پھرين برساتن کانپوءِ مڪمل چوماسي/مون سون جي اچڻ ۾ هاڻي ڪجهه ڏينھن آھن. سنڌ جهڙي خطي ۾، جتي ماضيءَ ۾ برساتون سدائين هڪ امتحان بڻجي سامهون آيون آهن، 2025ع جي مون سون کي منھن ڏيڻ لاءِ اسان کي وري پنهنجي شهرن کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ گهري سوچ ويچار ۽ عملي قدمن جي ضرورت آهي. اسان جي حڪمراني (governance) ۽ انتظامي سگهه جي زميني حالتن کي سامهون رکندي، اچو ته ڪجهه عملي تجويزن تي غور ڪريون، جيڪي شايد اسان جي شهرن کي برسات جي وڏن نقصانن کان بچائي سگهن. دنيا جي ڪيترن ئي ترقي پذير ملڪن، جن اسان کان سکيو ۽ پنهنجي انتظامي صلاحيتن کي بهتر بڻايو، اهي هاڻي ڪاميابيءَ سان شھري برساتي ٻوڏن کي منهن ڏئي رهيا آهن. اسان به انهن جي تجربن مان فائدو وٺي سگهون ٿا.
بجلي جي اڻهوند: تازي برساتن ۾ ڏٺو سين ته ذري گھٽ ھر شھر ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي اڻلڀ ھئي۔ھاڻ اسان کي اها حقيقت قبول ڪرڻي پوندي ته برساتي موسم ۾ بجلي جي فراهمي ۾ رڪاوٽون عام هونديون آهن، واپڊا جو پورو نظام مينھن پوندي ئي ويھجي ويندو آھي. انهن حالتن ۾، پمپ اسٽيشنن کي هلائڻ لاءِ جنريٽرن جو مناسب انتظام هجڻ کپي. جيتريون پمپ اسٽيشنون آهن، اوترا جنريٽر ضروري آهن، پر اسان کي حيدرآباد جهڙن شهرن جي ماضيءَ جي تلخ تجربن مان سکڻ گهرجي. اتي گهٽ ۾ گهٽ 20 سيڪڙو وڌيڪ جنريٽر تيار رکيا وڃن، جيئن ڪنهن به وقت خراب ٿيل جنريٽر کي فوري طور مٽائي سگهجي. اسان انڊونيشيا جي شهر جڪارتا مان سبق سکي سگهون ٿا، جتي اڪثر ٻوڏون اينديون آهن. هنن پنهنجي پمپنگ سسٽم کي غير مرڪزي (مختلف علائقن ۾ ڊيسينٽرلائيزڊ/ورھايل) بڻايو آهي ۽ هر پمپ اسٽيشن وٽ نه رڳو جنريٽرن جو مڪمل سيٽ آهي پر تڪڙي مرمت لاءِ موبائل يونٽن کي به تيار رکن ٿا.
تيل جو ذخيرو: جھڙو ديس تھڙو ويس
هر جنريٽر لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽن ڏينهن جو تيل اسٽاڪ ۾ هجڻ کپي. ٿلهي ليکي، هڪ ليٽر جي جاءِ تي ٻه ليٽر تيل رکيو وڃي. اسان جهڙن ملڪن ۾ هنگامي حالتن ۾ ليڪيج، چوري يا فراهمي ۾ رڪاوٽون عام آهن. اسان کي اها حقيقت سمجهڻي پوندي ته هي هڪ جنگي صورتحال آهي. جنگ ۾ گوليون ڳڻيون ناهن وينديون، مقصد دشمن کي شڪست ڏيڻ هوندو آهي. هتي اسان جو مقصد جان، مال، جايون ۽ ڪاروبار بچائڻ آهي. آڊٽ ۽ حساب ڪتاب پنهنجي جاءِ تي اهم آهن، پر انهن جو وارو بعد ۾ ايندو. ويٽنام جو هنوئي شهر، جيڪو مون سون جي خطرن کي منهن ڏيندو رهيو آهي، هنن پنهنجي ايمرجنسي پلان ۾ تيل/ٻارڻ جي فراهمي کي "بنيادي ضرورت” قرار ڏنو آهي ۽ ان جو باقاعده اسٽاڪ پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکندا آهن.
