غلام مصطفيٰ سولنگي جي ڪتاب ”ڊجيٽل دور جا ڊجيٽل ٻار“ جو اڀياس

تحرير: ڊاڪٽر اظهر علي شاھ

انساني ۽ سماجي علم جي ماهرن مطابق پنجويهن کان ٽيھن سالن جي دور ۾ ڄمندڙ سمورن انسانن کي هڪ نسل يا جنريشن چيو وڃي ٿو جنهن بعد اهو نسل وري ٻئي نسل کي جنم ڏئي ٿو ۽ اھڙي طرح نسلن جو تسلسل جاري رهي ٿو. ساڳئي خطي ۾ رهندڙ هڪ نسل جون سياسي، سماجي، معاشي، علمي، ادبي، سائنسي ۽ ثقافتي حالتون، ذميداريون ۽ ضرورتون ته گهڻي ڀاڱي هڪجهڙيون ٿين ٿيون پر هڪ خطي جا اثر ٻين خطن تي پڻ پوندا رهيا آهن تنهڪري مجموعي طرح سمورن انسانن کي عالمي سطح تي نسلن جي درجابندي ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. گڏوگڏ اها پڻ حقيقت آهي ته هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين مٿي ذڪر ڪيل سموريون حالتون مختلف ۽ منفرد بڻجي وڃن ٿيون. مثال طور مغربي دنيا جي پسمنظر ۾ نسلن جي درجابندي مطابق 1883ع کان 1900ع تائين جنم وٺندڙن کي گم ٿيل نسل (لاسٽ جنريشن) چيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته هي اهو نسل آهي جنهن 1914ع ۾ شروع ٿيندڙ پهرين عالمي جنگ ۾ حصو ورتو ۽ جنگ جي تباهڪارين بعد حيران، پريشان ۽ مايوس ٿي ويا. آمريڪي ناول نگار ارنسٽ هيمنگوي 1926ع ۾ هن جنريشن جو اصطلاح پنهنجي ناول ”سج پڻ اڀري ٿو“ (دي سن السو رائزز) ۾ استعمال ڪيو. ساڳي طرح سان 1901ع کان 1927ع تائين جنم وٺندڙن کي عظيم نسل (گريٽيسٽ جنريشن) چيو وڃي ٿو. هي اهو نسل آهي جنهن ٻين عالمي جنگ کي منهن ڏنو ۽ ان جنگ بعد وڏي ۾ وڏي معاشي بحران جو شڪار ٿيا. 1998ع ۾ آمريڪي صحافي ٿامس بروڪا هن نسل جو اصطلاح پنهجي ڪتاب ”دي گريٽيسٽ جنريشن“ ۾ استعمال ڪيو جنهن بعد اهو اصطلاح مشهور ٿي ويو. 1928ع کان 1945ع تائين جنم وٺندڙن کي خاموش يا روايتي نسل چيو وڃي ٿو. هي نسل ٿوري تعداد ۾ هيو ڇاڪاڻ ته معاشي بحران جيڪري عظيم نسل گهٽ ٻار پيدا ڪيا. خاموش نسل اهو نسل آهي جنهن ٻين عالمي جنگ بعد جوڀن ماڻيو. هن نسل ۾ اڪثر اهي اچي وڃن ٿا جن ڪورين ۽ ويٽنامي جنگن کي منهن ڏنو. 1946ع کان 1964ع تائين جنم وٺندڙن کي بيبي بومرز چيو وڃي ٿو. هن نسل کي سائنس، ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ صحت سان گڏ معاشي خوشحالي نصيب ٿي. هن نسل ۾ ٻارن جو تعداد وڌڻ ڪري چين ۾ صرف هڪ ٻار ڄڻڻ جي پاليسي پڻ لاڳو ٿي. 1965ع کان 1980ع تائين جنم وٺندڙن کي نسل/جنريشن ايڪس چيو وڃي ٿو. هن نسل جا سماجي قدر تمام گهڻا تبديل ٿيا ۽ انهن کي ليچ ڪي نسل پڻ چيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته جڏهن اسڪول مان واپس ٿيندا هئا ته گهر خالي هوندا هئا ۽ هنن وٽ چاٻي هوندي هئي جڏهن ته سندن والدين روزگار سان ويل هوندا هئا. هي اهو وقت هو جڏهن ٻارن لاءِ ڊي ڪيئر وغيرھ شروع نه ٿي هئي. هن دور ۾ فلمن ۽ وڊيو گيمز جي شروعات ٿي، ڪميونزم آخري پساهن ۾ جڏهن ته سرمائيداري نظام ڦهلجڻ لڳو. 1981ع کان 1996ع تائين جنم وٺندڙن کي نسل/جنريشن واء يا ملينيئلز چيو وڃي ٿو. هي پهريون نسل آهي جنهن انٽرنيٽ سان گڏ واڌ ويجهه ڪئي تنهڪري انکي عالمي نسل (گلوبل جنريشن) پڻ چيو وڃي ٿو. ڊجيٽل نيٽو يا ڊجيٽل ٻار جي اصطلاح جي شروعات هن نسل کان ٿي ۽ ان بعد سمورا نسل ڊجيٽل ٻار جي اصطلاح سان سڃاتا وڃن ٿا. هي نسل ۽ ان کان بعد وارا نسل تمام تيزيء سان ۽ تمام آرام سان ڪمپيوٽر، موبائيل ۽ سوشل ميڊيا ذريعي ڊجيٽل انفرميشن شئر ڪري سگهن ٿا. هن نسل جو ٽيڪنالاجي سان ايترو ته واهپو ٿيو جو چيو وڃي ٿو ته دماغ جي سوچڻ جي طور طريقن ۾ ضرور تبديلي آئي هوندي.

