ڇا ھي انسان جي آخري صديءَ آھي ؟

تحرير: يوسف سيف

 بحث ته ڪجهه سال اڳ بي بي سي، شروع ڪيو ھو پر صورتحال ڪا گھڻي بھتر نه ھئڻ ڪري اھو خطرو موجود به آهي.ٿي سگهي ٿو ته ھن واحد انسانن واري گرھ تي ھن جي ھي آخري صدي ھجي! پاڪستان به انهن ملڪن ۾ شامل آهي، جتي موسمياتي تبديلي اثر ڏيکارڻ شروع ڪري ڏنا آهن.وڌندڙ آبادي، بي هنگم تعميرات، پلاسٽڪ جو بي رحمي سان استعمال ، ٻيلن جي بي دردي سان واڍي، سمنڊ ۾ بنا ٽريٽمينٽ جي ڪني پاڻي جو ڇوڙ، صحت لاءِ هاڃيڪار ٻارڻ جو استعمال،گاڏين جو دونهون ۽ ٻين اهڙن  عنصرن ملي ڪري ماحول کي تمام گهڻو گدلو ڪري ڇڏيو آهي.نوان مسئلا ۽ وڏن ملڪن جي هٺ ڌرمي ۽ گهربل فنڊ فراهم نه ڪرڻ جي ڪري  ماحوليات جا مسئلا حل نه پيا ٿين.بي انتھا وسيع پکڙيل ھن ڪائنات ۾ رڳو هڪ ڌرتيءَ ئي آهي جتي انساني حياتي آهي.ان کي هر صورت ۾ محفوظ بڻائڻ  ۾ ئي انسان جو بچاءَ آهي. دنيا کي، ٻئي ڪنهن نه پر خود انسان جي چُرپُر مان ئي خطرو آهي. شعوري طور تي  جهنگلي جيوت، نباتات ۽ حيوانات، ماحوليات جو ، تحفظ، احتياط ۽ جٽادار استعمال  ئي مسئلي جو حل آھي.

بي هنگم انساني رهائش۽ ڌرتيءَ جي وسيلن جي ظالماڻي ڀيل سبب  ڌرتيءَ جي گولي جو عالمي گرمي پد وڌي  پيو.ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيستائين گرمي جي پد ۾ 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کي ڪنٽرول نٿو ڪيو وڃي، ماحول بهتر نٿو ٿي سگهي.موسمي تبديلين، بيمارين جي پکڙجڻ، خوراڪ جي کوٽ، پاڻي جي قلت، غربت ۽ انساني حقن جي ٻين ڀڃڪڙين ايتري تائين جو، ملڪ جي سلامتي ۽ وجودي خطرن کي جنم ڏنو آھي.

پاڪستان  وٽ، موسم جي ڦيرن  ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت صفا گهٽ آهي.ڪاربن جي آلودگي ۾ ان جو وڏو حصو آهي.حڪومت جي ڪوئلي کان پاسو ڪرڻ جي واعدي جي باوجود، ملڪ فوسل فيول تي ڀاڙيندو رهيو.زرعي ۽ پاڻي جي انتظام جا طريقا قديم ۽ ڪاربن تي مشتمل آهن،ٻيلن جي واڍي جاري آهي.گندگي ۽ پلاسٽڪ جو استعمال ناھي رڪيو.

دنيا ۾ هاڻي ماحول اهم اشو آهي جنهن تي گهڻو ڪم ٿي رهيو آهي،ماهرن جي ڪوششن سان ماحوليات بابت ڪافي شعوربه پکڙيو آهي،عالمي ڪوششن سان عوام ۾ هاڪاري راءِ جڙي رهي آهي.ويجهڙائي ۾ عوامي دٻاءُ اڃان پڻ وڌندو جنهن سان دنيا جون حڪومتون ماحوليات قانون تي عمل ڪرڻ تي مجبور ٿينديون.هتي، جبلن جا ڊگھا سلسلا، برفاني ڇپون ،قدرتي درياهه، سامونڊي ڪنارا، بهترين ٻيلا، مٺي پاڻي جون ڍنڍون، وڏيون ۽ وسيع واديون، چشما، ريگستان سڀ آهن، ملڪ جي قدرتي وسلين سان مالا مال هن ملڪ  ۾ ان حساب سان  ڪمي نه آهي. اصل معاملو انهن کي بچائڻ جو ۽ انهن جو پائيدار استعمال آهي.پاڪستان جي ڪنھن به سرڪار وٽ اهو مسئلو ڪڏهن به ايجنڊا تي نه رهيو آهي.ڪي سادا ڪم ته ڪري سگھجن ٿا. جيئن وڻ پوکڻ، صفائي جي انتطام بابت مهم هلائڻ ۾ تعليمي ادارن ۽ سماجي تنظيمن کي شامل ڪيو وڃي ته ان جا هاڪاري نتيجا اچي سگهن ٿا.

سرڪار ماحوليات جي مضمون کي  نصاب جو حصو بڻائي ان بابت شعور پيدا ڪري سگھي ٿي.جنهن سان ئي اسين مستقبل کي ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن کي خطرن کان  آگاھ ڪري ۽ بچائي سگهون ٿا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.