ڪي اليڪٽرڪ گذريل ڪيترن ئي سالن کان نه رڳو ڪراچي وارن لاءِ اذيت بڻيل آهي، پر ان جي انتظامي روين، غير سنجيده پاليسين ۽ جوابدهيءَ کان انڪار ڪندڙ روش جي ڪري سڄي سنڌ اسيمبليءَ جمهوريت ۽ عوام جي منڊيٽ کي به لتاڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. تازو سنڌ اسيمبليءَ جي توانائي بابت خاص ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او پاران ڏيکاريل غرور، بي ادبي ۽ بي پرواهي جو مظاهرو سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ صحافتي حلقن لاءِ وڏي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. ان اجلاس ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو رڳو لوڊشيڊنگ جي معاملي تي پڇا ڳاڇا نه هئي، پر اهو هڪ ادارتي تڪرار جو اونو به هو، جنهن ۾ هڪ خانگي بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپني، ملڪ جي چونڊيل نمائندن کي بي عزت ڪرڻ جي حدن کي پار ڪري ڇڏيو.
جنهن انداز سان ڪي اليڪٽرڪ جو سي اي او اسيمبليءَ جي اجلاس دوران مخاطب ٿيو، ان مان ظاهر آهي ته هُن پاڻ کي ڪنهن به قانون يا نظام کان بالاتر سمجهي ٿو. جڏهن اسيمبلي ميمبرن، جن ۾ حڪومتي ۽ مخالف ڌُرين جا نمائندا شامل هئا، کيس واضح سوال پڇيا ته ڪراچي ۾ ايتري شدت واري اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڇو ٿي رهي آهي؟ ته هن نهايت گستاخي سان جواب ڏنو ته ”لوڊشيڊنگ ختم نه ٿيندي، جيڪو ڪرڻو آهي، ڪري وٺو.“ اهو جملو صرف هڪ فرد جي بي ادبي نه هئي، پر اهو چونڊيل ادارن جي توهين هئي.
سي اي او جڏهن وڌيڪ تڪبر سان چيو ته ”مان ڪنهن کي جوابده نه آهيان، جيڪو سوال ڪرڻو آهي، منهنجي آفيسرن کان پڇو“ ۽ ان کانپوءِ بي ادبي سان اجلاس مان اٿي هليو ويو، ته ان لمحي اسيمبلي ميمبرن جا چهرا خاموش احتجاج بڻجي ويا. ائين لڳو ڄڻ هڪ خانگي ڪمپني جو نمائندو رياست جي سموري اسيمبليءَ ان جي ميمبرن ۽ عوامي مينڊيٽ تي ٿُڪ ڏئي هليو ويو هجي. اهو عمل رڳو سنڌ اسيمبلي جي بي عزتي نه هو، پر جمهوريت جي انهن قدرن جي تذليل هئي، جن جي بنياد تي هر اداري کي پارليامينٽ آڏو جوابده هجڻ گهرجي.سوال هي آهي ته آخر هڪ خانگي ڪمپني جو سربراهه، جنهن جو وجود ئي سرڪاري پاليسين، نوان لايسنس، ٽيرف اپروول ۽ عوامي سهولتن جي نالي تي قائم آهي، اهو پاڻ کي ڪنهن قانون جي دائري کان ٻاهر ڇو سمجهي ٿو؟ ڪي اليڪٽرڪ جو سي اي او جيڪڏهن اسيمبليءَ جي چونڊيل نمائندن کي نظرانداز ڪري، انهن جي تذليل ڪري، ۽ عوامي نمائندن کي اهو چئي بي دخل ڪري ته ”تو جهڙا ڪيترائي آيا آهن“، ته پوءِ اها رياست لاءِ خطرناڪ صورتحال آهي.
اهو معاملو محض بجلي جي لوڊشيڊنگ جو ناهي. اها ڳالهه ادارن جي بالادستي، عوامي اختيارن ۽ چونڊيل ادارن جي وقار جي آهي. جڏهن ڪي اليڪٽرڪ جهڙي خانگي ڪمپني کي ايترو اختيار حاصل ٿي وڃي جو هو حڪومتي ڪميٽين، اسيمبلي ميمبرن ۽ پبلڪ اڪائونٽبلٽي جي اصولن کي پيرن هيٺيان لتاڙي، ته پوءِ اها صورتحال جمهوريت جي موت جي علامت آهي.