1997ع کان 2012ع تائين جنم وٺندڙن کي نسل/جنريشن زيڊ چيو وڃي ٿو. هي پهريون نسل آهي جنهنکي ڄمڻ سان انٽرنيٽ، ڪمپيوٽر ۽ موبائل جي موجودگي حاصل ٿي تنهڪري اهي جنريشن واء کان وڌيڪ ڊجيٽل نيٽو سمجھيا وڃن ٿا ۽ انهن ۾ اسڪرين ٽائيم جي مثبت اثرن سان گڏ منفي اثرن پڻ جنم ورتو. اسڪرين ٽائيم جو مطلب آهي ته ٻار ڪيترو وقت اليڪٽرانڪ ڊوائس جي ڊسپلي اسڪرين استعمال ڪري ٿو جنهن ۾ موبائيل، ٽيبليٽ، ڪمپيوٽر، ٽيليويزن، وڊيو گيم وغيره اچي وڃن ٿيون. جديد تحقيق مطابق اسڪرين ٽائيم ٻار جي ذهني ۽ جسماني واڌ ويجهه تي مثبت يا منفي اثرن سان لاڳاپيل آهي. منفي يا مثبت اثرن جو مدار وقت سان گڏ مواد تي پڻ هوندو آهي ته ٻار ڪيترو وقت ۽ ڪهڙي مواد ۾ دلچسپي وٺي ٿو. اسڪرين ٽائيم جي منفي اثرن جي خاتمي لاءِ ڪجهه حڪومتن قائدا ۽ قانون پڻ متعارف ڪرايا آهن. مثال طور 2015ع ۾ تائيوان جي حڪومت ”چائلڊ اينڊ يوٿ ويلفيئر اينڊ پروٽيڪشن ايڪٽ“ جهڙي قانون تحت مائٽن کي ذميوار بڻايو ويو ته اهي ارڙهن سالن کان گهٽ عمر وارن پنهجي ٻارن جي اسڪرين ٽائيم جي چڪاس ڪن ۽ انهن کي حد کان وڌيڪ اسڪرين ٽائيم نه ڏين ٻي صورت ۾ مائٽن کي ڏنڊ ڀرڻو پوندو. هن قانون مطابق ٻن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي ٻڙي برابر اسڪرين ٽائيم ڏيڻ گهرجي يعني انهن کي اليڪٽرانڪ ڊوائسز کان پري رکيو وڃي. ٻن کان پنجن سالن جي عمر جي ٻارن کي هڪ ڏينهن ۾ هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ اسڪرين ٽائيم نه هئڻ گهرجي ۽ اهو به مائٽن، ڀينرن، ڀائرن سان گڏ استعمال ڪرڻ گهرجي.  ………. (هلندڙ)

