سنڌ جي ملازمن جن ۾ گهڻي اڪثريت استادن جي هئي جن هڪ سنڌ ايمپلاءِ الائنس ٺاهي پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد جو پليٽ فارم تيار ڪيو آھي ۽ انهيءَ الائينس تان 30 جون 2025 تي ڪراچي پريس ڪلب وٽ هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿيا ۔ پر امن احتجاج ۾ مقررن طرفان پرامن رهڻ جو اپيلون ڪيون ويون ۽ حڪومتي نمائدن توڙي پوليس اهلڪارن سان سهڪار ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي ٿي ويئي ۔ سنڌ ايمپلاءِ الائينس جو چيئرمين حاجي اشرف خاصخيلي هو ۔ مطالبن ۾ اهم مطالبو اهيو هو ته مرڪزي حڪومت 30 سيڪڙو ڊسپيريٽي الائونس ڏنو آھي اهو سنڌ جي ملازمن جو پڻ حق آھي اهو ڏنو وڃي ان سان گڏ پگهار 10 سيڪڙو بجيٽ ۾ واڌي ڪري ملازمن کي هن مهنگائي جي دور ۾ ڪچليو ويو آھي تنهنڪري ان کي وڌائي 50 سيڪڙو ڪيو وڃي ۔ هنن جائز مطالبن تي سنڌ حڪومت بجاءِ مثبت ڳالهيون ڪرڻ جي انڪاري بڻيل آھي ۔ ملازم جيڪي پوري سنڌ مان پري پري واري ضلعن مان آيل هئا انهن ۾ عورتون پڻ وڏي تعداد ۾ ھيون ۔ اهي ٿڪي ٽٽي پيا هئا پر انهن پنهنجي حق خاطر وڏي گرمي ۾ به شاندار نموني ۽ مستقل مزاجي سان پرامن طريقي سان پريس ڪلب اڳيان بيٺا رهيا ۽ مطالبن جو ورجاءُ ڪري رهيا هئا.
آخرڪار جڏهن انتظاميا سان ڳالهيون ناڪام ٿيون ته پرامن استادن توڙي ٻين ملازمن سنڌ جي وزير اعلا هائوس تي احتجاج رڪارڊ ڪرڻ طرف روانا ٿيا ۽ جڏهن وزير اعلا هائوس طرف وڌڻ لڳا ته پوليس کي اڳ ئي ڪي هدايتون مليل هيون ته جيئن استاد اڳيان وڌن ته هڪ ڏوهارين جيان ورتاءُ ڪري لٺين گولين آسوگيس ۽ گندي پاڻي سان سندن استقبال ڪيو وڃي ۽ سنڌ سرڪار جي وحشت وارو رويو اختيار ڪيو وڃي ۽ جڏهن پوليس ۽ رينجرس پنهنجي پوري قوت سان استادن مٿان ڪڙڪي پئي تڏهن استادن وٽ پنهنجي بچاءُ لاءِ نه پاڻي جي بوتل هئي نه ٽوال هو نه ڪو هٿ ۾ پٿر هو هو سڀ هٿين خالي پنهنجو پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرڻ لاءِ ان اميد ۾ هئا ته اسان جو احتجاج رڪارڊ ڪرڻ ڏنو ويندو، پر سرڪار ريڊ زون ڄاڻائي مٿن تشدد ڪيو ۔ انتظاميا نه صرف ريڊ زون ۾ تشدد ڪيو پر ڪراچي پريس ڪلب جي مين گيٽ تي ويٺل احجاج ۾ پرامن عورتن مٿان آسوگيس جا شيل هڻي انهن سنڌ جي نياڻين کي ساھ کڻڻ لاءِ سڏڪا ڀرڻ تي مجبور ڪيو ۽ کين بي هوش ڪري ڇڏيو جيڪا صرف نه پريس ڪلب ۽ صحافت جي توحين آھي پر پريس ڪلب کي محفوظ هنڌ سجهندڙ عوام لاءِ سرڪار جي اهيا حيرت ڪندڙ ڪارروائي پڻ آھي. ڪيترن ئي استادن جي تذليل ڪئي وئي کين گلي مان جهلي گهليو ويو ۽ گرفتار ڪيو ويو , ڪن کي شيل ۽ لٺيون هڻي زخمي ڪيو ويو ۔ ڄڻ ڪه ڪراچي جا نامي گرامي دهشتگرد هجن، جن کي پڪڙڻ جي لاءِ انتظاميا ميدان جنگ بڻايو هجي ۔ پرامن ملازمن تي تشدد واري روايت سنڌ حڪومت جي پراڻي آھي ھن کان اڳ ۾ به ڪيترن موقعن تي پنهنجن خلاف تشدد روان رکيو ويو آھي پر ڌارين لاءِ اها ريڊ زون نه هوندي آھي ۔ ڇا سنڌ حڪومت اهو نٿي سمجهي ته جڏهن سندن ايم اين اي ۽ ايم پي جي پگهارن ۾ سوين سيڪڙون واڌي ڪري کين خوش ڪيو ٿو وڃي ۽ انهنن جي ٻين مراعتن ۾ سوين سيڪڙو اضافو ڪيو ٿو وڃي ان کان سواءِ پوري سنڌ جي ترقياتي ڪمن جي نالي سان بجييت سندن عياشين تي ٿي خرچ ٿئي , جيڪڏهن انهن کي سندن پگهار ۾ مهگائي جي ڪري پهاڙ جيڏي واڌي ڪئي ٿي وڃي ته اتي ملازمن جي پگهار ۾ نه هئڻ جي برابر واڌ ڪري بي انصافي حق تلفي نه آھي ؟ هن وقت پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ ۾ به آھي ته وفاق ۾ به آھي ۔ جڏهن پيپلز پارٽي جو چيئرمن بلاول ڀٽو پنهنجي تقريرن ۾ وفاق کان مطالبو ڪري ٿو ته ملازمن جي پگهار ۾ 50 سيڪڙو واڌي سان گڏ الائونس به ڏنا وڃن ته پوء سنڌ ۾ ته پوري جي پوري سندن حڪومت آھي اتي ڇو ماٺ ۾ آھي ۔ جڏهن ته مرڪزي حڪومت ڊسپيريٽي الائونس پڻ ڏنو آھي پر سنڌ سرڪار اهو ڏيڻ لاءِ تيار نه آھي جنهنڪري سنڌ جي عوام ان رويي ته پيپلز پارٽي جي پاليسي کي منافق سمجهي ٿي ۔
سنڌ حڪومت استادن جي تذليل ڪري نه صرف دنيا کي نياپو ڏنو آھي ته جيڪا سنڌ ڪنهن دور ۾ تهذيب رواداري ۽ تمدن جو گهوارو هئي اها هاڻ انهن حڪمرانن جي هٿن ۾ آھي جن کي جن استادن پڙھائي وزارتن ۽ حڪمراني جي سيٽن جو اهل ڪيو انهن جي بي عزتي ڪرڻ تي خوشيون ملهائن ٿا ۔ ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن به معاشرن ۾ ۽ انهي جي فردن ۾ تهذب تمدن ادب سائنس جي تخليقڪارن استادن جي تذليل ڪئي ويندي آھي اتي اهو معاشرو ۽ فرد پڻ ذلت جي زندگي گذارڻ تي مجبور هوندا آھن ۔ استاد کي صرف پگهاردار نوڪر نه سمجهڻ گهرجي پر ملڪن ۽ قومن کي ترقي جي آسمان تي پهچائيدڙ فرشتن جيان سمجهڻ گهرجي ۔ دنيا جي ترقي اها سائنسي هجي يا معاشي يا روحاني اها سڀ استادن جي بدولت آھي ۔
سنڌ سرڪار کي هڪ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته توهان جو ڪم جيڪو سرڪاري سطح تي هجي ٿو اهو اليڪشن هجي يا ووٽر لسٽون هجن يا آدم شماري يا ڪنهن پروجيڪٽ جي سروي هجي يا ڪا ٻي سماجي خدمت هجي اهي استاد ئي ڪندا آھن ۔ هو هڪ طرف تعليم ۽ تدريس سان سلهاڙيل آھن ته ٻئي پاسي ملڪ جي ٻين شعبن ۾ به خدمت سرانجام ڏين ٿا تنهنڪري استاد جي تذليل نه ڪريو ۽ انهن جا جائز مطابا مڄڻ گهرجن ۔