پورٽيبل پمپن جي اهميت:
گهٽين تائين رسائي لاءِ هر پنج هزار جي آبادي تي هڪ پورٽيبل (گهمندڙ/ڦرندڙ) پمپ لازمي هجڻ گهرجي. اهي پمپ 5، 10، 15 هارس پاور جا ضرورت پٽاندر موجود هجن. اهي ننڍين گهٽين، گهرن ۽ مارڪيٽن مان پاڻي ڪڍڻ ۾ انتهائي ڪارآمد ثابت ٿيندا، جتي وڏيون مشينون يا پمپ اسٽيشنون رسائي نٿيون ڪري سگهن. فلپائن جي منيلا شهر ۾، جتي سوڙھيون گهٽيون ۽ گهڻي آبادي آهي، هنن ننڍن پورٽيبل پمپن جو نيٽ ورڪ ٺاهيو آهي، جيڪي پاڙن/ڪمنيوٽي جي سطح تي استعمال ٿين ٿا ۽ برسات ھوندي يا انکان يڪدم پوءِ پاڻي جي نيڪال ۾ مدد ڪن ٿا.، تنزانيا جي دارالسلام شهر ۾ به UN-Habitat ۽ DFID جي سهڪار سان “سٽي ريزيليئنس پروگرام” تحت پورٽيبل پمپ/موٽرون وارڊ ليول تي ڏنيون ويون ۽ مقامي “وارڊ ريسپانس يونٽس”قائم ڪيا ويا، جنهن سان تڪڙي ڪارروائي ۾ تمام گهڻي مدد ملي.
پائپ ۽ سامان جو متحرڪ انتظام: تڪڙي پهچ
هر قسم جي قطر وارا پائپ، انهن کي جوڙڻ وارو سامان، ۽ اهو سڄو سامان هڪ جاءِ کان ٻئي جاءِ تائين پهچائڻ جو متحرڪ انتظام انتهائي اهم آهي. اهو يقيني بڻائيندو ته ضرورت پوڻ تي، جتي به پاڻي جي وهڪري کي موڙڻ يا نيڪال ڪرڻ جي ضرورت پوي، اتي تمام گھٽ وقت ۾ سامان مهيا ٿي سگهي. اسان کي اهو سوچڻو پوندو ته ايمرجنسي ۾ ٽرانسپورٽ جو مسئلو ٿي سگهي ٿو، ان ڪري سامان کي فوري طور تي منتقل ڪرڻ لاءِ گاڏين ۽ عملي جو اڳواٽ بندوبست ضروري آهي.
تيار ٽيمون ۽ انهن جي سنڀال: انساني وسيلي جي اهميت
اهي مشينون پاڻ نه هلنديون. انهن کي هلائڻ ۽ سموري انتظام لاءِ تيار ۽ تربيت يافته ٽيمون هجن. انهن ٽيمن جي ماني ٽڪي، چانهه، ۽ ڏهاڙي جي خرچ جو بندوبست اڳواٽ ٿيل هجي. ياد رکو، بکيو پيٽ ۽ ٿڪل ذهن ڪنهن به مشڪل ڪم کي سٺي نموني سرانجام نٿو ڏئي سگهي. ان کان علاوه، بند نالن ۽ گٽرن کي کولڻ ۽ ڪچرو ڪڍڻ لاءِ جدا مشينري ۽ ماڻهو هجن. اهي ماڻهو موسمي حالتن جي لحاظ کان تربيت يافته هجن. بنگلاديش جي ڍاڪا شهر ۾، جتي پاڻي جي نيڪال جا مسئلا عام آهن، هنن ڪميونٽي والينٽيئر/رضاڪار ٽيمون ٺاهيون آهن جيڪي مقامي اختيارين سان گڏجي برساتن ۾ ڪم ڪن ٿيون. انهن جي تربيت ۽ مالي سهڪار جو به خاص خيال رکيو ويندو آهي.
فراهمي جي سلسلي کي برقرار رکڻ:
ايمرجنسي جي سڀ کان وڏي ضرورت هنگامي حالتن ۾ ضرورت واريون شيون جهڙوڪ تيل، پمپ جا اسپيئر پارٽس، صفائي وارو سامان وغيره جي فراهمي ڪنهن به صورت ۾ نه ٽٽڻ گهرجي. اهو سڀ کان اهم نقطو آهي. جيڪڏهن سامان گهربل وقت تي نه مليو ته سموري تياري بيڪار ٿي ويندي. اسان کي سپلائي چين جي انتظام لاءِ هڪ ايمرجنسي پلان ٺاهڻو پوندو.
