سلامتي ڪائونسل جي اڄوڪي اجلاس سان سلهاڙيل اميدون\ غريب عوام کان سفري سهولت ۽ روزگار کسڻ جو ظالماڻو فيصلو

 رپورٽون آهن ته ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگ بندي ڪرائي کين ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جون، عالمي برادريءَ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. ان ڏس ۾ اڄ سلامتي ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. عالمي برادريءَ کي ان جو احساس هونئن ته شروع کان  ئي هو پر آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ايران کي ڏنل ڌمڪين کان پوءِ معاملي  کي انتهائي سنجيدگي مان ورتو پيو وڃي. اهي به رپورٽون آهن ته سلامتي ڪائونسل جو اهو اجلاس گهرائڻ جي درخواست ايران ڪئي آهي جنهن جي پاڪستان، چين ۽ روس حمايت ڪئي آهي. ان اجلاس ۾ ايران جو پرڏيهي وزير شرڪت ڪندو جڏهن ته فرانس، جرمني ۽ برطانيا جي پرڏيهي وزيرن سان پڻ ايران جو پرڏيهي وزير ملاقات ڪندو. ذريعن موجب ان اجلاس جي آمريڪا به حمايت ڪئي آهي.

اسان جو خيال آهي ته عالمي برادري کي بلڪل به ٻن ڏاڍن ملڪن جي ڏاڍائي کان ايران کي بچائڻ لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي. جيڪڏهن عالمي برادري مداخلت نه ڪندي ۽ ڪنهن ملڪ جو ڏکئي وقت ۾ ساٿ نه ڏيندي ته پوءِ ڪو به ملڪ اڳتي هلي محفوظ نه رهي سگهندو تنهن ڪري اهو لازمي آهي ته عالمي برادري اتحاد قائم ڪري هڪٻئي کي بچائڻ جي بنيادي ذميواري محسوس ڪري. ڏاڍن ملڪن جي بدمعاشي کي روڪڻ جو اهو ئي طريقو آهي ته باقي سڀ ملڪ ۾  ٻڌي ڪري پاڻ کي طاقت بڻائي طاقتور هڪ يا ٻن ملڪن جو مقابلو ڪن.

جديد دور جي شعور جي هڪ تقاضا اها به آهي ته اهو شعور طئي ڪري ته هاڻي ڪنهن به مسئلي تي جنگيون نه ٿينديون پر جنگين بدران ڳالهين کي هر مسئلي جو  پهريون ۽ آخري حل سمجهيو ويندو ۽ ان کي عالمي قانون جو حصو بڻايو وڃي ته هر مسئلي لاءِ ڌرين کي لازمي طور ڳالهيون ڪرڻيون پونديون ۽ ڳالهين ذريعي  ئي مسئلو حل ڪرڻو پوندو. ايئن ايٽمي جنگي ٽيڪنالاجي تي به مڪمل طور تي ۽ سڀني ملڪن تي بندش وجهڻي پوندي. اها بندش رڳو ايران يا پاڪستان نه پر دنيا جي سڀني ملڪن تي لاڳو ڪرڻي پوندي اسان جو خيال آهي ته اهڙي قانون لاءِ سڄي عالمي برادري کي متفق ٿيڻ گهرجي ۽ عالمي ادارن کي ان ڏس ۾  قانون ٺاهڻ گهرجي ته هاڻي ڪنهن به ملڪ کي جنگ جي اجازت نه ڏني ويندي پر هر مسئلو ڳالهين ذريعي حل ڪيو ويندو.

جنگيون اصل ۾ جهالت ۽ جهنگ جي راڄ جون پراڻيون نشانيون آهن جڏهن هر مسئلو طاقت ذريعي مري مارائي حل ڪرڻ جو جاهلاڻو تصور هو. اهي جنگيون قبضن ۽ ملڪن توڙي قومن کي غلام رکڻ جو حربو هونديون هيون  پر هاڻي دنيا تمام گهڻي باشعور ٿي چڪي آهي، تعليم يافته ٿي چڪي آهي ۽ گڏوگڏ ٽيڪنالاجي سان مسلح پڻ ٿي وئي آهي تنهن ڪري ايٽمي جنگ هاڻي عام جنگين کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ ناقابل برداشت بڻجي چڪي آهي جنهن سان دنيا سيڪنڊن ۾ نيست ۽ نابود ٿي سگهي  ٿي تنهن ڪري ميزائل، ڊرون ۽ ايٽمي جنگين تي مڪمل طور پابندي لڳڻ گهرجي ٻيو ته جيڪڏهن هر مسئلي جو حل ڳالهيون ئي آهن ته پوءِ جنگيون ڪري آخر ۾ ڳالهين جي ميز تي اچڻ کان ڇا اهو بهتر ناهي ته پهريون ئي ڳالهين جي عمل  کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪجهه ڪجي.