ڇھن کان سترهن سالن جي ٻارن کي هوم ورڪ ۽ تعليمي مقصدن کان علاوه وڌ ۾ وڌ ٻه ڪلاڪ هڪ ڏينهن ۾ اسڪرين ٽائيم ملڻ گهرجي. جڏهن ته بالغن کي هڪ ڏينهن ۾ ڪم ڪار جي لحاظ سان اٺ ڪلاڪ ۽ تفريح جي لحاظ کان ٻه ڪلاڪ اسڪرين ٽائيم هئڻ گهرجي. هنن حدن کان وڌيڪ اسڪرين ٽائيم نه صرف صحت لاء هاڃيڪار آهي پر بلڪل اهڙي طرح غير قانوني ۽ غير اخلاق آهي جيئن سگريٽ نوشي، شراب ۽ ڊرگس وغيره.  اهڙا قانون چين، ڏکڻ ڪوريا ۽ ٻين ملڪن ۾ پڻ متعارف ٿي چڪا آهن. يوٽيوب سميت ڪيترن ئي انٽرنيٽ برائوزرن ۾ والدين کي ڪنٽرول ڏنو ويو آهي ته هو ٻارن جي اڪائونٽ جي سيٽنگ ڪري سگهن ته جيئن هو هاڃيڪار مواد کان محفوظ رهي سگهن. ساڳي طرح سان سوشل ميڊيا تي ڪابه پوسٽ شئر ڪرڻ يا ڪمينٽ لکڻ کان پهرين ٿنڪ قائدي (THINK Rule) تي عمل ڪرڻ گهرجي. ٿنڪ قائدي مطابق پوسٽ يا ڪمينٽ کان پهرين پاڻ کان هي سوال پڇو ته ڇا اهو سچ اهي؟ ڇا اهو مدد ڪندڙ اهي؟ ڇا اهو اتساهيندڙ آهي؟ ڇا اهو ضروري آهي؟ ۽ ڇا اهو شفقت وارو اهي؟ جيڪڏهن هنن مان ڪنھن به سوال جو جواب مثبت نه هجي ته اهڙي پوسٽ يا ڪمينت شئر نه ڪرڻ گهرجي.

THINK Rule:

T –  is it True?

H –  is it Helping?

I   – is it Inspiring?

N  – is it Necessary?

K   – is it Kind?

ڊجيٽل ٻار جنريشن زيڊ جو هجي يا ان کانپوءِ يعني 2012ع کان 2025ع تائين جنم وٺندڙ جن کي جنريشن الفا چيو وڃي ٿو ۽ 2025ع کان 2039ع تائين جنم وٺندڙ جنکي جنريشن بيٽا چيو وڃي ٿو، سي جيئن پوءِ تيئن انٽرنيٽ، ڪمپيوٽر، موبائيل ۽ ٻين اليڪٽرانڪ ڊوائسز جي استعمال ۾ وڌيڪ اڳڀرا سمجھيا وڃن ٿا تنهڪري انهن سمورن ٻارن ۽ سندن والدين جي رهنمائي لاء وڌ کان وڌ مواد شايع ٿيڻ گهرجي ته جيئن اسڪرين ٽائيم جي منفي اثرن متعلق آگاهي پيدا ڪري سگهجي ۽ گڏوگڏ تعليمي ۽ تربيتي مقصدن لاءِ اسڪرين ٽائيم جي مثبت ڪردار لاءِ پڻ آگاهي پيدا ڪرڻ گهرجي.

ڊجيٽل دور جي ڊجيٽل ٻار ۽ سندن والدين جي رهنمائي لاءِ لاءِ خاص ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ مواد جي تمام گهٽتائي آهي ۽ ساڳي طرح سنڌ حڪومت پڻ ڊجيٽل دور جي ڊجيٽل ٻارن جي تحفظ لاءِ ”چائلڊ اينڊ يوٿ ويلفيئر ايڪٽ“ جهڙا قانون متعارف نه ڪرائي سگهي آهي تنھڪري سنڌ جي ساڃهوندن، اديبن ۽ ليکڪن کي هن ڏس ۾ ضرور ڪوششون وٺڻ گهرجن ۽ اهڙي ڪوشش ڪندي محترم غلام مصطفيٰ سولنگي ”ڊجيٽل دور جا ڊجيٽل ٻار“ جهڙو ڪتاب لکي سنڌي ٻولي، ادب ۽ معاشري لاءِ هڪ اعلي مثال قائم ڪيو آهي.

8 مارچ 1976ع  تي ڀان سعيد آباد ڀرسان ڳوٺ ڳهيلا ۾ جنم وٺندڙ غلام مصطفيٰ سولنگيءَ جو تعلق جنريشن ايڪس سان آهي ۽ هي اهو نسل آهي جڏهن سماجي قدر تبديل ٿيا. انهن تبديل ٿيندڙ سماجي قدرن جي پرک ڪندي غلام مصطفيٰ سولنگي 1990ع واري ڏهاڪي کان صحافت سان گڏ ادب، شاعري ۽ خاص ڪري ٻاراڻي ادب ۾ مسلسل تخليقون پيش ڪندي هن وقت تائين 32 ڪتاب شايع ڪري چڪو آھي جن جي فهرست هن ڪتاب جي آخر ۾ ڏنل آهي. سندس لکيل ڪجهه ڪتابن کي سگا ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران انعام پڻ ملي چڪا آهن. تنهڪري سنڌ جي ادبي دنيا ۾ محترم غلام مصطفي سولنگي هڪ سڄاڻ سرجڻھار طور شناخت ماڻي ورتي آهي. سندس تحرير ڪيل ڪتاب ”ڊجيٽل دور جا ڊجيٽل ٻار“ نه صرف عنوان ۽ موضوع جي لحاظ سان تمام دلچسپ ۽ اهم آهي پر ان ۾ پيش ڪيل مواد پڻ ملٽيميڊيا يعني ٽيڪسٽ سان گڏ تصويرن تي پڻ مشتمل آهي جنهن سان هي ڪتاب پڻ ڊجيٽل رنگن ۾ سمائجي ويو آهي. سندس اهڙي انداز کي ساراهيندي مون پڻ ڪوشش ڪئي آهي ته هن مهاڳ ۾ پڻ ٽيڪسٽ سان گڏ هڪ تصوير پڻ هئڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اها چوڻي به آهي ته ”هڪ تصوِير هڪ هزار لفظن کان وڌيڪ معني سمائي سگهي ٿي“!

