غزه کي بچائي نه سگهياسين ته ڪشميرن کي بچائڻ ڏکيو ٿيندو

تحرير: حامد مير

ڇا ڪو ڄاڻي ٿو ته هو پنجاهه سالن کان پوءِ زنده هوندو يا نه؟  ان کان اڳ جو مان ڊونلڊ ٽرمپ، نتن ياهو ۽ علي خامنه اي بابت لکان، ته انهن مان ڪو به پنجاهه سالن کان پوءِ زنده نه رهندو، مون کي پنهنجي باري ۾ به لکڻ گهرجي ته مان بھ پنجاهه سالن کان پوءِ زنده نه رهندس.اڄ اسان کي پنهنجي عهدي، اختيار ۽ دنياوي  مقام مرتبي جو وڏو فڪر آهي، اسان پنهنجي عهدي ۽ حيثيت کي برقرار رکڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪري گذرندا آهيون پر، اهو نٿا سوچيون ته پنجاهه سالن کان پوءِ  دنيا اسان کي ڪھڙن لفظن سان ياد ڪندي، مان سوچي رهيو هوس ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مئي 2025 ۾ پاڪستان ۽ هندستان ۾ جنگ بندي ۽ جون 2025 ۾ اسرائيل ۽ ايران ۾ جنگ بندي ڪرائي.اهي  ٻه جنگ بنديون  ڪرائي ھوءَ نوبل امن انعام حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، پر جيستائين فلسطين جو مسئلو حل نٿو ٿئي، وچ اوڀر ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي. ڊونلڊ ٽرمپ  ٻھ ڀيرا سيزفائر ڪرائي  چڪو آهي، پر ڪشمير ۾ بدستور هندستان جو ظلم جاري آهي، ۽ اسرائيل هر روز غزه تي بمباري ڪري  ۽ امداد لاءِ قطارن ۾ بيٺل فلسطينين کي قتل ڪري رهيو آهي. هي قتل عام آڪٽوبر 2023 کان جاري آهي.ظلم ڏسو تھ عالمي ميڊيا ان قتل عام ۾ مارجي ويندڙ فلسطينين جو تعداد پنجاهه کان سٺ هزار جي وچ ۾ ٻڌائي رھيو آهي، پر ڪجهه اسرائيلي اخبارن اهو انگ هڪ لک  تائين پھچائي ڇڏيو آهي. پنجاهه سال بعد، صيهوني مڪتبهءِ فڪر نتن ياهو کي پنهنجو هيرو قرار ڏيندا، جنهن غزه ۾ هڪ لک کان وڌيڪ فلسطينين کي قتل ڪيو.

ڊونلڊ ٽرمپ کي بھ نتن ياهو جي دوست ۽ فلسطينين جي دشمن طور  ياد رکيو ويندو، پر مسلمان ملڪن جي انھن حڪمرانن بابت ڇا خيال آھي  جيڪي "غزه هولوڪاسٽ” کي خاموشي سان ڏسندا رهيا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان قتل عام جي مذمت  ۾ ڪو  بيان جاري ڪري ڇڏيندا رھيا يا او آءِ سي ذريعي قرارداد منظور ڪندا رهيا.

مسلمان ملڪن جا  اڪثر حڪمران فلسطين جي مسئلي جو حل  ٻه رياستي فارمولي کي قرار  ڏيندا رهيا آهن جيڪو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پنهنجي قرارداد 181 ۾ پيش ڪيو هو، پر ڪنھن به مسلمان حڪمران اهو نه ٻڌايو آهي ته اسرائيل ان ئي قرارداد ذريعي قائم ٿيو هو ۽ پوءِ هميشه ان قرارداد جا بخيا اڊيڙيندو رھيو. اسرائيل "غزه جي قتل عام” جو سبب آڪٽوبر 2023 ۾ فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس پاران اسرائيل تي حملي سان منسوب ڪيو، پر ڪنهن به مسلمان حڪمران اهو نه ٻڌايو آھي ته حماس اسرائيل تي اهو حملو نه ڪيو، پر انهن علائقن کي واپس حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو جن تي اسرائيل 1948 کان پوءِ غير قانوني طور تي قبضو ڪيو هو، قرارداد 181 جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪيو، ڇاڪاڻ ته اهي علائقا قرارداد 181 جي تحت فلسطين جي تقسيم جي منصوبي ۾ فلسطيني رياست ۾ شامل  ڪيا ويا هئا.

