آبپاشي کاتي جي نااهلي سبب سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ختم نه پئي ٿئي:سنڌ آبادگار اتحاد

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ آبادگار اتحاد جو ماھوار اجلاس صدر نواب زبير احمد ٽالپر جي صدارت م حيدرآباد ۾ ٿي گذريو اجلاس ۾ مورو واقعي جي سخت مذمت ڪئي وئي. اجلاس ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته سسٽم ۾ پاڻي ھجڻ باوجود به سنڌ جي آبپاشي کاتي جي نااھلي سبب پاڻي کوٽ ختم نه پئي ٿئي شاخون ۽ واٽر وڪرو ڪيا ويا آھن. انھن جا وڏا اگهھ ھنيا ويا آھن ۽ پاڻي ڪلاڪن جي حساب سان وڪرو ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي ھر شاخ جي پڇڙيءَ ويران آھي پکين جانورن لاءِ به پاڻي ناھي. اجلاس ۾ چيو ويو ته حڪومت ڦٽيءَ جي پوکي جو ھدف ته مقرر ڪيو آهي مگر پاڻي جي ھٿرادو کوٽ سبب اھو پورو نه ٿي سگھندو. اجلاس ۾ سنڌ اندر نقلي ٻج ڀاڻ زھرن جي وڪري تي به ڳڻتي ظاھر ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته زراعت کاتي م ڪرپشن جي جاچ اڻڌري ڪرائي ذميوارن کي سزا ڏني وڃي. اڳواڻن چيو ته  بجيٽ ۾ سنڌ جي آبادگارن کي خصوصي ريليف ڏنو وڃي زرعي قرضن ۾ سنڌ کي اوليت ڏئي ميرٽ ۽ بنا وياج آسان قسطن تي زرعي قرض ڏنا وڃن. اجلاس ۾ چيو ويو ته پنجاب ڦٽي جو ھدف 35 لک ايڪڙ رکيو آھي. جنھن مان 30 لک ايڪڙ تي پوکي مڪمل ڪري ڇڏي آھي ۽ سنڌ حڪومت 16 لک ايڪڙ جو ھدف رکيو مگر ھن وقت تائين صرف 6 لک ايڪڙ پوکي ٿي سگھي آھي. اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته زرعي انڪم ٽيڪس وارو فيصلو واپس ورتو وڃي موسميات کاتي جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي کليل ڍورن سم نالن جي مرمت ڪرائي وڃي ، اجلاس ۾ ميان شاداب کي سنڌ آبادگار اتحاد ضلع شڪارپور جو صدر مقرر ڪيو ويو. اجلاس ۾ عبدالحق زئور محمد انوار ڪمبوھ خان محمد ڪمبوھ سيف الله گل حاجي عبدالرحيم درس حاجي سجاد ميمڻ جاويد رياڙ شريف نظاماڻي جھان خان لغاري راجاحيدر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.