آصف زرداري جي ايوان صدر مان رخصتي جا افواهه

تحرير: محمد بلال غوري

ڪجهه ڏينهن کان صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي ايونِ صدر مان رخصتي بابت افواهه گردش ۾ آهن. انهن افواهن جي پس منظر کي سمجهڻ لاءِ فرحت الله بابر جي نئين شايع ٿيل ڪتاب ڏانهن رجوع ڪري سگهجي ٿو، جيڪو اڳوڻي دؤر ۾ زرداري جو صدارتي ترجمان رهيو آهي. بابر پنهنجي ڪتاب ۾ ڪجهه اهڙا اهم واقعا بيان ڪيا آهن، جيڪي ان وقت جي سياسي ڇڪتاڻ جي وضاحت ڪن ٿا.

 10 آڪٽوبر 2011ع تي برطانوي اخبار فنانشل ٽائيمز ۾ هڪ مضمون ڇپيو، جنهن پاڪستاني سياست ۾ زلزلو آڻي ڇڏيو. آمريڪي  نزاد پاڪستاني، منصور اعجاز، ان مضمون ۾ دعويٰ ڪئي ته ايبٽ آباد آپريشن کان صرف هڪ هفتو پوءِ، يعني 9 مئي 2011ع تي، هڪ سينيئر پاڪستاني سفارتڪار سندس سان رابطو ڪيو ۽ چتاءُ ڏنو ته صدر زرداري آمريڪا جي قومي سلامتي جي اختيارين ڏانهن هڪ تڪڙي پيغام موڪلڻ چاهين ٿا. ان پيغام ۾ چيو ويو ته اسامه بن لادن جي قتل کانپوءِ پاڪستاني فوج اقتدار تي قبضو ڪري سگهي ٿي، تنهن ڪري آمريڪي حڪومت کي مداخلت ڪرڻ گهرجي ۽ جنرل اشفاق پرويز ڪياني کي اهڙي ڪنهن به ’مهم جوئي‘ کان روڪڻ گهرجي.

ان کانپوءِ اها دعويٰ به ڪئي ويئي ته منصور اعجاز سان رابطو ڪندڙ سفارتڪار اصل ۾ آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير، حسين حقاني، هو. پاڪستان ۾ ان مامري کي قومي سلامتي سان لاڳاپيل قرار ڏئي، ان کي ”ميموگيٽ اسڪينڊل“ جو نالو ڏنو ويو. فرحت الله بابر جي مطابق، بظاهري طور ميموگيٽ جو مرڪز حسين حقاني هئا، پر اصل نشانو صدر آصف زرداري هئا. جيئن جيئن حقاني تي دٻاءُ وڌڻ لڳو، تيئن تيئن اهو چوڻ لڳو ته هو زرداري خلاف ’سلطاني گواهه‘ بڻجي سگهي ٿو.

 22 نومبر 2011ع تي وزيراعظم هائوس ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صدر زرداري ۽ آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني شرڪت ڪئي. ان گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حسين حقاني استعيفيٰ ڏين ته جيئن ان مامري جي شفاف جاچ کي يقيني بڻائي سگهجي. حسين حقاني استعيفيٰ ڏني ۽ پوءِ پاڻ چيو ته هاڻي مون کي وڃڻ ڏيو.پر آصف زرداري ڄاڻندو هو ته هڪ حسين حقاني جي قرباني سان معاملو ختم نه ٿيندو. هو ڄاڻيندو هو ته جيڪي قوتون ان سڄي معاملي جي پويان آهن، سي وڌيڪ قربانين جي گهر ڪن ٿيون.

ميموگيٽ کي بنياد بڻائي صدر زرداري خلاف آئيني آرٽيڪل 6 تحت سنگين غداري جو ڪيس هلاڻ ۽ ٽرائل جي ڳالهين زور ورتو. ان جو جواب طور، صدر زرداري هڪ جوابي حڪمت عملي اختيار ڪندي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ته جيئن سازشن جي پردي پويان هلندڙ هٿ ظاهر ڪري سگهجن.