انتظامي ڪمزورين کي منهن ڏيڻ: غير معمولي حالتون، غير معمولي بندوبست
اها هڪ تلخ حقيقت آهي ته اسان جهڙن ترقي پذير ملڪن ۾ جتي انتظامي سرشتو ڪمزور ۽ زبون آهي، اتي غلطي جي گنجائش اڃا به گهٽ آهي. تنهنڪري، غير معمولي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ غير معمولي بندوبست لازمي آهن. روايتي ۽ سست رويو هنن حالتن ۾ وڌيڪ تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. اسان کي ٿائي لينڊ جي بئنڪاڪ شهر جي انتظام مان سبق سکڻ گهرجي، جتي اڪثر ڪري ٻوڏون اينديون آهن. هنن پنهنجي عملي کي "ايڪشن موڊ” ۾ رکيو آهي ۽ فيصلا سازي جي اختيارن کي هيٺين سطح تائين منتقل ڪيو آهي ته جيئن فوري ڪارروائي ٿي سگهي. قاهره، مصر ۾ به 2019ع جي شديد برسات کان پوءِ مقامي پمپن، اڳواٽ نصب ٿيل ڊرينيج اسٽيشنن ۽ ايمرجنسي ڪميونٽي والينٽيئرز/رضاڪار جو سسٽم لاڳو ڪيو ويو، جيڪو مقامي انتظامي صلاحيتن کي وڌائڻ جو هڪ سٺو مثال آهي.
بجيٽ: خالي حڪمن سان ڪم نه ٿيندا
انهن سڀني ڪمن لاءِ مناسب بجيٽ/پئسن جو هجڻ انتهائي ضروري آهي. ڪم رڳو فوٽا ڪڍائڻ يا خالي حڪم هلائڻ سان نه ٿيندا آهن. بجيٽ کي شفاف رکڻ جا طريقا آهن، ان جو تعلق انتظامڪاري ۽ ٻين عنصرن سان آهي. ياد رکو، بجيٽ کانسواءِ دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪم ڪرڻ ممڪن ناهي. اسان کي ھندستان جي ممبئي شهر جي بجيٽنگ سسٽم جو مطالعو ڪرڻ گهرجي، جتي مون سون کان اڳ ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ هڪ الڳ بجيٽ رکي ويندي آهي ۽ ان کي شفاف طريقي سان استعمال ڪيو ويندو آهي. فلپائن جي سيبو سٽي جو "شراڪتي بجيٽنگ” وارو ماڊل به هڪ بهترين مثال آهي جتي آباديءَ کي بجيٽ جي منصوبابندي ۾ شامل ڪري "ڊرينيج امپرومينٽ فنڊ” ۽ "ڪئِڪ-ڊسبرسنگ ايمرجنسي ڪِٽس”تڪڙيون ھنگامي ڪٽس ٺاهيون ويون آهن.
خرچ جو اندازو: حقيقت پسندي جو مظاهرو
اها ڳالهه سمجهڻ کپي ته شهري آبادي جي هڪ لک انگ تي هڪ ڏينهن ۾ پاڻي ڪڍڻ تي گهٽ ۾ گهٽ 20 لک رپيا سراسري خرچ ايندو (جيتري وڌيڪ برسات، اوترو وڌيڪ خرچ). مطلب ته پنجن ڏينهن جو ڪروڙ رپين تائين خرچ اچي سگهي ٿو. ان وقت لاڳاپيل يا ٻين ادارن جا ماڻهو، بااثر ۽ طاقتور شخصيتون، پنهنجي حصي تي ٿورو هلڪو هٿ رکن ۽ وسيلن جي درست استعمال کي يقيني بڻائين. ذاتي مفادن/پنھنجي کيسي وارن فائدن کي اھڙن وقتن ۾ پاسيرو ڪرڻو پوندو.
ادارن جي حوصلا افزائي: غلطيون سکيا جو حصو آهن
هڪ ڳالهه سمجهڻ کپي ته ڪمزور کان ڪمزور ادارو به مشڪل وقت ۾ پنهنجي وسان نه گهٽائيندو آهي. هنگامي حالتن ۾ انهن سان ٻانهن ٻيلي ٿيڻ گهرجي. انهن جي غلطين جي نشاندهي ڪجي، پر ان سان گڏ انهن کي غلطي درست ڪرڻ جو موقعو ڏجي، انهن جي حوصلا افزائي ڪجي ۽ انهن جو اتساهه وڌايو وڃي. ترقي پذير ملڪن ۾ ڪيترا ئي مثال ملن ٿا جتي حڪومتي ۽ غير حڪومتي ادارن گڏجي ڪم ڪري مشڪل حالتن کي منهن ڏنو آهي. سڀني ادارن کي گڏجي هڪ ٽيم وانگر ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
اسان جا پنھنجا ۽ عالمي تجربا ٻڌائين ٿا ته موثر رٿابندي ۽ عملن سان برساتي ٻوڏن جي تباهي کي گهٽائي سگهجي ٿو. جيڪڏهن اسان اڄ ئي گهري سوچ سان، ايمانداريءَ سان ۽ تيزيءَ سان قدم کنيا ته اسان پنهنجن شهرن کي برساتي ٻوڏ جي تباهيءَ کان بچائي سگهون ٿا. اهو رڳو حڪومت جو ڪم ناهي، اها اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.