اوٽاوا (حنيف دوامي) پوليس جي تقريبن سڀني ضلعي ايس ايس پيز، ڊي آءِ جيز ۽ ايڊيشنل آءِ جيز تي رشوت خوري ۽ بي ايماني جا الزام لڳندا آهن،اهي پنهنجا اختيار وڪڻن ٿا. البته، ڪجهه اهڙا ناياب ماڻهو به آهن، جيڪي حلال رزق ڪمائڻ جا جتن ڪن ٿا ڊي آءِ جي عثمان غني صديقي جي باري ۾ بھ اھڙو تاثر آھي، جن کي تازو ئي ذاتي ناپسنديدگي يا نسلي بنيادن تي اي زون مان هٽائي آر آر ايف جو ڊي آءِ جي مقرر ڪيو ويو. عثمان غني صديقي پنهنجي ذاتي رڪشي کي ٽاڪو فوڊ ٽرڪ ۾ تبديل ڪري ھلائي رھيوآھي. هي ٽرڪ توهان کي ڪلفٽن، بوٽ بيسن، سي ويو ۽ ڊفينس جي مختلف علائقن ۾ نظر ايندو.عثمان غني صديقي ۽ انهن جي گهر واري گڏجي هي ڪاروبار ڪندا آهن، جڏهن به هن جي پوسٽنگ ڪنهن آفيس ۾ ٿئي ٿي، ته آفيس جي وقت کان پوءِ پنهنجو هي رزقِ حلال جو ڪاروبار ڪندو آھي،هو ٻين ڊي آءِ جيز وانگر ناهي، جيڪي پنهنجن اختيارن کي کلي عام وڪڻندا آهن، ٻيا ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز ڪروڙين رپيا حرام ۾ ڪمائين ٿا، پر عثمان غني صديقي پنهنجي پگهر جي ڪمائي تي يقين رکي ٿو ٻيا پوليس آفيسر پراپرٽي، ريستورنٽ، گاڏين جي ڪرائي واري ڪاروبار ۾ شريڪ آهن،.هڪ ڀيرو جڏهن هو بوٽ بيسن تي ٽاڪو فوڊ وڪرو ڪري رهيو هو، ته ايڊيشنل آءِ جي وٽس آيو ۽ حيرت مان پڇيائين ته تون ڇا پيو ڪرين؟ هي ته پوليس جي شان جي خلاف آهي. ان تي عثمان غني صديقي جواب ڏنو ته جڏهن مغل بادشاهه اورنگزيب ٽوپيون سئي ڪري رزقِ حلال ڪمائيندو هو ته مان ته رڳو هڪ معمولي سرڪاري آفيسر آهيان، رزقِ حلال لاءِ ڪمائڻ تي ڪا شرم جي ڳالهه ناهي. مون کي ته توھان جي همت افزائي ڪرڻ گھرجي ها، بجاءِ منهنجي بي عزتي ڪرڻ جي.اهو منظر هڪ عورت به ڏٺو جنهن ميڊيا نمائندي کي ٻڌايو ته ايڊيشنل آءِ جي بدران عثمان غني صديقي کي داد ڏيڻ گهرجي ها، ڇو ته حلال روزي ڪمائڻ ۾ ڪا گهٽتائي ناهي.آخر ۾ چيو ويو ته عثمان غني صديقي جو خاندان وڏو معزز آهي،هن جو چاچو بشير احمد خان صديقي به سنڌ پوليس جو آءِ جي هئو، جنهن جنرل ضياء الحق جي دور ۾ سنڌ مان ڌاڙيلن جو خاتمو ڪيو هو. اها ئي ايمانداري عثمان غني صديقي ۾ به آهي، جنهن حلال روزي لاءِ هن رستو اختيار ڪيو آهي.