فرحت الله بابر لکي ٿو ته صدر زرداري ظاهري طور ته پراعتماد لڳندو هو، پر حقيقت ۾ صورتحال تمام ڳنڀير هئي. صدر زرداري بظاهر ته پراعتماد هئا، پر حقيقت ۾ هو شديد دٻاءَ جي لپيٽ ۾ هئا. فرحت الله بابر جي ڪتاب جي صفحي نمبر 303 تي ڏنل تفصيلن موجب، ان دٻاءَ جا اثر پهريون ڀيرو 29 نومبر 2011ع تي سامهون آيا، جڏهن سري لنڪن وفد ايون صدر ۾ زرداري سان ملاقات ڪئي. ان وقت صورتحال ايتري نازڪ هئي، جو زرداري بنا ڪنهن رڪاوٽ جي، بي ربط ۽ مسلسل ڳالهائيندو رهيو. ملاقات دوران اوچتو سلاله پوسٽ تي آمريڪي حملي بابت ڳالهيون ڪرڻ لڳو ۽ چيائين: ”زرداري جو ٽرائل نه ٿيندو، آمريڪا جو ٿيندو. مان افواج پاڪستان جو سپريم ڪمانڊر آهيان.“

اهو منظر ڏسي، سلمان فاروقي، اي ڊي سي کي اشارو ڪيو، جنهن فوري طور تي ملاقات جي پڄاڻيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ صدر جي سموري رهيل سرگرميون منسوخ ڪيون ويون.ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، صدر زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ خطاب لاءِ مسودو تيار ڪرڻ لاءِ پنهنجن مشيرن کي گڏ ڪيو. پر ان اجلاس ۾ به صدر زرداري لڳاتار ٻه ڪلاڪ پاڻ سان ئي ڳالهائيندو رهيو. سندس گفتگو بي ترتيب، آواز بلند ٿيندو ويو، لهجي ۾ تڪليف ۽ تلخي ظاهر ٿيڻ لڳي. فوري طور ڊاڪٽر کي سڏايو ويو، ۽ طبي امداد لاءِ کيس سندس خوابگاهه ڏانهن وٺي وڃڻ جو بندوبست ڪيو ويو. علاج لاءِ کيس دبئي وٺي وڃڻ جون تياريون شروع ٿي ويون. ايون صدر ۾ ئي هڪ هيلي ڪاپٽر لٿو ته جيئن زرداري کي اسلام آباد ايئرپورٽ منتقل ڪري سگهجي.پر هتي هڪ نئون مسئلو پيدا ٿي پيو. صدر زرداري چاهيو پئي ته آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير، حسين حقاني، کي به پاڻ سان گڏ دبئي وٺي وڃي، جڏهن ته حقاني ان وقت نو فلاءِ لسٽ تي هو. وزيراعظم يوسف رضا گيلاني خبردار ڪيو ته: ”جيڪڏهن اوهان حقاني کي پاڻ سان وٺي ويا ته حڪومت هڪ ڏينهن به نه هلي سگهندي.“ پر زرداري، حقاني کانسواءِ وڃڻ لاءِ تيار نه هو.

ان نازڪ موقعي تي ڪنهن صلاح ڏني ته صدر کي بيهوش ڪري جهاز ۾ ويهاريو وڃي ۽ حقاني کانسواءِ دبئي اماڻيو وڃي. پر زرداري پنهنجي هٿ ۾ ڀريل بندوق سان حسين حقاني کي وٺي، هيلي ڪاپٽر نمبر 1 ۾ سوار ٿي ويو. اڌ ڪلاڪ تائين هيلي ڪاپٽر اڏام نه ڀري. ظاهر ۾ چيو ويو ته دبئي جي اختيارين جي اجازت جو انتظار آهي، پر حقيقت ان کان مختلف هئي. حالت ايتري نازڪ هئي، جو صدر زرداري جي ذاتي معالج، ڊاڪٽر عاصم، ان هيلي ڪاپٽر ۾ ساڻس گڏ ويهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سندس خيال هو ته زرداري وٽ ڀريل بندوق آهي، ۽ اهڙي حالت ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.آخرڪار، وزيراعظم گيلاني ۽ بلاول ڀٽو زرداري هيلي پيڊ تي آيا، زرداري سان ڳالهه ٻولهه ڪري کيس قائل ڪيو ته هيلي ڪاپٽر مان لهي اچي، ۽ کيس سمجهايو ويو ته: ”هاڻ اوهان ڪٿي به نٿا وڃو. حسين حقاني اوهان سان ئي ايون صدر ۾ رهندو.“قصو مختصر، جڏهن زرداري کي حقاني کانسواءِ دبئي وڃڻو پيو ته چئي ڇڏيو ويو ته هاڻ هو شايد ڪڏهن به واپس نه اچي. پر نه رڳو هو وطن واپس آيو، پر پنهنجي صدارتي مدو به پورو ڪيو.فرحت الله بابر جي بيان موجب، جيڪڏهن هن ڀيري به صحت ساٿ ڏنو ته آصف زرداري پنهنجو پنجن سالن وارو دور ٻيهر مڪمل ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.