سو اڄوڪي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي به اسان ان اميد سان ٿا ڏسون ٿا ته اهو اجلاس ايران کي ڳالهين تي نه رڳو راضي ڪندو پر مخالف ڌر کي به قائل ڪندو ته ڳالهين لاءِ سازگار ماحول ٺاهيو وڃي  ۽ ڌمڪين ۽  داٻن سان ڪنهن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو نٿو چئي سگهجي پر عزت، احترام ۽ ملڪن جي بنيادي حقن جو خيال ڪندي برابري جي بنياد تي ڳالهين جي ميز اچڻو پوندو ۽ اهو ڪم سلامتي ڪائونسل جي اڄوڪي طلب ٿيل اجلاس جو به آهي.

سنڌ حڪومت جو اهو فيصلو يقيني طور تي غريب عوام کان سفري سهولتون ۽ روزگار کسڻ جو ظالماڻو فيصلو آهي ته چنگچي رڪشائن تي پابندي لڳائجي ۽ انهن کي شاهرائن تي هلڻ نه ڏجي. اهو فيصلو ٻڌائي ٿو ته سنڌ حڪومت غريب عوام جي نه پر امير طبقي جي حڪومت آهي. ياد رهي ته گذريل مهيني چنگچي رڪشائن تي اها پابندي سي آر پي سي جي سفارش تي سي آر پي سي جي سيڪشن 144 تحت لڳائي وئي آهي. اختيارين موجب شاهراهه فيصل، آءِ آءِ چندريگر روڊ، شهيد ملت روڊ سميت اهم شاهرائن تي چنگچي رڪشائون هلائڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. اهڙو فيصلو ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي جي صدارت هيٺ ٿيل ٽرانسپورٽ جي مسئلن بابت اجلاس ۾ ڪيو ويو. اختيارين جو چوڻ آهي ته غير مجاز ۽ هٿرادو روٽن تي هلندڙ رڪشا ٽريفڪ جي رواني ۾ رنڊڪ بڻجي رهيا آهن.

اسان سمجهون ٿا ته اهو فيصلو غريب عوام تي ظلم آهي ته ان کان سستي ۽ تيز ٽرانسپورٽ جي سفري سهولت کسجي. شاهرائن تي هر قسم جون گاڏيون هلن ٿيون، ڏينهن ڏٺي جو هيوي گاڏيون به هلن ٿيون، ٽيڪسيون عام رڪشائون به عام جام هلن مزدا بسون ۽ ڪوچون به هلن بس رڳو چنگچي رڪشائون نه هلن جو اهي غريب عوام کي سستي ۽ تيز سفري سهولت مُهيا ڪن ٿيون ۽ غريب عوام کي چنگچي رڪشائن هلائڻ ذريعي سٺو روزگار ملي ٿو.

 اسان جون هي حڪومت نالي ۾ عوامي حڪومتون سڏائينديون آهن پر هونديون اميرن جو حڪومتون آهن جنهن جو مثال چنگچي رڪشائن تي پابندي واري هي فيصلو آهي. اسان سنڌ حڪومت جي انهن ڪوششن کي ساراهيو هيو ته ان جديد ٽرانسپورٽ ڪراچي ۾ آندي آهي پر اهي هاڻي به ناڪافي آهن. انهن ريڊ بسن ۾ ويهڻ جي گهٽ پر بيهي سفر ڪرڻ جي تڪليف وڏي آهي. بهرحال  هڪ سهولت ڏئي ٻي کسڻ درست فيصلو ناهي.هن ايڊيٽوريل ذريعي اسان غريب عوام جي نمائندگي ڪندي سنڌ حڪومت کي چونداسين ته اها چنگچي رڪشائن تي پابندي واري فيصلي تي فوري طور نظرثاني ڪري اهو واپس وٺي. غريب عوام کي چنگچي رڪشائن جي  سفري سهولت کپي. هن سنڌ حڪومت کي چونداسين ته اها چنگچي رڪشائن تي پابندي واري فيصلي ته نظرثاني ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.