ياد رهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 1974 ۾ پنهنجي قرارداد 3314 ۾ طئي ڪري چڪي آھي تھ قابض فوج خلاف  حق خود اراديت جي لاءِ هٿياربند جدوجهد  جائز سمجهي ويندي. مان  حماس جي طرفان ان حملي ۾ عورتن، ٻارن ۽ بزرگن کي نشانو بڻائڻ کي درست نٿو سمجھان، پر حماس جو موقف  آهي ته انهن  فلسطينين جي علائقي تي غير قانوني قبضو ڪري، يهودي آباديون ٺاهيندڙن تي حملو ڪيو آھي.ڇاڪاڻ ته اسرائيلي فوج غزه کي ڪڙو چاڙھي ، اسان جو پاڻي ۽ کاڌو  بند ڪري ڇڏيو هو.

حماس جي دعويٰ آهي ته اسرائيل ۽ آمريڪا فلسطينين کي غزه مان ڪڍڻ ۽ اتي يهودين کي آباد ڪرڻ چاهين ٿا. هڪ فرانسيسي صحافي، "جين” پيري فيلو، غزه جي تاريخ تي هڪ ڪتاب لکيو آهي جنهن ۾ هو چوي ٿو ته فلسطينين کي غزه مان بيدخل ڪرڻ  جو منصوبو 1965 کان غور هيٺ آهي.

شروع ۾ فلسطينين کي هتان ڪڍي ڪري، عراق يا لبيا موڪلڻ جو منصوبو هو. 1968 ۾ اسرائيلي ڳجھي ايجنسي موساد، فلسطينين کي غزه مان ڪڍڻ لاءِ هڪ خاص يونٽ ٺاهيو ۽ فلسطينين کي اردن ڏانهن ڌڪڻ شروع ڪيو، جنهن جي ڪري غزه ۾ مزاحمت  تيز ٿي وئي ۽ 1970 ۾، پاپولر فرنٽ فار دي لبريشن آف فلسطين (PFLP) ٽي جهاز اغوا ڪيا.

ڪجهه اولھه جا مبصر، اڄ  حماس کي ايران جي پراڪسي سڏين ٿا. پنجاهه سال اڳ  پي ايل او ۽ آيت الله خميني جي وچ ۾ لاڳاپن تي واويلا ڪيو ويندو ھو، ڇاڪاڻ ته خميني جا حامي، پي ايل او کان فوجي تربيت وٺندا ھئا. 1979 ۾ ايراني انقلاب کان پوءِ، پي ايل او جي اڳواڻ ياسر عرفات فلسطيني مزاحمتي تحريڪ جي علامت هو. پوءِ، مسلمان ملڪن جي حڪمرانن، انھن کي آمريڪا سان گڏجي، اسرائيل سان ڳالهين طرف ڌڪيو.

1993 ۾  اوسلو ٺاھ تحت ياسر عرفات کي هڪ ڪمزور فلسطيني رياست ڏني وئي ۽  پي ايل او کي گھرو ويڙھ ۾  ڦاسايو ويو.پي ايل او ، ساک مجروح  ٿيڻ سان حماس اُڀري. حماس جي گهڻن  اڳواڻن جو تعلق انھن علائقن سان ھو جن تي  اسرائيل  غير قانوني قبضو ڪري ورتو. حماس جي باني شيخ احمد ياسين الجورا ۾ پيدا ٿيو هو. اسماعيل هانيه جي خاندان جو تعلق  پڻ الجورا سان آھي، اھو ڳوٺ، ھڪ شھر  المجدال سان ڳنڍيل ھو.