غلام مصطفيٰ سولنگي جي ڪتاب ”ڊجيٽل دور جا ڊجيٽل ٻار“ جي شروعات نئين دور جي نئين ٽيڪنالاجي ۽ ان ٽيڪنالاجي سان جڙيل فائدن ۽ نقصانن جي آگاهي کان وٺي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ ڪارگر ويب سائيٽس ۽ ويب چينلس جي نشاندهي ڪن ٿا ۽ گڏوگڏ والدين جي رهنمائي لاءِ پڻ تمام سٺو مواد پيش ڪن ٿا ته جيئن اهي پنهجي ٻارن کي ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي هاڃيڪار اثرن کان محفوظ ڪري سگهن. نئين نسل جي ٻارن جي راند روند ۽ ٻين سرگرمين کي گذريل نسلن جي راندين ۽ ٻين سرگرمين سان ڀيٽي سماجي تبديلي ۽ ارتقا جي عمل کي نروار ڪندي ان سماجي ارتقا ۽  نواڻ کي انساني ڀلائي لاءِ استعمال ڪرڻ جا دڳ ٻڌائي ٿو. مثال طور هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته ”ٻارن کي تعليمي ايپس، علمي چينلز ۽ مفيد ڪتابن سان متعارف ڪرائڻ گھرجي، جهڙوڪ: يو ٽيوب ڪڊس ( YouTube kids),  خان اڪيڊمي ڪڊس (khan academy kids), آنلائن ڪورسز ( coursera, udemy). ٻارن کي آن لائن محفوظ رکڻ لاءِ والدين جو ڪنٽرول استعمال ڪرڻ گهرجي جيئن گگل فيملي لنڪ (Google Family Link, Qustodio). غير ضروري ايڊز ۽ نامناسب مواد کان بچاءُ لاءِ سيف سرچ ۽ ايڊ بلاڪ  (AdBlock ۽ SafeSearch) آن ڪجي. ٻارن کي سوشل ميڊيا تي ذاتي معلومات يعني نالو، پتو، اسڪول جو نالو وغيره شيئر ڪرڻ کان روڪيو وڃي. نظر جي ڪمزوري کان بچاءُ لاءِ 20-20-20 قائدو يعني هر 20 منٽ بعد 20 سيڪنڊن لاءِ وقفو ڪري 20 فٽ پري واري ڪنهن به شئي کي ڏسڻ گهرجي. روزانو 1 ڪلاڪ کان وڌيڪ ورزش يا ٻاهر راند ڪرڻ گهرجي. ننڊ جو وقت متاثر نه ٿيڻ گهرجي، ان لاءِ رات جو ڊوائيس بند ڪرڻ گهرجي“.

مٿي ڏنل اقتباس مان معلوم ٿئي ٿو ته محترم غلام مصطفيٰ سولنگي جو ڪتاب ”ڊجيٽل دور جا ڊجيٽل ٻار“ نه صرف اڄوڪي دور جي ٻارن پر سندن والدين ۽ استادن سان گڏ تعليمي سياسي سماجي ادارن جي آگاهي لاءِ پڻ تمام اهم حيثيت رکي ٿو. هن قسم جي ڪتابن جي مطالعي سان جديد دور جي تقاضائن مطابق نوان قانون ۽ قائدا ٺاهڻ جو شعور ملي ٿو ۽ اسان اميد ڪريون ٿا ته سنڌ جي ٻارن جي بهتر مستقبل لاءِ تائيوان، چين ۽ ٻين ملڪن جيان سنڌ اسيمبلي مان پڻ ”چائلڊ اينڊ يوٿ ويلفيئر اينڊ پروٽيڪشن ايڪٽ“ جهڙا قانون ۽ قائدا منظور ٿيڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.