شريف ماڻهن تي لٺ بازي ۽ ڏوهارين جي عزت نفس جو خيال ڪندڙ اسان جي پوليس!

تحرير: زرار پيرزادو

¨ ٽيون ڏينهن سنڌ ايمپلائيز الائنس جي ملازمن، پگهارن وڌرائڻ ۽ ٻين جائز الائونسز لاءِ وزيراعليٰ هائوس سنڌ ڏانهن وڃڻ چاهيو ته پوليس روايتي طور تي مٿن لٺ بازي  ڪري کين ڊوڙائڻ ۽ ڀڄائڻ واري جيڪا تذليل پئي ڪئي تنهن کي ڏسندي هر ڪنهن کي حڪومت ۽ ان جي پوليس تي شرم پئي آيو.

¨ شريف ۽ معزز ماڻهن تي ٿيندڙ ان قسم جي لٺ بازي تي مون پهريون به هڪ ڪالم لکيو هو ته حڪومت ۽ پوليس کي جيڪڏهن لٺ بازي ڪرڻي آهي ته انهن ڪامورن مٿان ڪريو جيڪي پيسن تي نوڪريون وڪرو ڪندا آهن.

¨ لٺ بازي ڪرڻي اٿو ته انهن وزيرن مٿان ڪريو جيڪي وزارتون وٺي گم ٿي وڃن ٿا ۽ گهر ويٺي سرڪاري مراعتون ۽  عياشيون ماڻين ٿا پر ڪک ڀڃي ٻيڻو  ڪرڻ لاءِ به تيار ناهن هوندا.

¨ لٺ بازي ڪرڻي اٿو ته انهن عملدارن تي ڪيو جيڪي عوام کي گٽر جو بدبودار پاڻي پياري رهيا آهن.

¨ لٺ بازي ڪرڻي اٿو ته انهن آفيسرن ۽ وزيرن مٿان ڪريو جيڪي چوويهه ڪلاڪ ئي ڪرپشن ۽ ڪميشن جي ڌنڌي ۾ ملوث آهن ۽  ترقياتي ڪمن جا فنڊ هڙپ ڪري وڃن ٿا.

¨  پر هتي معزز ۽ شريف ماڻهن توڙي شهرين مٿان ئي پوليس اهلڪارن کي لٺ بازي ڪندي ڏٺو ويندو آهي جيڪا تمام پراڻي ۽ شرمناڪ روايت رهي آهي.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالهه  اها آهي ته هتي ابتو قانون آهي ته پوليس، معزز ۽ شريف ماڻهن تي لٺ بازي ڪندي آهي ۽ ڏوهارين جي عزت نفس جو وري خاص خيال رکندي سندن چهري تي پردو چاڙهي کين شرمساري کان بچائيندي آهي پر شريف ماڻهن جي تذليل ڪرڻ وقت سندن عزت نفس جو بلڪل به خيال ناهي ڪندي!

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.