهي آهي.
هن چيو ته صدر ٽرمپ جي اڳواڻي ۾ آمريڪي فوجن رڳو 38 ڏينهن ۾ ايران جي دفاعي ۽ صنعتي ڍانچي کي تقريبن تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
سندس موجب ايران جي بيلسٽڪ ميزائل ۽ ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ڊرون ٺاهڻ ۽ ذخيرو ڪرڻ جي سگهه کي ڪيترائي سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ايراني بحريا کي به سخت نقصان پهتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.