اسيمبليءَ جي اجلاس دوران مختلف جماعتن جي نمائندن جيڪو احتجاج ڪيو ۽ جنهن انداز سان نعرا هڻيا ويا: غنڊا گردي نه هلندي، لوڊشيڊنگ نامنظور، گهٽي گهٽي ۾ گوڙ آهي، ڪي اليڪٽرڪ چور آهي. اهي نعرا صرف سياسي جذبات نه هئا، پر هڪ عام شهري جي تڪليفن جو ترجمان آواز هئا. انهن نعرا هڻندڙن جي پويان ڪراچي جا لکين رهواسي بي وس بيٺل آهن، جن جا ٻار اونهاري جي تپش ۾ پياسا سمهندا آهن، جن جا ڪاروبار بند پون ٿا، جن جي بيمار ڀيڻ، زال ۽ ماءُ علاج کان محروم رهي ٿي.
اها صورتحال ان وقت وڌيڪ حساس بڻجي وئي، جڏهن جماعت اسلامي جي فاروق اهو سوال اٿاريو ته گذريل اجلاس ۾ طئي ٿيو هو ته رات جو لوڊشيڊنگ نه ٿيندي، پوءِ اهو شيڊول ڪنهن جي اجازت سان، ڪيئن ۽ ڇو تبديل ٿيو؟ ساڳيءَ وقت پيپلز پارٽي جي آصف موسا اهو نُڪتو به اٿاريو ته ڪجهه واپاري پنهنجي بجلي فراهميءَ واري ڪمپني آڻڻ چاهين ٿا، جنهن جي ڪي اليڪٽرڪ مخالفت ڪري رهي آهي. ان مان واضح ٿئي ٿو ته ڪي اليڪٽرڪ رڳو بجلي فراهم ڪرڻ وارو ادارو نه رهيو آهي، پر هاڻ اهو ڪراچي تي پنهنجو معاشي ۽ انتظامي قبصو قائم ڪرڻ چاهي ٿو. ان جو مطلب آهي ته نه صرف اختيار، پر مقابلي جي آزاديءَ تي به حملو ٿي رهيو آهي.
جڏهن اسيمبلي ميمبرن ڪي اليڪٽرڪ جي نمائندن کي مخاطب ڪري چيو ته توهان غريب ماڻهن کي اذيتون ڏئي رهيا آهيو، ۽ آزاد ميمبر سجاد سومري سي اي او کي موبائل تي مسلسل مصروف ڏسي پڇاڻو ڪيو ته هاڻي نه ڪجو، ته ان مان صاف ظاهر آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او ۾ نه پارلياماني آداب جي عزت آهي، نه جمهوريت جي سمجھه اهڙن روين سان ادارتي بحران پيدا ٿيندا، ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهو پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهن ٿا.
اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي جيڪا ڳالهه ڪئي، اها سموري صورتحال جو عڪس آهي. هن چيو ته ”جڏهن اسيمبلي ميمبرن سان هيئن ٿئي ٿو ته عام ماڻهن سان ڇا ٿيندو هوندو؟“ اهو سوال دل ڏاري ٿو. جيڪڏهن ادارا چونڊيل نمائندن سان به هٺ ڌرمي سان پيش اچن، ته پوءِ ڪراچي جي عام شهرين سان انهن جو رويو ڪيترو بي رحم هوندو؟ ۽ جيڪڏهن ڪو ادارو اسيمبليءَ کي به اهميت نه ڏي، ته پوءِ اتي قانون جي حڪمراني ڪٿي آهي؟ مونس علوي جي اها ڳالهه ته ”ملٽي ايئر ٽيرف سان عام صارف متاثر نه ٿيندو“، پڻ غلط فهمي تي ٻڌل بيان لڳي ٿو. جتي چار ڪلاڪن جي اجلاس کانپوءِ عوام لاءِ چئن منٽن جي به خاطري نه ملي، اتي ٽيرف جا حساب ڪتاب رڳو منافعي واري حساب سان ٿين ٿا. ڪي اليڪٽرڪ جو اصل مسئلو ڪارڪردگي ناهي، پر نيت آهي. هڪ اهڙو نظام جنهن ۾ عوام کي بنا اطلاع جي لوڊشيڊنگ جي اذيت ڏني وڃي، جيڪا صحت، تعليم، ڪاروبار، واپار، ۽ گهريلو زندگين کي متاثر ڪري، ان کي جوابده نه سمجهڻ جو لاڙو جمهوريت سان دشمني جي مترادف آهي.
.ساڳئي وقت وفاقي حڪومت، نيپرا، ۽ ٻين نگران ادارن کي به فوري نوٽيس وٺڻ گهرجي ته ڇا ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي ٽيرف، لوڊشيڊنگ، ۽ سروس ڊيلوريءَ جي حوالي سان ان قابل آهي ته ان کي اڃا به ڪراچيءَ جو اختيار سونپيو وڃي؟ جيڪڏهن جواب نه آهي، ته پوءِ متبادل رستا، ڊسٽريبيوشن ڪمپنيون، يا مقامي سطح تي بجلي فراهميءَ جو نظام ٺاهڻ لاءِ حقيقي قدم کنيا وڃن.