الجورا ۽ المجدال کي 1948 ۾ فلسطين ۾ شامل ڪيو ويو، پر اسرائيل انهن تي قبضو ڪري ورتو ۽ اتي اشڪلون جي نالي سان  نئون شهر آباد ڪيو. غزا ۾ گھڻو ڪري فلسيني مھاجرن پناھ ورتي.انھن کي اسرائيلي فوج سندن گهرن مان بي دخل ڪيو ھو.ھن وقت اسرائيل فلسطيني رياست  جي اوڻھٺ سيڪڙو علائقن تي قابض آھي. جيڪي قرارداد 181 تحت فلسطينين کي ڏنا ويا هئا.انهن ۾يافا  ۽  الجليل کان بِير السبع سميت ڪئين عرب علائقا شامل آهن، جن جا نالا تبديل ڪيا ويا هئا.يافا کان  اوڀر ۾ پنج ڪلوميٽرن تي ھڪ جھوني وسندي قرية سلامه نالي آباد هئي. ان ھنڌ  مشهور صحابي سلمھ بن هشام رضي الله عنه شهيد ٿيو ۽ اھا وسندي انھي نالي آباد ھئي ۽ اتي  سندس قبر به واقع هئي. اسرائيل هن بستي کي بلڊوز ڪري ڇڏيو ۽ هن جاءِ جو نالو ڪفر شيلم رکي ڇڏيو.

ڪنهن زماني ۾ آشڪلون ۽ سلمھ غزه جو حصو هئا. غزه ۾ هڪ مسجد جو نالو سيد هاشم بن عبدالمناف آهي. هي مسجد سيد هاشم بن عبدالمناف جي نالي  تي آھي. جيڪو پيغمبر اسلام ﷺ جو پڙ ڏاڏو هو ۽ سندس اولاد  بنو هاشم جي نالي سان سڃاتي  ويندي ھئي. اھو واپار لاءِ غزه آيو ھو، هتي فوت ٿيا ۽ غزه ۾ دفن ڪيو ويو. امام شافعي به تعلق بھ بنو هاشم سان ھو.سندس والد ادريس غزه ۾ رهندو هو، امام شافعي به غزه ۾ پيدا ٿيو. سندس والد  ادريس جي قبر غزه ۾ آهي.

 ٽرمپ ۽ نتن ياهو، ان فلسطينين کي هن غزه مان  بيدخل ڪرڻ چاهين ٿا. فلسطينين کي غزه مان بيدخل ڪرڻ جو منصوبو پنجاهه سال پراڻو آهي ۽ ايندڙ پنجاهه سالن تائين ان تي عمل نه ٿيندو. جيڪي مسلمان حڪمران فلسطين جي مسئلي جو حل ٻھ رياستي فارمولي کي قرار ڏين ٿا. ڇا اسان کي ٻڌائيندا ته  فلسطيني علائقن تان قبضي ختم ڪرڻ کان سواءِ اھو فارمولو عمل جوڳو آھي يا نه آھي ؟

 فلسطين ۽ ڪشمير ۾ رپورٽنگ  ڪندڙ ڏکڻ افريڪا جي صحافي آزاد عيسيٰ، پنهنجي ڪتاب HOSTILE HOMELANDS ۾ نتن ياهو ۽ نريندر مودي جي ڳجهي اتحاد کي بي نقاب ڪنديلکي ٿو ته مودي اسرائيل جي مدد سان ڪشمير کي نئون غزه بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جيڪڏهن اسان غزه جي ماڻهن کي بچائي نه سگهياسين ته ڪشميرين کي بچائڻ ڏکيو ٿي پوندو. اسان کي  فيصلو ڪرڻو پوندو  ته پنجاهه سالن کان پوءِ اسان جا ٻار اسان کي ڪهڙي نالي سان ياد ڪن ؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.