اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سامونڊي معاملن واري وزارت وڏو فيصلو ڪندي پورٽ قاسم تي برآمدي واپاري سامان تي پورٽ چارجز ۾ 50 سيڪڙو لاٿ ڪري ڇڏي.
وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب برآمدي ۽ ٽرانسشپمنٽ ڪنٽينرز تي وارفيج اڌ ڪئي وئي، مارجنل وهارف، فوٽڪو، پي آءِ بي ٽي تي برآمدي سامان لاءِ رعايت ڪئي وئي آهي.
ڊي پي ورلڊ تي ڪنٽينرائزڊ ڪارگو لاءِ چارجز ۾ نرمي ڪئي وئي آهي، خالي ڪنٽينرز تي چارجز ۾ ڪا رعايت نه ڏني ويندي.
نوٽيفڪيشن موجب فيصلي جو مقصد واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ برآمدن ۾ واڌ آهي، جيڪو اڄ کان لاڳو ٿيندو.
You might also like